نئون

 نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي عمر ڀر نااهل قرار ڏنو ويو

سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت رڪن پارليامينٽ جي نااهلي جي مدت متعلق ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن مطابق آئين جي هن شق مطابق نااهل قرار ڏنل ماڻهو هميشه نااهل قرار ٿي ويندا. عدالتي فيصلو متفقه آهي ۽ ان کي جسٽس عمر عطا بنديال تحرير ڪيو. جڏهن ته جسٽس عظمت سعيد اضافي نوٽ  به لکيا ۽ عدالت جي ڪمري نمبر هڪ ۾ چار جج موجود رهيا. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل (62) ون ايف اميدوار جي اهليت جاچڻ لاءِ آهي جيڪو اميدوار صادق ۽ امين نه آهي ان کي آئين عمر ڀر نااهل قرار ڏئي ٿو. ان ڪارڻ جيستائين عدالتي ڊڪليئريشن آهي تيستائين نااهلي موجود رهندي. واضح رهي ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ نااهليت جي مدي جي وضاحت لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ڪيس جو فيصلو 14 فيبروري تي محفوظ ڪيو ويو هو ۽ اڄ واري ٻڌڻي دوران عدالت نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي عمر ڀر نااهل رهڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.