بلاگنئون

شاھه لطيف جا تعليم بابت تصورَ

اوڀر وارو معاشرو خاص ڪري سنڌي سماج، اڄڪلهه جديد ۽ قديم جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا آهي. هڪڙي پاسي ساڳيون روايتون، مذهب پرستي ۽ ماضيءَ ۾ جيئندڙ معاشرو آهي ته ٻئي طرف ترقيءَ واسطي اولهه جي پٺيان سائنسي ٽيڪنالاجيءَ، ماده پرستيءَ ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ مقابلي بازيءَ جي ڊوڙ آهي. دنيا جي ترقي يافته ۽ غير ترقي يافته ثقافتن جي ٽڪراءَ ۾ اسان جو سنڌي سماج پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھندو؟ يا اولهه واري تهذيب ۾ جذب ٿي ويندو؟ ڇا اسان پنهنجي اعليٰ روايتن ۽ قدرن جي حفاظت ڪندي، سائنسي ترقيءَ جي ٻه طرفي رستي تي هلڻ جي همٿ ۽ حوصلو رکون ٿا؟ دنياداريءَ جي حرص، هٻڇ، لالچ ۽ لوڀ واري روش کان پاڻ بچائي ٻين جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگھون ٿا؟ مثال طور ڪو وقت هو جو، جنگين ۾ لکين ماڻهو مري ويندا هئا ۽ ماڻهوءَ کان وڌيڪ جاگرافيءَ ۽ زمين ۽ قدرتي وسيلن جي اهميت وڌيڪ هوندي هئي. جيئن جيئن سماج ترقي ڪئي، تيئن تيئن اها حقيقت به کلي ته انساني علم ۽ عقل، فڪر ۽ فهم به هڪ اهڙو قدرتي وسيلو آهي، جنهن جو قدر ڪري، سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ کي بھتر بڻائي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيترو انسان جي جسماني ضرورتن ۽ گھرجن )اُڃ ۽ بک( کي پورو ڪرڻ اهم آهي، ماڻهن جي ذهني، فڪري ۽ روحاني طلب جو خيال رکڻ به ايترو ئي ضروري آهي. تنهنڪري اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل جي سائنسي ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقيءَ سان گڏ مثبت سوچ، سمجھ، فهم ۽ فڪر جي آبياري ۽ اعليٰ ڪردارسازيءَ لاءِ تعليم ۽ تربيت جي هڪڙي اعليٰ معيار واري انتظام کي قائم ۽ دائم رکڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن سماج ۽ ملڪ جي ترقيءَ جا چار وڏا ڪارڻ هوندا آهن، جن جو بندوبست ۽ انتظام قائم رکڻ اُتان جي رياست ۽ عوام جي گڏيل ذميداري هوندي آهي ته:
ملڪ ۾ سٺو انتظام يعني امن امان، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جو قيام.
پيداواري ذريعن جي واڌاري ۽ استحڪام لاءِ ملڪي توڙي مقامي طور حالتون سازگار بنائڻ.
واپار لاءِ موزون ماحول ۽ تجارتي مرڪز تيار ڪرڻ.
تعليم جو باقاعده انتظام رکڻ.
سنڌ جو خطو پنهنجي پيداواري ذريعن ۾ ڏاڍو زرخيز ۽ شاهوڪار رهيو آهي، جنهن گھڻي عرصي کان وٺي ڌارين لالچي ۽ ڦورو قومن جي تسلط ۽ قبضي ۾ ترقيءَ جي بجاءِ تنزليءَ واري تاريخ جي ڪٺن سفر ۾ پئي ڀوڳيو آهي. واپار ۽ تجارت به صرف حڪمرانن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو ذريعو رهيا آهن. تنهنڪري ملڪ ۾ ڪڏهن به امن امان، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي نه سگھي آهي. باقي تعليم جو انتظام ۽ طريقو، نصاب ۽ نظريو، مقصد ۽ مطلوب به ڌارين جي ڦرلٽ کي جاري رکڻ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين کي غلام، ڳيجھو، بزدل، بي همٿ، بي عمل، بي علم ۽ جاهل رکڻ جي مقصد وارو پئي رهيو آهي. شاھ لطيف پاڻ اهڙي بحراني دور ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي حالتن ۽ مذهبي ۽ رسمي تعليم کي پنهنجي سامھون جاري ساري عمل ۾ ايندي ڏٺو، ۽ انھن غير تسلي بخش حالتن تي پنهنجا ويچار، فڪر، رايا ۽ تصور قائم ڪيائين. تن کي جيئن جو تيئن ٻين جي اڳيان پيش به ڪيائين، ته جيئن انهن جي اصلاح ٿي سگھي.
عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب؛ ”شاھ عبداللطيف: مدبر، معلم ۽ مهربان“ جي صفحو نمبر 14 تي لکي ٿو ته: “ڪن کيس اُمي سڏيو ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ٻين محسوس ڪيو ته جنهن جي ڪلام ۾ علم جو درياءُ پيو ڇوليون هڻي، سو خود علم جي زيور کان وانجھيل ڪيئن هوندو! ههڙو ٻالڪ علم جي زيور سان آراسته ٿيو ۽ شاھ جو رسالو سندس علميت جو ساکي بنيو. دنيا ڏٺو ته هيءُ نه عام شاعر هو ۽ نه عام شخص.“
علم جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ. جڏهن اسان چئون ٿا ته مونکي هن ڳالھ جو علم آهي ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته مان هن بابت ڄاڻان ٿو ته حقيقت ڇا آهي؟ اهڙو ماڻهو جنهن کي تمام گھڻين حقيقتن جو علم هجي ته ان کي اسان عالم چونداسين. ان جي رهنمائيءَ ۾ ڪنهن فرد، گروھ يا جٿي جي ڄاڻ، سڃاڻ، فهم، فڪر ۽ مهارتن جي واڌاري ۽ اندروني صلاحيتن جي نشونما کي تعليمي عمل چئبو آهي. ڪو به تعليمي نظام پنهنجي استادن، مفڪرن، تعليمي نصاب سميت سکندڙن جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ هجي ته ان کي وڌيڪ موزون سمجھيو ويندو آهي. تعليم سکيا جو هڪڙو مسلسل عمل آهي، جنهن سان شاگرد رڳو اکرن جي علامتن کي آوازن ۾ هِجي ڪرڻ، پڙهڻ، لکڻ، انگ ۽ کوڙا ياد ڪرڻ، حساب ڪرڻ يا مخصوص علم جي لفظن ۽ اصطلاحن کي سمجھڻ ۽ ياد ڪرڻ شامل سمجھيا وڃن ٿا، پر اها پوري تعليم ناهي، تعليم جي وصف ۾ هيءَ ڳالھ به سمجھڻ گھرجي ته تعليم جي ڪري ئي اسان انسانن جهڙو عمل ڪريون ٿا. اسان جنم وقت مشڪل سان ئي انسان هوندا آهيون. اسان تهذيبي، ثقافتي ۽ سماجي قدرن جي تعليم ۽ تربيت ذريعي وڏي محنت ۽ مشڪل سان انسان بڻجندا آهيون. اسان ڪمزوريءَ ۽ بيوسيءَ کان شروعات ڪئي آهي ۽ هاڻي تجربن ۽ مشاهدن ذريعي طاقتور ۽ بلند ترين انسان ڏانهن واڌ ويجھ ڪريون پيا. تعليم اڄ اسان جي اونداهين جي ماريل وهمن، وسوسن، روين ۽ ڪردارن کي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جو ذريعو بڻيل آهي، پر تعليم جي روشني هوندي به جيڪي ماڻهو سموري زندگي ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ ۾ گذاريو ڇڏين، شاھ لطيف اهڙن ئي ماڻهن لاءِ ئي ته چيو هو ته:
مَحرُوم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا،
چِڙيءَ جِئن چُهنج هڻي، لڏيائون لُئا،
حُباب ئي هُئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾
انساني علم مان مراد صرف شين جو تصور ۽ علم ناهي، پر انهن جي خوبين ۽ خاصيتن جي تصديق ڪرڻ به شامل آهي. ان ۾ حاصل ٿيل علم جو تجزيو ڪرڻ، ان کي پرکڻ ۽ تجربو ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ به شامل هوندو آهي، شاھ لطيف علم جو تجزيو ڪرڻ جي باري ۾ انساني رهنمائي ڪندي، چوي ٿو ته:
جَنِين دورُ دَردَ جو، سبق سُور پَڙهنِ،
فِڪرُ ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مُطالِعُ ڪنِ،
پَنو سو پَسنِ، جنهن ۾ پَسڻ پِرينءَ کي.
