خاصنئونناول

سمرقند (قسط ٽيٽيھين)

ترجمو: زاهده ابڙو

جيڪڏهن اهي سڀ ماڻهو جيڪي يلدز جبل تي جمال الدين جي رهائشگاهه جي چوڌاري سندس ٽوهه ۾ پيا ڦرندا هئا سندن ترڪي ٽوپين مٿان لکيل هوندو هو “سلطان جا جاسوس،” انهن به ڪڏهن ان کان وڌيڪ راز نه کوليو جيڪو انتهائي عام ماڻهو به پهرين نظر ۾ سمجهي وٺندا هئا- شايد اتي سندن موجود هجڻ جو اصل مقصد به اهو ئي هو: زائرين جو حوصلو گهٽائڻ- حقيقت اها آهي ته رهائشگاهه، جيڪا عام طور تي شاگردن، غير ملڪي صحافين ۽ شهر ۾ آيل مختلف شخصيتن سان هر وقت ڀري پئي هوندي هئي، سيپٽمبر جي ان گهٽيل ڏينهن تي مڪمل طور تي خالي هئي- صرف خادم ئي موجود هئا، هميشه وانگر محتاط- هو مون کي پهرين ماڙ تي وٺي آيو جتي آقا موجود هو، پريشان ۽ اجهايل اجهايل ۽ بخمل جي هٿئي سان ٺهيل ڪرسي ۾ ويٺو هو-
مون کي ايندي ڏسي سندس چهرو ٽڙي پيو- ٻه وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو مون ڏي آيو، مون کي ڀاڪر ۾ ڀريائين، ۽ سندس حوالي سان مون کي جيڪي به تڪليفون پهتيون هيون ان لاءِ معذرت ڪيائين ۽ منهنجي آزاديءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين- مون کيس پنهنجي اتان فرار ٿيڻ جو تفصيلي احوال ٻڌايو، شهزادي ڪيئن وچ ۾ مداخلت ڪئي، پوءِ فاضل ۽ مرزا رضا سان پنهنجي بيحد مختصر ملاقات جو ذڪر ڪيو- آخري ماڻهو جو ذڪر ٻڌي جمال الدين جي طبيعت ۾ مزو نه رهيو-
“مون کي اجهو هاڻي هاڻي اها خبر ملي آهي ته کيس گذريل مهيني ڦاسي ڏني وئي آهي- رب سندس مغفرت ڪري! ظاهر آهي کيس معلوم هو ته ان جو انجام ڇا ٿيڻو آهي ۽ صرف انهيءَ تي کيس تعجب هوندو ته ان جي تڪميل ۾ ايتري دير ڇو ٿي رهي هئي- شاهه جي مرڻ کان سئو ڏينهن کانپوءِ! يقينن کيس اذيت ڏئي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرايو ويو هوندو-”
جمال الدين هوريان هوريان ڳالهائي رهيو هو- هو ڏاڍو ڪمزور ۽ هيڻو نظر اچي رهيو هو؛ سندس چهرو جيڪو عام طور تي ڏاڍو پرسڪون هوندو هو ڦڙڪي رهيو هو جنهن سان ڪيڏي ڪيڏي مهل سندس شڪل بگڙيل ٿي نظر آئي، پر ان سان سندس مقناطيسي جاذبيت ۾ گهٽتائي محسوس نٿي ٿي- ڏسڻ واري کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هو تڪليف ۾ آهي، خاص طور تي ان وقت جڏهن هو مرزا رضا جو ذڪر ڪري رهيو هو-
“مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي ته اهو ڇوڪرو، جنهن جي مون هتي قسطنطنيه ۾ سار سنڀال لڌي، جنهن جو هٿ لڳاتار ڦڙڪندو رهندو هو جيڪو پنهنجي چانهه جي پيالي کڻڻ کان به لاچار هو- اهو پستول کڻي هڪ ئي گولي سان شاهه جو خاتمو ڪري سگهيو ٿي- تنهنجو ڇا خيال آهي، سندس غير متوازن دماغ جو فائدو وٺندي کيس ٻئي ڪنهن جي ڏوهه ۾ ته ڦاسايو نه پيو وڃي؟”
