ڪهاڻي: چوٿين ڌيءَ
سور کائي کائي جيئن ئي ٻارڙو پيدا ٿيو امينا خوف ۽ صدمي سبب اکيون بند ڪري ڇڏيون، ٻار جي دانهن تي ڏاڏي ڀاڳل اندر اچي دائيءَ کان اشاري ۾ پڇيو ته ”ڇا ڄائو آهي؟“ دائيءَ آهستگيءَ سان چيس ”ڌيءَ“.
امينا جي ڪنن ۾ ڄڻ تتل شيهو اوتجي ويو، چوٿين ڌيءَ!! اکين مان ٻه لڙڪ ڪري ويهاڻي ۾ جذب ٿي ويس.
اڳيئي ٽن جي پيدائش کانپوءِ جيڪا سندس حيثيت هئي اها کيس ئي خبر هئي هاڻي چوٿين ڌيءَ کان پوءِ ته هيڪاري ماتم جي ڪيفيت ٿي ويندي، ڏاڏيءَ ڀاڳڀري جنهن ڪجهه دير اڳ مصلو وڇائي روئي روئي پوٽي جي پيدائش لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏايو پئي جا امينا کي ڀائيندي به هئي، پر دائيءَ واتان نينگريءَ جي اچڻ جو ٻڌي هيڪاري بتال ٿي ڪمري مان نڪري وئي نه ننڍڙيءَ ڏانهن ڏٺائين ۽ نه ئي ننهن کي ڪي تسليءَ جا ٻه ٻول چيائين. ماءُ جي پاسي کان ليٽيل نئين ڄاول ٻارڙي هٿ چوسيندي دنيا ۾ پنهنجي هن انوکي استقبال کان بي خبر هئي سندس ٻيون ٽي معصوم ڀينر پڻ ورانڊي ۾ ڀاءُ جي ڄمڻ جي آس ۾ کيڏي رهيون هيون.
رات جو جيئن ئي هاشم گهر ۾ داخل ٿيو ته گهر ۾ پکڙيل ويراني ۽ اداسيءَ کيس سڀ ڪجهه ڄاڻائي ڇڏيو، وري به زال وٽ ڪمري ۾ وڃي، محبت سان کيس چڱا ٻول چوڻ پنهنجو فرض سمجهيائين.
”الله جي رضا کان سواءِ پن به ڪونه ٿو چري سگهي، صبر کان سواءِ ڪو به حَلِ ڪونهي نياڻيون پنهنجو نصيب کولينديون ۽ کائينديون تون فڪر نه ڪر!“.
امينا جي دِل جيڪڏهن پنهنجي سَسُ ۽ هاشم وٽان مطمئن نه هجي ها ته سندس حالت وڌيڪ ابتر هجي ها، پر اهو شڪر جو هن جو گهر وارو پڙهيل ڳڙهيل، سلجهيل ۽ نيڪ ماڻهو هو. باقي مٽ مائيٽ ۽ ساهرا ڪڏهن ڪڏهن همدردي جتائيندي ڪي اهڙا جملا چئي ويندا هئا جو اصل هانءُ ۾ وَڍَ پئجي ويندا هئس، پٽ نه هئڻ جو احساس ڏيرائڻ ۾ ڪيترائي مرد هاشم کي به ڳالهين ڳالهين ۾ ڄاڻائي ضرور ڇڏيندا هئا ته پٽ جو اولاد نعمت آهي سندس ڀائرن کي به ٻه ٻه پٽ هئا ۽ وڏو بزنس هئن جنهن ۾ سندس اهي ڀائيٽا به هٿ ونڊائيندا هئا، پر هن پنهنجي وارث نه هئڻ جي شڪايت پنهنجي واتان ڪڏهن نه ڪئي. باقي دِل ۾ سو محسوس ضرور ڪندو هو.
امينا رنگ ۽ روپ ۾ شهزادي هئي رنگ اڇو جهڙو کير، بلڪل ڪشميرڻ لڳندي هئي. ڊگهو قد ڪارن وارن جي وڏي چوٽي سنهيءَ چيلهه تي پئي لڏندي هيس ڊيل جيان ٽلندي چار ڌين جي پيدائش کانپوءِ به جوان جماڻ لڳي پئي هئي پاڻ هاشم گهڻي بزنس جي ڪم ڪري اڪثر ٿڪل ۽ عمر ۾ وڏو لڳندو هو، مٿان رنگ به پڪو هئس، ڪيترن کيس حيثيت ۾ مضبوط ڏسي ٻيءَ شاديءَ جي صلاح ڏني ته جيئن ڪو وارث پيدا ٿيئي. هڪ دفعو ته بلڪل تيار ٿي ماءُ سان ڳالهائڻ لڳو، پر هُن اشراف هڪ جملي ۾ ئي ٻوڙي ڇڏيس.