شين ۽ عملن جي لڳاتار تبديلين ذريعي جُڙيل ماحول جو مطالعو، غور ۽ فڪر انسان کي نين دنيائن ۽ نين ڏسائن جو سير ڪرائي ٿو. ان سان گڏ شاھ لطيف تجربن ذريعي علم حاصل ڪرڻ جي باري ۾ به اسان جي رهنمائي ڪندي، چوي ٿو ته:
اَڻڪِي عَيان نه ٿيي، ڪِي پروڙي ڪون،
سچي جھڙي سون، مُنهن نه پيئِي ماڙهوئين.
تشريح: ”اڻ ڪِي – اڻ ڪيل ڪم )جيڪو بنا تجربي جي( ماڻهو سمجھي نٿو سگھي. عيان نه ٿيڻ – چٽو نه ٿيڻ ۽ سمجھ ۾ نه اچڻ. ڪِي – ڪيل، تجربي ۾ آيل ڳالھ. پروڙي ڪونه – ڪو ڪونه ٿو سمجھي ٻُجھي، پُرجھي، پروڙي. سچي جهڙي سون – سون جهڙي سچي، نج صاف سهڻي )ڳالھ، حقيقت، هدايت، واٽ، راھ( منهه نه پيئِي – نظر نه آئِي )پلئه نه پيئي، حاصل نه ٿي، سمجھ ۾ نه آئِي.“
حاصل مطلب ته: شاھ صاحب، علم کي پڪو پختو ڪرڻ ۽ سمجھڻ لاءِ عملي تجربو ڪرڻ ضروري ٿو سمجھي ته جيئن موضوع ۽ مقصد واري ڳالھ ۽ ڪيئن جي سوال حل ڪرڻ جو طريقو به سمجھ ۾ اچي وڃي، نين ڳالھين جي کوجنا جي جستجو وڌي ۽ تعليم جي اڳئين مرحلي ۽ ڏاڪي لاءِ پيڙھ پڪي ۽ پختي ٿئي.
فڪري تعليم کي قياسي، برهاني يا عقلي تعليم به چون ٿا. هيءَ تعليم تخيل، تصور، دليل ۽ برهان جي پيداوار آهي. هن قسم جي تعليمي عمل ۾ حواسن يا تجربن جي ڪا به ضرورت ڪانهي. هن تعليم ۾ منطق ۽ فلسفي جا مضمون شامل آهن. جن کي معقولات جو علم به چئبو آهي، يعني هيءُ عقل کي وڌائڻ لاءِ گفتگو، دليل ۽ بحث مباحثي ذريعي تعليم جو طريقو آهي. فڪري تعليم جون حدون جيڪي شڪ سان شروع ٿين ٿيون ۽ وري به اچي اندازي، مفروضي، قياس ۽ ڌُڪي تي ختم ٿين ٿيون. جنهن سان ڇو ۽ ڇا لاءِ جا جواب ڳولڻ جو ڏسُ ملي ٿو. اسان جو شاھ لطيف عقلي تعليم جو به ڏسُ ڏيندي چوي ٿو ته:
ظاهر ۾ ظاني، فڪر منجھ فنا ٿيا،
تنين کي تعليم جي، ڪُڙھ اندر ڪاني،
حرف حقاني، دور ڪيائون دل ۾.
