ناسا 13 سالن کان گم ٿيل سيٽلائيٽ ڳولهي لڌو
آمريڪي اداري ناسا پاران گم ٿيل سيٽلائيٽ ڳولهي ورتو ويو آهي. هن سيٽلائيٽ کي هڪ ماهر فلڪيات اسڪاٽ ٽلي ڳولهي ناسا کي ان جو اطلاع ڏنو آهي. هن سيٽلائيٽ جو نالو Image for magnetopause to aurora global exploration (IMAGE) آهي، جيڪا 25 مارچ سال 2000 تي خلا ۾ موڪلي وئي هئي پر 2005 ۾ ان جو رابطو ناسا سان ٽٽي ويو هو ۽ 2007 ۾ ان جي تلاش کي ختم ڪيو ويو هو، جنهن بعد هاڻي 13 سالن کانپوءِ ان سيٽلائيٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته هن سيٽلائيٽ تي ناسا پاران سال 2002 ۾ 132 ملين ڊالر خرچ ڪيا ويا هئا. هن سيٽلائيٽ جو مقصد خلا جون تصويرون ڪڍي زمين تي موڪلڻ هو.

