ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: شيطان لاءِ جاءِ ئي ڪونهي…!

مان شيطان آهيان منهنجو ڪم ماڻهن کي ورغلائي دينَ ۽ دنيا جي سٺن ڪمن کان پري ڪرڻ آهي. انهن کي ايترو ته پري ڪرڻو آهي جيترو هتان سج پري آهي. ماڻهو چون ٿا سج هتان تمام گهڻو پري آهي…! پر جيڪڏهن سج کان به پريان ڪا شيءِ آهي ته مان ماڻهن کي ورغلائي اوڏانهن موڪليان…! مون کي آمريڪا، اسرائيل، برطانيا، فرانس، روس ۽ هندستان وارن گڏجي ٺاهيو آهي ته جيئن مان پاڪستان وڃي پنهنجون شيطاني ڪارروائيون ڪري انهن کي پٽڙيءَ تان لاهيان.. پٽڙي ريل گاڏيءَ واري نه سمجهجو اها ته اڳي ئي لٿل آهي. مان ان پٽڙيءَ جي ڳالھ ٿو ڪريان جنهن کي سڌي واٽ چئبو آهي. مون کي جن ملڪن ٺاهيو آهي انهن مون کي فل ٽريننگ ڏني آهي ته هاڻي تون پاڪستان وڃ ۽ ماڻهن کي ورغلائي رياست کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ته جيئن هو پنهنجن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل هجن.
منهجو مشن اڄ کان شروع آهي. هن وقت مان ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو آهيان جتي عجيب ڪشمش ۽ اضطراب ۾ مبتلا آهيان ته شيطان مان آهيان يا هتي موجود ماڻهو…! ڪراچي ايئرپورٽ تي لهڻ کانپوءِ مون پنهنجون شيطاني ڪارروائيون ڪرڻ وارو سامان کنيو…! مون کي پهرين اميگريشن ڪائونٽر تي موڪليو ويو.
اميگريشن ڪائونٽر وارن مون کان منهنجو ڪارڊ ۽ پاسپورٽ گهريو…!
مان جيئن ئي هنن کي پنهنجو ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏنو ته هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا…!
هو منهنجو نالو پڙهي کلڻ لڳا… شيطان… هاها… شيطان…!
مون کي هنن جي کلڻ مان ايئن لڳو ته هو پاڻ عملي شيطان هجن ۽ مون تي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪري رهيا هجن ته هي وري ڪهڙو شيطان آهي… اصل شيطان ته اسان آهيون…!
دل کولي کلڻ کانپوءِ هنن مان هڪ نرڙ گهنجائي وات چٻو ڪري انگريزيءَ واري لهجي ۾ اردوءَ ۾ ڳالهايو…!
تنھنجو نالو شيطان پاسپورٽ ۾ غلط لکيل آهي..؟ تنهنجو سڄو نالو ڪيپيٽل ليٽرس ۾ هجڻ گهرجي ها، پر تنهنجي نالي ۾ اين يعني نون سمال ليٽرس ۾ لکيل آهي جنهن جي ڪري توکي اسان سان ڏيتي ليتي ڪرڻي پوندي… جي ڏيتي ليتي نه ڪندين ته توکي اڳتي ڪائونٽر ڏانھن روانو نه ڪنداسين!
مون پاسپورٽ واري اين يعني نون کي ڏسي وري هنن جي نون نَڪَ کي ڏٺو جيڪو لوسڻ جو نڪ لڳي رهيو هو…! هنن جو نڪ انگريزي ٻوليءَ جي ڪيپيٽل ليٽر اکر اين کان گهڻو وڏو تمام وڏو لڳي رهيو هو…! مان دل ۾ سوچي رهيو هئس ته شيطاني ڪمن جي مشن تي ته مان موڪليل آهيان، پر اهي ته هي اڳ ئي ڪري رهيا آهن…
مان هنن سان ڏيتي ليتي ڪري ڪسٽم ۽ ايف آءِ اي وارن ڪائونٽرن ڏانھن وڌيس جن به مون شيطان سان شيطان گيريون ڪري مون کي اڳتي روانو ڪيو…!
مان پنهنجو شيطاني سامان کڻي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪتس ۽ رڪشا واري کي سڏ ڪيو ته مون کي ڪراچي ڪينٽ وڃڻو آهي…!
رڪشا واري بنا ڪرايو ڳالهائڻ جي منهنجو سامان رڪشي ۾ رکيو ۽ مون کي به رڪشي ۾ ويهڻ جي چيو…!
مون سمجهيو رڪشا وارو سٺو ماڻهو ٿو لڳي سو هن سان شيطان گيري ضرور ڪبي… ڇو جو مان آمريڪا، اسرائيل ۽ هندستان جو شيطاني مشن کڻي نڪتو آهيان…!