ظن معنيٰ شڪ ڪرڻ، اهو شڪ نيڪ يا بد ٿي سگھي ٿو، پر علم جي جستجوءَ جا دروازا کولي انسان کي حقيقتن جي ڳولها لاءِ آماده ڪري ٿو. شاھ لطيف جو شڪ نيڪ مقصدن جي حصول ۽ تعليم لاءِ آهي.
ماضيءَ جي تعليمي نظام ۾ استاد ۽ ڪتاب کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. چند ڪتاب هئا جن کي رٽو هڻي ياد ڪرائڻ لاءِ استاد جي حيثيت هڪ ڊڪٽيٽر جهڙي هُئي. ان نظرئي ۽ نظام ۾ تعليم جو مقصد ٻارن جي ذهني نشونما لاءِ حافظي جي قوت وڌائڻ سمجھيو ويندو هو. شاھ لطيف وٽ به ڪتاب جي اهميت ۽ حيثيت آهي، پر اها لفظن کي ياد ڪرڻ ۽ حافظي ۽ ذهن وڌائڻ جي بجاءِ ان منجھ موجود معنوي فڪر، فهم، سمجھ، ساڃاھ ۽ ادراڪ کي ترجيح ڏيندي، چوي ٿو ته:
پني ۾ پيهِي، تان تو الف نه اُجھيو،
ڳالھ پريان جي ڳُجھ جِي، جيهِي نه تيهِي،
خبر تو ڪيهِي، قاضي هن ڪتاب جي.
جديد نظامِ تعليم ۾ استاد ۽ ڪتاب جي بجاءِ ٻار/ شاگرد کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. قدرت پاران عطا ڪيل رجحان ۽ لاڙي)Aptitude( سان گڏ ٻارن جي انفرادي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استاد ۽ ڪتاب، سندن معاون ۽ مددگار آهن. هن نظرئي ۽ نظام جو مفڪر آمريڪي ماهر تعليم جان ڊيوي کي مڃيو وڃي ٿو، پر ٽي صديون اڳ شاھ لطيف پڻ انسان جي اهڙين انفرادي صلاحيتن، سوچن ۽ لاڙن جو تصوُر پيش ڪيو آهي، جنهن کي دنيا جي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي. هن خيال کي سمجهائيندي، شاھ لطيف چوي ٿو ته:
جَن کي جِئائِين، پِرينِ پاڻَ پَسائِيو،
تَن کي تِئائِين، لِيئا پائِڻ آئِيا.
لِيئو پائڻ معنيٰ نهارڻ، ڌيان ڏيڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ. انسان پنهنجي پسند جي ماحول يا شين ۾ دلچسپي تڏهن وٺندو آهي، جڏهن ڪنهن ڏٺل يا اڻڏٺل شيءِ يا دنيا بابت اندر ۾ فطري ڇڪ يا ڪشش پيدا ٿيندي آهي.
تعليم ۽ سکيا جو تمام اهم اصول آهي ته سکندڙن کي غلطين جي سزا جا هاڃيڪار، دلشڪسته ۽ غلط اثر جنم وٺندا آهن ۽ موٽ ۾ شاگردَ دٻاءَ جي اثر هيٺ پاڻ لاءِ، استاد لاءِ ۽ ڪڏهن ته وري پوري سماج لاءِ غلط تاثر ۽ تصورَ قائم ڪندا آهن. جنهن عمل کي به شاھ لطيف، غلط سمجھي ان جي نندا ڪندي، چوي ٿو ته:
ادا ڙي آخوندَ، مارِ مَ مَعصُومَنِ کي،
دَردُ تُنهنجي دِل تي، جي بِرھ وَسائي بُوندَ،
اِيئَن نه مارين هُوندَ، عاقل اٻوجھن کي.
