1994ع جو زمانو هو، مان وزيراعليٰ جو اسپيشل اسسٽنٽ هئس ۽ هو منهنجو اسسٽنٽ. ماري ڇڏيندو هو جڏهن ڪو سوال ڪندو هو، مان نه ڏيندو هئس، هو جواب ڏيئي ڇڏيندو هو. منهنجو اسپيشل اسسٽنٽ جو هو. مون کان گهٽ پڙهيل هو جيئن سائين وزيراعليٰ کان مان گهٽ پڙهيل هئس. هئس ته مان به الائي ته ڇا ڇا، پر هو مون کان به مٿي هو. الائي ته ڪهڙا ڪهڙا جواب ٺاهيندو هو پوءِ سوال انهن جوابن جا گهڙيندو هو. ٺاهوڪا سوال سڻائي مون کان وري پڇندو هو “ڏي خبر؟” ڇا ڏيانس؟ گهروڙي بُجو ڏيو ڇڏيندو هئس هن کي… ۽ هو گهروڙي ٻه ڏيئي ڇڏيندو هو ڀتين کي. دل چويس ته ٽيون به پر ٽيون گهروڙي نه ڏيندو هو… دانگيءَ وانگيان هٿ مليندو هو پيلن سرڪاري ديوارن تي. مان اڍائي سال اسپيشل اسسٽنٽ رهيس ۽ هو منهنجو اسسٽنٽ. مان سائين وزيراعليٰ کي ته ڀلجي ويس. هن کي نه ڀُليم. راڻو ڪاڻو هو، پر سياڻو هو. چوندو هو ته تو فلسفو نه پڙهيو آهي. اهو آهي جواب، اچ ته ويهي ان جواب جو سوال ٺاهيون. مان هٿ جوڙي چوندو هئس راڻا مون کي معاف ڪر. چوندو هو ڪيم. هاڻ ٻڌائي ته سوال ڇا آهي؟ مان کلي بُجو ڏيانس، هو ٻه ڏيئي ڇڏيندو هو ديوارن کي. مان چپاٽ هڻانس، هو ٻه هڻي ڀتين کي. منهنجي آفيس جون ديوارون ڪاريون نه، پر شڪارپورين وانگيان اڇيون نه اشيون ٿي ويون هيون. شا ته ماڻهو هو شا ته انسان هو. الائي ته نه هو، پر راڻو ڪاڻو ضرور هو. ڪاڻي اک ڪري جواب پهريان ۽ پوءِ انهن جوابن جا سوال ٺاهيندو هو. ٻئي کي ته ڇا پاڻ کي به اڌ مُئو ڪري ڇڏيندو هو. فلسفو اڄ ايترو ته محدود ٿي ويو آهي جو ان کي تدريسي نظام جي ڪتابن ۾، ڪتابن جي سبقن ۾ حاشي (وضاحت) طور ليکيو ويندو آهي. اهو آهي جواب، ٻڌائي ته ان جواب جو سوال ڪيئن ٺهندو؟ مان چوندو هئس سوالن جا جواب پهريان نه ٺهندا آهن. پهريان سوال پوءِ جواب ٺهندا آهن. چوندو هو، الائي ته سوال ڪندو هو، تو فلسفو نه پڙهيو آهي، اهو آهي جواب. ان جو سوال آهي ڇا تو ڪڏهن فلسفو پڙهيو آهي؟ چوندو هئس “نه، مون نه پڙهيو آهي” چوندو هو تڏهن ته تون سوال پوءِ ۽ جواب پهريان ٺاهي نه سگهندو آهين. جڏهن به سائين وزيراعليٰ جي سامهون ويندو آهين، گهٻرائجي ويندو آهين. ڇا مان تنهنجي سامهون ايندي گهٻرائجي ويندو آهيان؟ ڪنڌ ڌوڻي نه ڪندو هئس ۽ هو هٿ ٻئي هٿ هوا ۾ کڻي هڻدو هو ميز جي شيشي تي… ٺا… شيشو ٻه ٽڪر. اهو ئي ته فرق آهي تو ۾ ۽ مون ۾. مون ۾ ۽ سائين وزيراعليٰ جي اسپيشل اسسٽنٽ ۾. هاڻ ٻڌائي ته ان ڪرسيءَ تي جتي تون ويٺو آهين مان ويهڻ جو حقدار نه آهيان؟ ۽ جتي مان ويٺو آهيان اتي توکي هئڻ نه گهرجي؟