خاص

خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو

چارسده سان تعلق رکندڙ محمد اعظم خان کي 21 جنوري 2023 تي خيبر پختونخواهه جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو لاڏاڻو ڪري ويو. گذريل ڏينهن محمد اعظم خان جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي هئي، اعظم خان کي پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد اعظم خان کي دل جي تڪليف سبب اسپتال آندو ويو. اعظم خان اسپتال جي آءِ سي يو ۾ دم ڏنو. اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته وزير اعليٰ جي انتقال کانپوءِ ڪابينا تحليل ٿي وئي ۽ صوبي جا سڀئي آئيني اختيار گورنر ڏانهن هليا ويا.