نئون

اڪيلو رهندڙن لاءِ دوست روبوٽ

اتر ڪوريا جي سائنسدانن اڪيلو رهندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ منفرد روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ان جي مالڪ کي مجبور ڪندو ته هو پنهنجي دوستن سان رابطو ڪري. هن روبوٽ کي فرائبو جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي اتر ڪوريا جي يونسائي يونيورسٽي ۽ ڪوريا ايڊوانسڊ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي گڏجي ٺاهيو آهي، جيڪو پنهنجي مالڪ جي هر ڳالهه کي ٻڌندو ۽ ان جي دوستن کي ان بابت اطلاع ڪندو رهندو. ان کان علاوه اهو پنهنجي مالڪ جي مصروفيتن بابت به ان جي دوستن کي آگاهه ڪندو رهندو. فرائبو مالڪ جي اٿڻ ويهڻ، دروازو کولڻ ۽ ٻين حرڪتن جو به جائزو وٺندو رهندو ۽ ان تفصيل کي مالڪ جي دوستن کي سوشل ميڊيا جي پيج تي به موڪلي ڇڏيندو. جيتوڻيڪ هن روبوٽ کي ماڻهن پسند ڪيو آهي پر انهن هن کي پنهنجي پرائيويسي ۾ مداخلت به قرار ڏنو آهي. ماهرن مطابق هي روبوٽ هڪ انسان جي ان رويي تي نظر رکندو آهي جنهن ڪارڻ اهو انسان ڊپريشن تائين وڃي سگهي ٿو ۽ ان کي اهڙي رويي دوران اڳتي وڌڻ کان روڪيندو آهي ته جيئن اهو ميل ميلاپ رکي خوش زندگي گذاري سگهي. هن روبوٽ کي پنهنجي گهر ۾ آزمائڻ وارن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ائين ٿو لڳي جيئن هنن جي زندگي جو هر لمحو هنن جي دوستن سان شيئر ٿي رهيو هجي جنهن جو وري دوستن پاران جواب ملڻ تي هو انهن سان مستقل رابطي واري ماحول ۾ رهن ٿا.