مان جڏھن رڪشا ۾ ويٺس ته ‘رڪشا ڊرائيور مون کان پڇيو توهان کي ڪراچي ڪينٽ ڏٺل آهي…؟’
مون چيو ڪراچي ڪينٽ ته مون کي ڪونهي ڏٺل…! مون وري موٽ ۾ رڪشا واري کان پڇيو توهان کي ته ڏٺل هوندي نه…؟
هن چيو مان به نئون رڪشا ڊرائيور آهيان مون کي به ناهي ڏٺل… پر ڳولهي لهنداسين…!
مان سمجهي ويس ته هن جو نڪ به انگريزي ڪيپيٽل ليٽر اين جيڏو آهي… سو هي ڪرايو وڌيڪ وٺڻ جي لاءِ ڊرامو ٿو ڪري… مون پهرين غلط سمجهيو ته هي سڌو ماڻهو آهي ۽ هن سان پنهنجو شيطاني مشن شروع ڪندس پر نه…! هي ته ڪو وڏو شيطان آهي…!
رڪشا واري چيو مان ڪرايو وٺندوسانءِ ٻه هزار رپيا ڇو جو هڪ ته پنڌ پري آهي ۽ ٻيو ڪراچي ڪينٽ نه توهان کي ڏٺل آھي نه مونکي…!
رڪشا واري رڪشو هلايو ۽ مون کان پڇڻ لڳو…!
توهان سنڌي آهيو..؟
مون چيو نه..!
پوءِ ڏسڻ ۾ ته توهان پٺاڻ ٿا لڳو، ڇا توهان پٺاڻ آهيو..؟
مون چيو نه..!
پوءِ پڪ پنجابي آهيو..؟
مون چيو نه…!
پوءِ ته توهان پڪ سان بلوچ هوندئو..؟
جي نه…!
ته پوءِ… توهان…!؟
جيستائين رڪشا وارو ڳالهائي ان کان اڳ مون ڳالهايو… مان نه سنڌي، نه پٺاڻ، نه پنجابي، نه بلوچ، نه سرائيڪي، نه ڪشميري آهيان…! پر مان شيطان آهيان…!
رڪشا واري تڪڙي بريڪ هنئين…. رڪشا زوڪاٽ ڪري بيهي رهيو…!
رڪشا وارو مون ڏانهن حيرت مان ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو…!
وري مون سان بنا ڳالهائڻ جي اندر ئي اندر ۾ کلڻ لڳو ۽ رڪشا کي هلائڻ لڳو… ڪيترائي دفعا ساڳين جاين تان ڦيرائي رستي ۾ بيهاري ماڻهن کان ڪراچي ڪينٽ جو پڇندو اچي مون کي ڪراچي ڪينٽ تي لاٿائين…!
جڏهن هو سڀ ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ هئڻ جي اداڪاري ڪري رهيو هو ته هو مون کي ننڍڙو شيطانڙو لڳي رهيو هو…!
آئون هاڻي ڪراچي ڪينٽ تي هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ اندر گهڙان ٿو.. مون کان اڳ هڪ اڌڙوٽ عمر جو پوڙهو ۽ جوان عورت به گهڙن ٿا ڪمرو بُڪ ڪرائي رهيا هئا..! عورت جوان هئي، پر هن جي منهن ۾ جوانيءَ جو نکار ڪونه هو…! هنن ڪمرو بڪ ڪرايو ان کانپوءِ مون هوٽل مئنيجر سان ڳالهايو..!
مون هوٽل مئنيجر کي هڪڙو ڪمرو بُڪ ڪرڻ لاءِ چيو…
هوٽل مئنيجر چيو پنهنجو ڪارڊ ڏيو…؟
مون نٽايو ته مون وٽ ڪارڊ ڪونهي ڪو…!
هوٽل مئنيجر رُکو جواب ڏنو ته پوءِ ڪمرو به ڪونهي ڪو…!
مون لڪائڻ ٿي چاهيو ته جيئن هن کي خبر نه پوي ته منهنجو نالو ڪو شيطان آهي…!
پهرين نظر مان مون سمجهيو ته هوٽل مئنيجر ڪو وڏو اصول پرست آهي ۽ بنا ڪارڊ جي مون کي ڪمرو نه ڏيندو..! دل ۾ سوچيم ته پوءِ هن اصول پرست کان مان پنهنجو شيطاني ڪم شروع ڪندس… پر جڏهن آئون هن وٽان واپس وڃڻ لڳس ته هن سڏ ڪيو، اچ جي ڪارڊ نه اٿئي ته ڪمري جا پئسا ڊبل چارج ٿيندا…!
آئون ڊبل چارج ڏيڻ لاءِ راضي ٿيس…!
ڪمري ۾ گهڙي سوا مس ويٺس ۽ اڃان شيطان گيري مشن بابت سوچيو به نه هئم ته مٿان وري در کڙڪيو…!
مون ڪمري جو دروازو جيئن ئي کوليو ته هٿياربند اندر داخل ٿي ويا..!
مون پڇيو توهان ڪير آهيو…؟
اسان خلائي مخلوق آهيون…! هنن چيو،
مون دل ۾ سمجهيو ته متان هو ناساNASA وارا هجن ۽ شيطاني مشن ۾ منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ آيا هجن…!