مون جواب ۾ جرح ڪئي ۽ اها سڄي ڪهاڻي کيس ڏني جيڪا شهزادي پنهنجي هٿ سان نقل ڪري ڏني هئي- هن ڪمانين کانسواءِ عينڪ اکين تي چاڙهي اهو خط پڙهيو، ڏاڍي جوش سان، يا دهشت هئي، يا، جيڪو رکي رکي مون کي گمان ٿي ٿيو، ڄڻ اندر کان خوشي ٿي ڦٽي- پوءِ ان خط کي ويڙهي پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيائين ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلڻ لڳو- ڏهن منٽن جي لڳاتار خاموشيءَ کانپوءِ هن پنهنجي وات مان حيرت جهڙا دعا جا لفظ ڪڍيا:
“مرزا رضا، ايران جو وڃايل پٽ! ڪاش تون رڳو چريو ئي هجين ها، ڪاش تون عقلمند ئي هجين ها! ڪاش تون مون سان بيوفائي ڪرڻ تي راضي ٿي وڃين ها يا مون سان مخلص رهڻ تي، شفقت يا نفرت اڀارڻ تي! توسان محبت ڪئي وڃي ته ڪيئن، ۽ نفرت ڪجي ته ڪيئن؟ ۽ پاڻ خود الله، توسان ڇا ڪندو؟ ڇا هو توکي شهيدن جي بهشت ۾ جاءِ ڏيندو يا ظالمن جي دوزخ ۾؟”
هو واپس اچي ويهي رهيو، ٿڪل، سندس چهرو هٿن ۾ جهليل هو- مان چپ ويٺو رهيس، تان جو ساهه به هوريان ٿي کنيم- هڪدم جمال الدين اڀو ٿي ويهي رهيو- هاڻي سندس آواز پهرين جي ڀيٽ ۾ سڪون ۾ لڳي رهيو هو ۽ سندس ذهن جو ڪوهيڙو به صاف ٿي چڪو هو-
“هي جيڪي لفظ مون پڙهيا بلڪل مرزا رضا جا آهن- مون کي اڃان تائين شڪ هو، هاڻي ناهي رهيو قاتل يقين اٿم ته اهو ئي آهي- هو شايد اهو سمجهي رهيو هو ته اهڙيءَ ريت هو منهنجو بدلو وٺي رهيو آهي- ان جي باوجود سندس خيال جي ابتڙ مون کيس ان کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڪڏهن به نه ڏنو هو، هو جڏهن مون کي قسطنطنيه ۾ اهو ٻڌائڻ آيو هو ته شاهه جي پٽ ۽ ان جي ماڻهن کيس ڏاڍو رنجايو آهي ته سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا- سندس تسليءَ خاطر مون چيو هو، “هاڻي اهو روئڻ بند ڪر! ماڻهو چوندا ته تون چاهين ٿو ته هو تنهنجي حالت تي رحم ڪن، توکان اها ڳالهه به پري ڪونهي ته تون پنهنجا هٿ پير ڪٽي ڇڏين ته توتي ماڻهو رحم کائين!” مون کيس هڪ پراڻو قصو ٻڌايو: جڏهن داريوس جي لشڪر جو مقابلو سڪندر اعظم جي فوج سان ٿيو ته يونانين جي صلاحڪارن کيس اها تنبيهه ڪئي ته ايراني سپاهين جو انگ سندس سپاهين کان تمام گهڻو آهي- سڪندر پنهنجو پاڻ کي پرسڪون رکيو ۽ پنهنجا ڪلها اڇليندي چيائين، “منهنجا ماڻهو کٽڻ جي لاءِ وڙهندا آهن- داريوس جا مرڻ لاءِ!”