تعليم اهڙي هجي جيڪا شاگردن جي اهليت، ضرورت ۽ دلچسپين سان ٺهڪندڙ هجي. تڏهن ئي اها تعليم شاگرد لاءِ وڻندڙ، دلنشين ۽ شاگرد مرڪوز )Student Centered( ٿيندي. شاھ لطيف پڻ اهڙي دلچسپيءَ واري تعليم جو حامي هو، جنهن ۾ جسماني سزا جي حاج ئي نه ٿيندي. شاھ لطيف استادَ کي شاگردن جي پارت ڪندي، چوي ٿو ته:
مُلا ڪوھ مارين، کارين کُٿابين کي،
ورق جي وِصال جا، سي پَنا نه پارِين،
سا سِٽَ نه سيکارين، جنهن ۾ پسن پِرينءَ کي.
تعليمي عمل ۾ مادري ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، جيڪا سڀني سماجي ۽ سائنسي علمن سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ هنن سڀني علمن جي اصولن ۽ اصطلاحن جو استعمال ٿي سگھي ٿو. سموريءَ دنيا جا ماهر تعليمدان اها ڳالھ تسليم ڪري چڪا آهن ته ٻار کي پرائمري/ابتدائي تعليم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ملڻ گھرجي، ته جيئن گھر جي ٻوليءَ ۽ اسڪول جي تعليمي ٻوليءَ جو ربط ۽ ڳانڍاپو قائم ٿي سگھي. شاھ لطيف وٽ پڻ مادري ٻوليءَ جي حيثيت مسلم آهي ۽ ڌاري ٻوليءَ ۾ تعليم کي ناپسند ڪندي، چوي ٿو ته:
جي تون پارسي پڙهئين، گولو توءِ غُلامُ،
جو ٻَڌو ٻِن ڳالِھئين، سو ڪِيئن چَوائي ڄامُ.
اُڃيو تان آب گھُري، بُکيو تان طعامُ،
اِيءُ عامن سندو عامُ، خاصَن مان نه ٿِيي.
ان سموري پسمنظر کي سامهون رکي شاھ لطيف جا تعليم بابت تصورَ ۽ رايا سمجھڻ لاءِ اسان تعليمي عمل جي لوازمات، مقصدن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکي ڏسنداسين ته شاھ لطيف وٽ ملڪي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ذهني، فڪري، نظرياتي، تجرباتي ۽ سائنسي تعليم ۽ مادري ٻولي جي ڪيڏي نه وڏي اهميت هئي جو پنهنجي شاعريءَ جي سمورن سُرن ۾ عوام جي عام سمجھ جي واڌاراي لاءِ پهاڪن، تمثيلن، تشبيھن، استعارن سان ۽ سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ رسمي تعليم جي سڌاري، واڌاري ۽ اصلاح لاءِ لفظن جي ظاهري معنائن توڙي اصطلاحن، علامتن، اهڃاڻن ۽ معنوي اشارن سان سماج کي هڪڙو فڪري پيغام ڏيڻ جي پھ پچار ڪئي اٿس. شاھ لطيف جي هڪ هڪ سٽ ۾ علم، هنر، فن ۽ فڪر جا سمنڊ سمايل آهن. هر طرح جا موضوع ۽ مضمون سندس خيالن جي خزاني ۾ موجود ملندا. هر سُر ۾ مضمون ۽ موضوع لاءِ سندس عبارت، الفاظ، ڪردار ۽ ڪلام مختلف، پر معنوي مطابقت رکندڙ آهي. سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ شاھ لطيف پنهنجي دور جي تعليمي طريقي، عمل، نصاب ۽ مقصد جو جائزو وٺي، ان تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن، جن کي هر دور جي تعليمي عمل سان ڀيٽڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري اڄ جي بحراني حالتن ۾ ته ان جي تمام شديد گھرج آهي، ته شاھ لطيف جي نج تعليم بابت راين، تصورن ۽ خيالن کي سمجھي، اڄ جي ٻه طرفي مونجھارن ۾ ڦاٿل سنڌي سماج جو تعليمي سلسلي ۾ ڪو جوڳو حل ڪڍي، جهالتن جي اونداهين کي علمي سوجھرن ۾ تبديل ڪري سگھجي.
***