”ههڙي ڪونج ڪنوار مُلڪ ڳولي آندم هاڻي وري تنهنجي ٻي شاديءَ لاءِ ڪنوار ۽ چئن ڌين کي رولي ڇڏيان. بابا مون کان اهو ظلم ڪونه ٿيندو نياڻيون رحمت آهن. الله ڪندو پنهنجي پويان ڀاءُ به وٺي اينديون دلگير نه ٿي امينا ۾ ڪا به اربع خطا ڪونهي، توائي نه ٿيءُ“
وقت گذرندو ويو کيس ماڻهن پٽ جي ڪميءَ جو ايترو ته احساس ڏيرائي ڇڏيو هو جو نياڻين ڏي نهاريندو به ڪونه هو. ڇوڪريون قد بت ۾ ته ماءُ تي ويون، پر رنگ ۾ ماءُ کان به سَرس هيون جهڙيون حورون!! امينا صبر سان دِل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته، آئون پنهنجي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت ايتري ته مضبوط ڪنديس جو ماڻهو کين خوبصورتيءَ جي ڪري نه پر خوب سيرتيءَ، ۽ علم سبب گهرڻ ايندا. ڌيون نه پُٽَ سمجهي پڙهائي لکائي پيرن تي بيهاريندس، تحقيق هُن ايئن ئي ڪيو. جڏهن هُن جي وڏيءَ ڌي شازيه مئٽرڪ جي بورڊ جي امتحان ۾ پوزيشن کنئي تڏهن پهريون دفعو هاشم کي احساس ٿيو ته ڪو منهنجي اوڙي پاڙي ۽ خاندان ۾ نياڻيءَ جي ڪري عزت ٿي آهي، اخبارن ۾ سندس نياڻيءَ جون تصويرون ڇپيون ميڊيا وارن ساڻس، شازيه جي انٽرويو لاءِ رابطا ڪيا ۽ بورد جي طرفان شازيه کي ٻه لک ڪيش ايوارڊ طور مليا، انهيءَ کان پوءِ ته نازيه، فاضيه ۽ عافيه پڻ هر سال پوزيشن کڻڻ لڳيون سندن ماءُ جيڪا گهر ۾ نياڻين جي وڏي ٿيڻ سان چپ چپ ۽ ڊڄي پئي هلندي هئي انهيءَ ۾ ڄڻ ساهه پيو ۽ خاموش طبع ڇوڪريون پنهنجي ڪيريئر جا فيصلا ڪري چڪيون هيون. نازيه ۽ شازيه ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪئي ته فاضيه حسابن ۾ هوشيار هئڻ جي ڪري ACCA جو رستو اختيار ڪيو. عافيه جو مطالعو غير معمولي هو، هن جي انگريزي به لاجواب هئي، هن ننڍي لاڪون سوچي ڇڏيو هو ته مقابلي جو امتحان ڏيئي ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ ۾ وينديس ۽ هن اهو امتحان پاس ڪيو. اڪيڊميءَ مان ٽريننگ مڪمل ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي لڳي. هاشم کي پنهنجي نياڻين تي فخر ٿيڻ لڳو. ماءُ وانگر صابرين، محنتي، خاموش مزاج، گهرو ڪم ڪار ۾ پڻ انتهائي هوشيار ته پنهنجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڏو نالو ڪڍيائون. آئي ڏينهن ڪونه ڪو ڪپ ۽ ٽرافي کڻي ايندڙ هنن ڇوڪرين ۾ نه ڪو فخر هو نه ئي تعليم جو غرور، جيڪي چئن ڌيئن جا طعنا ڏيندا هئا تن انهن جي سڱن گهرڻ لاءِ دَرَ ٽوڙي ڇڏيا، پر سمجهدار ماءُ ڪا تڪڙ ڪونه ڪئي، هن سمجهيو پئي ته سطحي سوچ وارن سان هنن باشعور ڇوڪرين جو نڀاءُ ڪونه ٿيندو.
ان ڪري سندن جا سڱ به سلجهيل مزاج وارن گهراڻن ۾ ڪرڻ گهرجن، سو آهستي آهستي جيئن جيئن صحيح گهر ملندا ويا هِڪ هِڪِ ڪري نياڻين جا فرض پورا ڪيائين هاڻي ته هاشم پڻ ساڻس هر پل هڪيو تڪيو گڏ هوندو هو. خاندان وارن وري به ڏاڍا اعتراض ڪيا ته ڇوڪريون ٻاهر ٿا ڏيو پر هنن ڪا به پرواهه ڪونه ڪئي، جي نياڻين جي دنيا ۾ اچڻ تي سَرها ڪونه ٿيا! سي ننڍيءَ سوچ وارا ماڻهو کين ڪهڙا سک ڏين ها! هاڻي جڏهن اهي پڙهي لکي پيرن تي بيٺل آهن تڏهن کين يادگيري ٿي اچي ته خاندان کان ٻاهر نه ڏيو.
اڄ عافيه جي شادي سندس ئي ڪُليگ بيورو ڪريٽ آفيسر سان ٿي رهي هئي، سندس ٻه وڏا ڀيڻيويا ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر هئا ته ٽيون بئنڪ آفيسر هو. شادي وڏي شانَ سان ٿي. هاشم ۽ امينا کي پٽ جي اولاد نه هئڻ جو معمولي به ڏک ڪونه هو.
چئني نياڻين پنهنجي علم ۽ عمل سان خود کي مڃايو، نياڻيون ۽ پٽ برابر آهن، اولاد ۾ فرق ڪرڻ وارن مائٽن کي ڪڏهن ڪجهه به پلئه نه پوندو آهي.
***