ايئن لڳو ڄڻ جمال الدين پنهنجي پراڻي يادن مان ڪجهه ڳولهي رهيو هو-
“بس انهيءَ وقت مون مرزا رضا کي چيو: جيڪڏهن شاهه جي پٽ توکي اذيت پهچائي آهي، ته کيس تباهه ڪر، بجاءِ ان جي جو تون پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪرين!” ڇا ان کي واقعي قتل ڪرڻ جي دعوت چئي سگهجي ٿو؟ تون، جيڪو مرزا رضا کان واقف آهين، ڇا واقعي اهو سوچي سگهين ٿو ته مان ان چرئي جي ذمي ان قسم جو ڪم ڏيئي سگهان ٿو جنهن ماڻهو سان ان گهر ۾ هزارين ماڻهو ملي چڪا هجن؟”
مان سچائي ڄاڻڻ ٿو چاهيان
“اوهان پاڻ ته ان ڏوهه ڪرڻ جا قابل ناهيو جو اهو ڏوهه اوهان جي مٿي تي رکيو وڃي، پر ان جي ٿيڻ ۾ اوهان جي اخلاقي ذميداري کان انڪار نٿو ڪري سگهجي-” منهنجي صاف گوئي کيس متاثر ڪيو-
“مان ان جو اعتراف ڪيان ٿو- بلڪل ايئن جيئن هر روز شاهه جي موت جي خواهش ڪندو هئس- پر پنهنجي نجات جو ڪهڙو فائدو مون مٿان ته حڪم صادر ٿي ويو آهي-”
هو هڪ ننڍڙي پيتيءَ جي ڀرسان وڃي بيٺو ۽ کولي ان مان هڪ ورق ڪڍيائين جنهن تي ڏاڍي نفيس خطاطي ٿيل هئي-
“اڄ صبح جو مون پنهنجي وصيت لکي ڇڏي آهي-”
هن متن منهنجي هٿ ۾ ڏنو، جنهن کي مون ڏاڍي جذباتي انداز ۾ پڙهيو:
“مون کي پنهنجي قيدي ڪيو وڃڻ جو رنج ناهي- مون کي موت جي ويجهڙائي جو ڊپ به ناهي- جيڪڏهن ڏک آهي ته بس ان ڳالهه جو ته جيڪو ٻج پوکيو هئم ان کي وڌندي ويجهندي نٿو ڏسي سگهان- اوڀر جي ماڻهن تي جيڪو ڏاڍ ٿي رهيو آهي ۽ ظلم ڪيو پيو وڃي انهن جي آزاديءَ جي نعري جو ساهه مسلسل گهٽيو پيو وڃي جيڪڏهن مون شاهي درٻارن جي بنجر زمين ۾ ٻج وجهڻ جي بجاءِ عوام جي ذرخيز زمين ۾ ٻج پوکيو هجي ها ته شايد وڌيڪ ڪامياب ٿيان ها- ۽ تون، ايران جي عوام، جيڪو منهنجي اميدن جو سرچشمو آهي، اهو متان سوچين ته هڪ ماڻهو جو قصو ختم ڪرڻ سان توهان آزادي حاصل ڪري وٺندا ڪي ڳريل سڙيل روايتون آهن جن جي پيڙهن کي لوڏڻ جي توهان جي اندر جرئت هجڻ گهرجي-”
“هن جو هڪڙو نقل ڪرائي پاڻ سان گڏ رک ۽ آنري رشفور جي لاءِ ان جو ترجمو ڪري ڇڏجانءِ- لانتر انسيجان هڪڙي واحد اخبار آهي جنهن جي نظر ۾ مان بيڏوهي آهيان- ٻيون اخبارون ته مون سان قاتلن جهڙو سلوڪ ٿيون ڪن- سڄي دنيا منهنجي موت جي طلبگار آهي کين اطمينان ٿيڻ گهرجي- مون کي سرطان آهي ڄاڙيءَ جو سرطان-”
جيئن ته هر موقعي تي جڏهن سندس حوصلو ٽٽندو آهي ته هو ڏوراپن تي لهي ايندو آهي هن ڀيري به هن هڪدم ازالي خاطر بيپرواهي سان هڪ زوري ٽهڪ ڏنو ۽ عالماڻي مزاح جو سهارو ورتو-
“سرطان، سرطان، سرطان،” هن لفظ کي هر هر دهرايو ڄڻ خبردار ڪري رهيو هجي- “ماضيءَ ۾ معالج بيمارين کي سيارن سان ڳنڍيندا هئا ۽ نالا رکندا هئا بس، پر هاڻي صرف سرطان ئي آهي جنهن پنهنجو فلڪي نالو قائم رکيو آهي سڀني ٻولين ۾- خوف اڃان به موجود آهي-”
ڪجهه گهڙين تائين هو فڪرمند ۽ ڏکويل رهيو، پر پوءِ هڪدم ڳالهائڻ شروع ڪيائين ڪنهن حد تائين خوش نظر آيو جيڪو بلڪل مصنوعي هو، پر اهو وڌيڪ اثر ڪندڙ هو-
“مان هن سرطان کي پٽيندو آهيان- پر ڪا اهڙي شيءِ ڪونهي جيڪا چوي ته سرطان ئي منهنجي زندگيءَ جو خاتمو ڪندو- شاهه مون کي واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي: سلطان مون کي سندس حوالي نٿو ڪري سگهي ڇو ته مان سندس مهمان آهيان، پر هو بادشاهه جي قاتل کي سزا ڏيارڻ کان بغير به نٿو ڇڏي سگهي کيس شاهه ۽ سندس سلسلي کان نفرت آهي، هڪ بيڪار نفرت سندس خلاف روز منصوبا جوڙيا اٿس، پر هن دنيا جي عظيم برادريءَ جا رڪن جمال الدين جهڙي دخل انداز جي خلاف هڪٻئي کي طاقت پهچائيندا اچن- ان جو حل ڇا آهي؟ سلطان اهو چاهيندو ته مان آپگهات ڪري ڇڏيان، جنهن سان نئين شاهه جا نيڻ ٺري پون ڇو ته هر هر منهنجي حوالگي جون درخواستون موڪلڻ باوجود، سندس خواهش اها هرگز ناهي ته حڪراني جي آغاز ۾ ئي پنهنجا هٿ منهنجي خون سان رڱي- مون کي ڪير قتل ڪندو؟ سرطان؟ شاهه؟ سلطان؟ شايد اهو سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ لاءِ مون وٽ وقت ئي ناهي- پر تون منهنجا دوست توکي خبر هوندي-” ۽ هن کلڻ جي جرئت ڪئي!