پر هنن مون کي چيو تون وڏو تخريبڪار آهين…! اسان کي اسان جي ايجنسين کان خبر پئي آهي ته تو وٽ وڏا هٿيار آهن… ۽ تون وڏو دهشتگرد آهين…! ايتري تائين جو هڪڙي رڪشا واري اسان کي فون ڪري ٻڌايو آهي ته تون شيطان آهين شيطان…!
خلائي مخلوق گن پوائنٽ تي منهنجو سڀ ڪجهه ميڙي سيڙي کڻي هلي وئي…!
مون شيطان سان هنن ننڍڙن شيطانڙن ڏاڍي ڪئي…! ڪجهه وقت ندامت ۾ ڪمري ۾ سوچيندو رهيس بعد ۾ ٻاهر نڪتس ۽ سڌو هوٽل مئنيجر ڏانهن ويس.. هوٽل مئنيجر کي سڄي وارتا ٻڌايم… هوٽل مئنيجر چيو اهي خلائي مخلوق وارا نه بلڪه ڦورو هئا. وڃ ٿاڻي تي وڃي انهن جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽراءِ…. ٻيو مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان…!
مان شيطان ته هتي اڙجي ويس….! هوٽل مان نڪري سڌو ڪراچي ڪينٽ جي پوليس ٿاڻي ته ويس..!
پوليس ٿاڻي ۾ جيئن ئي داخل ٿيس ته هڪڙو پوليس وارو منهنجي چوڌاري ڦري ويو ۽ منهنجي تلاشي وٺڻ لڳو…!
مون هن کي چيو مون وٽ ڪجهه به نه آهي…!
هن چيو تلاشي وٺڻ اسان جو فرض آهي ڪٿي تو وٽ هٿيار نه هجن ۽ ٿاڻي ۾ تخريبڪاري نه ڪرين…!
مون پوليس واري کي چيو مون سان واردات ٿي آھي ان جي مان ايف آءِ آر ڪٽرائڻ آيو آهيان…
ها پوءِ سامهون هليو وڃ ڪرسيءَ تي ويهه ته منشي نماز پڙهي اچي ٿو…!
آئون ڪرسيءَ تي ويهي منشيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳس ته منشي ڀلو ماڻهو هوندو نيڪ نمازي جو آهي… پوءِ بس پنهنجو شيطاني مشن منشيءَ کان شروع ڪندس…!
ڪجهه دير ۾ منشي به اچي ويو…!
مون منشيءَ کي الف کان ب تائين سڄي واردات ٻڌائي…!
منشيءَ رعبدار آواز ۾ چيو ايف آءِ آر پڪي نه باقي ڪچي ٿيندئي يعني اين سي ٿيندئي…!
اين سي ئي ڪٽيو سر…! مون رڪئيسٽ واري لهجي ۾ چيو.
منشيءَ پنهنجي نوراني چهري سان مون ڏي ڏٺو… اڃان پني تي ڪجهه لکڻ وارو ئي هو ته چيائين ‘هي پين پنا مفت جا ڪونه آهن ڪجهه خرچي ڪرائي ته پوءِ اين سي ڪٽيندس’…
مون کيسن ۾ هٿ هنيو، پر مون کي ڪجهه به نه مليو. ڇاڪاڻ ته خلائي مخلوق مون کان سڀ ڪجهه ڦري وئي هئي… مون منشيءَ کي چيو مون وٽ خرچي ڏيڻ لاءِ ڪجھ به نه آهي…!
جنهن تي منشيءَ رڙ ڪندي چيو اُٿ ته وجهئين نه جيل ۾…!
مان شيطان اٿي ٿاڻي مان نڪري هنن ننڍڙن شيطانن کان پري هليو ويس….!
آئون آيو ته شيطاني مِشن کڻي هئس، پر مون کان اڳ هتي شيطان جام ويٺا آهن، جيڪي مون کي هر هنڌ ملي رهيا آهن..! مون کي هاڻي بک به ڏاڍي لڳي آهي.. کيسا به خالي آهن. آخر ۾ مون شيطان اهو فيصلو ڪيو ته مسجد ۾ وڃان من اتي ٻه گرھ فُقُرَ جي مانيءَ جا نصيب ٿين ۽ پوءِ پنيءَ ۾ لڳل چِپِ ذريعي اسرائيل وارن سان ڪانٽيڪٽ ڪري هن ملڪ مان نڪري پنهنجي جان ڇڏايان. آئون پيٽ جي بک اُجهائڻ لاءِ جيئن ئي مسجد ۾ داخل ٿيس ته ‘ڇا ڏسان هڪڙو ملان مسجد جي محراب ۾ ڇوڪري سان بدفعلي ڪري رهيو آهي’… مون شيطان کان دانهن نڪري وئي ته هتي دين ۽ دنيا واري ڪنھن به جاءِ تي شيطان جي ڪابه جاءِ ڪونهي…!
***