بلاگنئون

اسڪولن ۾ هنري تعليم ڏئي شاگردن جو مستقبل سنواري سگهجي ٿو

سنڌ جي مجموعي تعليم تباھ آھي، سنڌ جي تعليم جو معيار ڪريل آھي ۽ سنڌ جي غريب عوام جي معاشي حالت ابتري جو شڪار آهي. اھڙي صورتحال ۾ اسڪولن ۾ ٻارن کي هنري تعليم ڏئي ان قابل بڻايو وڃي ته جيئن اهي اسڪول مان ڪو هنر سکي نڪرن ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڪو ننڍو وڏو ڪم ڪرڻ جي قابل ٿين. مثال طور: ٻارن کي ڀَت رڌڻ، ٻوڙ، ماني ۽ چانھ ٺاهڻ، پڪوڙا سموسا ٺاھڻ ۽ ترڻ، حجامت، واڍڪو، رازڪو ڪم ۽ بجلي سميت ٽي جي مرمت، استري، ٽي وي، فرج جي مرمت، اي سي جي صفائي جهڙا مختلف ٻيا ھنر به سيکاريا وڃن ته جيئن غريبن جا ٻار اھي ھنر به سکي وڃن ۽ نوڪري نه ملڻ تي وٽن ڪو نه ڪو هنر هجي ۽ اهي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي سگهن. ايئن کين درزڪو، ڌوٻڪو ڪم به سيکاري سگهجي ٿو. بجلي جو ڪم، موبائيل فونن جون خرابيون درست ڪندڙ، موٽرسائيڪل جو مستري آرام سان روزي ڪمائي سگھي ٿو ته پوءِ اھڙا ھنر اسڪولن ۾ ڇو نٿا سيکاري سگھجن ۽ اھڙا ھنر ڪنھن کي ڪڏھن به بيروزگار نه ڪندا ۽ بک نه ماريندا. سنڌ جي تعليم کي مٿان کان ھٿ سان خراب ڪيو ويو آھي، جنھن جا مقصد چٽا آھن. تعليم پنھنجو سِلو پاڻ واري معنيٰ به وڃائي ويٺي آھي، پڙھڻ کانپوءِ تعليمي ڊگرين ۽ قابليتن تي نوڪري نه ملڻ به ناانصافي آھي، سنڌ جي سوا ڪروڙ ٻارن مان 60 لک ٻار جن جون عمريون 5 کان 11 سالن جون آھن اڄ به اسڪولن ۾ نه آھن، اندازو ڪريو ته جتي زوري تعليم جا قانون پاس ٿيل آھن اُتي جو مستبل ڪھڙو ھوندو، بنيادي تعليم آئيني حق ۽ سرڪار جي ذميداري آھي، سرڪار رڳو قانون ٺاھي ڇڏيا آھن ته جيڪو ٻار نه پڙھائيندو ان کي جيل يا ڏنڊ جي سزا ملندي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آھن، ڀلا اڄ ڏينهن تائين ڪنھن کي ٻار نه پڙھائڻ تي ڪو نوٽيس ويو آھي؟ اسڪولن جي ارد گرد اھڙن ٻارن جي سروي به نه ٿي آھي، جڏھن ته اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽيون ۽ NCHD جا مجاز آفيسر به ان ذميداري سان موجود آھن. سنڌ اهو واحد صوبو آھي جنھن ۾ بنيادي تعليم ميٽرڪ تائين مفت ۽ لازمي ڪرڻ وارو اسپيشل ايڪٽ لاڳو ڪيل آھي جنھن جو نالو آھي. Right of children, free and compulsory Education act 2013، ھن ايڪٽ ۾ ميٽرڪ تائين تعليم فري ۽ لازمي ڪيل آھي ۽ ٻار نه پڙھائيندڙ والدين کي سزائون به لکيون پيون آھن، ٻارن کان پورھيو ڪرائڻ هونئن به رياستي جرم آھي ته پنڻ يا گداگري ڪرائڻ به رياستي جرم آھي.
ميٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ تي ھاڻ چوڪيداري ۽ پٽيوالي جي نوڪري به نٿي ملي، پر اھو به آھي ميٽرڪ پاس ڪو نوجوان اسڪولن مان اھو به ناھي سکي نڪتو ته بجلي جي سولر واري پنکي جو ڪنيڪشن ڪري ان کي ڪمري ۾ ڪيئن لڳائبو آھي، سائنسي طريقي سان گڏ نوان ھنر به کلي پيا آھن جن ۾ مھارت ڪنھن کي به بيروزگار نٿي ڪري سگھي، موبائيل فون جي مرمت جو فن اھڙو آھي جيڪو سکيو آھي سو اگر ننڍڙو دڪان کولي ويھي ته روزانو ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي عيوض ھزارين رپيه ڪمائي سگھي ٿو، اھو ڪم ايترو ته گھڻو آھي جو ڪڏھن به کٽڻ يا بند ٿيڻ جو ناھي، اھڙا ٻيا به سوين ڪم آھن جي جي شاگردن کي اسڪولن جي ورڪشاپن مان ٽريننگ ملي ته اھي پنھنجو روزگار آساني سان ڪمائي سگھن ٿا، اڳ ۾ ھاءِ اسڪولن ۾ ورڪشاپ جا پيرڊ ھوندا ھئا جن ۾ شاگردن کي گھٽ ۾ گھٽ بجلي جي ڪم جي سکيا ملندي ھئي، مگر ھاڻ رڳو پڙھڻ آھي ٻيو ڪجھ به ناھي سو به اڻ پورو پڙھڻ جيڪو نه خود کي ڪو فائدو رسائي سگھي ٿو نه ڪنھن ٻئي کي، ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ به ميندي لڳائڻ، سلائي، ڪمپيوٽر ھلائڻ ۽ رڌ پچاءُ جي سکيا ڏئي سگھجي ٿي، مگر ڪٿي به ان طرح ورڪشاپ نه آھن، اسڪولن يا ڪاليجن مان پڙھي نڪرندڙ جڏھن ڪو به ھنر نه ڄاڻندو ته اھو بيروزگار ته رھندو ۽ ٿيندو، ان حد تائين اھو چئي سگھجي ٿو ته اھڙو نوجوان چڻا به صرف ان ڪري نه وڪڻي سگھندو جو اُن جا اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٿيل دوست ان تان کلندا.