ايڊيٽوريل

سال 2023 جا تجربا ۽ ايندڙ سال لاءِ اميدون

سال 2023 اسان لاءِ غير معمولي سال هو. جڏهن 14 آگسٽ 2023 تي چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي حڪومت تشڪيل ڏني. ائين صوبن ۾ به نگران سرڪارون جوڙيون ويون جيئن اهي 8 فيبروري 2024ع تائين سرڪار جو ڪاروهنوار هلائين ۽ چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪن. سال 2023ع جيئن ته اقتصادي ۽ مالياتي لحاظ کان ڏکيو سال هو. ڇاڪاڻ جو تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان جو وڏو مالياتي ۽ اقتصادي نقصان ڪري چڪي هئي ۽ اسان کي آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻو پيو. ملڪ ۾ سال 2022 ۽ 2023 جي شروع تائين ڊفالٽ ٿيڻ جو جيڪو خطرو هو اهو ٽري ويو. پي ڊي ايم سرڪار جي کنيل قدمن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي بروقت امداد ملڪ کي بحران مان ڪڍي ورتو. معاشي ۽ عالمي ماهر اهو چون ٿا ته ملڪ جيڪو مالياتي طور ٻڏي رهيو هو، اهو انهيءَ خطري مان ٻاهر اچي چڪو آهي. ان جي باوجود ڪجهه سياسي عنصر اهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ عدم استحڪام هجي، پر اسان کي اهو يقين آهي ته 2023ع ۾ اسان پنهنجن معاملن کي صحيح ڪيو آهي، انتها پسنديءَ کي منهن ڏنو آهي. بنياد پرستن، تحريڪ طالبان پاڪستان هڪ طرح سان ڄڻ اڻ اعلانيل جنگ اسان تي مسلط ڪئي ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيا، پر ملڪ جي نگران حڪومت، پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ذريعي انهيءَ تي قابو پاتو آهي. 9 مئي 2023ع پاڪستان جي تاريخ جو هڪ المناڪ ڏينهن آهي. جڏهن هڪ سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ملڪ جي دفاعي ادارن تي حملا ڪيا ۽ شهيد فوجين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي. تڏهوڪي وزيراعظم ميان شهباز شريف جناح هائوس لاهور ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملن جي مذمت ڪئي. جيئن ته اسان لاءِ اهو سال يقين، اميد ۽ ڏک جو سال هو. يقين ۽ اميدون اسان سان گڏ هيون اسان کي پنهنجي صلاحيتن تي يقين هو ۽ اميد هئي ته اسين انهيءَ مالي بحران مان لنگهي پار پونداسين ۽ دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اسان جي اميد پوري ٿي ۽ اسين مالي بحران مان نڪري چڪا آهيون ۽ دهشتگردن کي اسان هڪ واضح پيغام ڏنو آهي ته اهي پاڪستان کي ڪمزور رياست نه سمجهن، پر هڪ سياسي جماعت تحريڪ انصاف اسان کي جيڪو دوکو ڏنو آهي ۽ پاڪستان جي دفاع تي جيڪو حملو ڪيو آهي اهو پاڪستاني عوام وساري نٿي سگهي. سڀني سياسي جماعتن کي گهرجي ته اهي پنهنجي منشور ۽ سياسي حڪمت عملين سان ميدان ۾ اچن ۽ واضح طور ان ڳالهه جو اعلان ڪن ته اهي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ جي معيشت کي ڪيئن بهتر بنائينديون ۽ ڪهڙا قدم کڻي ملڪ کي ترقي وٺرائينديون ته جيئن عوام کي سندن منشور جي ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ اهي پنهنجي پسنديده منشور مطابق ڪنهن به پارٽيءَ کي ووٽ ڏيئي سگهن.
انهن کي ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ مستقبل کي تعمير ڪرڻو آهي. اسان جو مسئلو زراعت، صنعت، تعليم، صحت، ماليات ۽ معاشيات جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ آهي. اسان جي گذريل پي ڊي ايم سرڪار ۽ نگران حڪومت جي سال 2023ع ۾ اها ڪوشش رهي ته اهي زراعت جي شعبي ۾ بين الاقوامي سيڙپڪاري آڻين ۽ زراعت جي شعبي کي نئين ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان بهتر ڪن ۽ صنعت جي شعبي ۾ به بين الاقوامي سيڙپڪاري اچي انهيءَ جون نشانيون نظر به اچي رهيون آهن جڏهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 2023ع ۾ پنهنجي واپار جي تاريخ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهتري انهيءَ ڳالهه جي نشاني آهي ته اسان جا مالي معاملا بهتر ٿي رهيا آهن. سال 2023ع ۾ ئي ڊالر جي قيمت ۾ وڏو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، پر نگران حڪومت ۽ انهيءَ جي وزير خزانا، اسيٽٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان وقتائتا قدم کڻي ڊالر جي قيمت کي وڌڻ کان روڪيو ۽ سال جي پڇاڙڪن مهينن ۾ رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ گهڻو مضبوط ٿي ويو. جيئن ته وقت پنهنجي رفتار سان گذري ٿو، ايئن سال 2023 به گذري ويو. اسين سال 2024ع جي گهڻين اميدن سان آجيان ڪريون ٿا. انهيءَ سال 08 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن. اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جو عوام انهن چونڊن ۾ بهتر قيادت کي چونڊيندو، اهڙي قيادت جيڪا مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيئي سگهي. اسان کي اهڙي قيادت گهرجي جيڪا پاڪستان جي عوام کي امن ۽ انصاف جو نئون دور ڏئي سگهي. پاڪستان کي سياسي ۽ سماجي استحڪام جي ضرورت آهي. سال 2024ع جي چونڊن جي نتيجن ۾ اقتدار ۾ آيل حڪومت کي تمام اهم فيصلا ڪرڻا پوندا، انهيءَ کي ملڪ جي مالي ۽ معاشي مسئلن کي هميشه لاءِ حل ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو مالي مسئلن جي ڪري ئي اسين زراعت، صنعت، تعليم ۽ صحت ۾ پوئتي پيل ملڪ آهيون. اسان کي 2024ع جي چونڊن جي نتيجن ۾ هڪ اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا اسان جي بنيادي مالياتي ۽ معاشي مسئلن کي حل ڪري ۽ سڀ کان وڏو چئلينج اسان جي نظر ۾ انهيءَ جي خارجه پاليسي هوندي. وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجي پاڙيسرين سان تعلقات بحال ڪرڻ کپن ۽ پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلقات بحال ڪري پنهنجي معيشت کي مضبوط بڻايون جيڪو نه صرف خطي ۾ معاشي مسئلن کي حل ڪندو بلڪه دفاعي مسئلن کي به حل ڪندو، جنهن جي ضرورت سڀني پاڙيسرين ملڪن کي آهي. سال 2024ع اسان لاءِ اميدن جو سال آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته نئين چونڊيل حڪومت انهن اميدن تي پورو لهندي.
اسان جي پڙهندڙن کي سال 2024 مبارڪ هجي. انهيءَ يقين سان گڏ ته نئون سال انهن لاءِ خوشيون کڻي ايندو.
***