حقيقت اها آهي ته مون کي ڪڏهن به خبر نه پئجي سگهي- اوڀر جي عظيم سڌاري آڻيندڙ جي موت جي ٿانو تان راز جو پردو هٽي نه سگهيو- اناپولس واپسيءَ تي ڪجهه مهينن کانپوءِ مون خبر ٻڌي- لانتر انسيجان جي 12 مارچ 1897ع واري اشاعت ۾ ٽي ڏينهن پهرين سندس موت بابت خبر ڇپي ۽ اتان ئي مون کي اطلاع مليو- گرمين جي انتها تي پهچي جڏهن شيرين جو نامه موعود وصول ٿيو، مون کي جمال الدين جي وفات جو حال معلوم ٿيو جيڪو سندس شاگردن ۾ عام هو- “ڪجهه ڏينهن تائين هو ڏندن جي سخت تڪليف ۾ مبتلا هو،” هن لکيو هو، “جنهن جو سبب بلاشڪ سرطان هو- ان ڏينهن جڏهن سور سهپ کان ٻاهر ٿي ويس، هن سلطان ڏانهن پنهنجي ملازم کي موڪليو، جنهن پنهنجي ذاتي ڏندن جي معالج کي روانو ڪيو- هن جمال الدين جي ڇاتيءَ جو معائنو ڪيو سُئي لڳائڻ جي پچڪاري به ڪڍي جيڪا هن پهرين تيار ڪري رکي هئي ۽ مهارن ۾ سُئي هنيائينس ۽ وضاحت ڪيائين ته سور جلدي ختم ٿي ويندو مشڪل سان ڪجهه گهڙيون ئي گذريون هيون ته آقا جي ڄاڙي سڄي وئي- سندس ساهه گهٽجندي ڏسي سندس ملازم معالج کي سڏڻ لاءِ ڊوڙيو جيڪو اڃان گهر کان ٻاهر به نه نڪتو هو، پر هو واپس موٽڻ بجاءِ گاڏيءَ طرف تيزيءَ سان وڌيو جيڪا اتي سندس لاءِ منتظر هئي- سيد جمال الدين ڪجهه گهڙين بعد گذاري ويو- شام جي وقت سلطان جا ڪارنده سندس لاش کڻڻ لاءِ اچي ويا جنهن کي ڏاڍي تڪڙ ۾ غسل ڏيئي دفنايو ويو-” شهزادي جو بيان بنا ڪنهن ڊپ جي خيام جي انهن لفظن تي ختم ٿيو جيڪي هن ترجمو ڪيا هئا:
آنانکه محيط فضل و آداب شدند
در کشف علوم شمع اصحاب شدند
ره زين شب تاريک نبردند برون
گفتند فسانه و در خواب شدند
باقي رهي هٿ سان لکيل ڪتاب جي قسط، شيرين جي خط لکڻ جو اصل مقصد، ته ان بابت هن نهايت ئي تڪيل توريل لفظن ۾ لکيو: “هو واقعي قاتل جي سامان ۾ هو- هاڻي مون وٽ آهي- جڏهن ايران ايندئو ته پنهنجي سهولت سان ڏسي وٺجئو-”
ايران ورجانءِ جتي مون ڪيترن شڪن ۽ شبهن کي هوا ڏني هئي؟
***