زندگيءَ ۾ آسانيون ڪنهن کي نه گهرجن، ڪير نٿو چاهي ته سندن زندگي آسان ٿئي، ڪير نٿو چاهي ته وٽن روزگار هجي، شهري زندگي هجي، پيئڻ جو صاف پاڻي هجي، صحت جون سهولتون هجن، تعليم جي برابري هجي يا اعليٰ تعليم سندن گهر جي چانئٺ تي هجي. ڪير نٿو چاهي ته سندن شهر ۾ هر اها سهولت هجي جنهن ۾ بئنڪون هجن، مارڪيٽ هجن، شيشي جا دڪان هجن، روڊ رستا ڪشادا هجن، صفائي جو عملو سڄو ڏينهن روڊن کي ويٺو ٻهاري ڏئي، وڏيون عاليشان بلڊنگون هجن، روڊن تي روشنيون هجن، شهري زندگي وانگي سسٽم ۽ انتظام بهترين هجن، سٺا اسڪول هجن، صنعتون هجن، ريل گاڏيون، بسون سوين هزارين هجن، واپار جا اڻ ميا موقعا هجن، پر ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جي فرق جي ڪري ماڻهن ۾ هڪ احساس محرومي رهجي ٿي وڃي، جنهن مان شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي جو فرق واضح ٿي ٿو وڃي. ائين ناهي ته شهر زرعي سيڪٽر کان ڪٽيل ٿا رهن، پر اهي به ته زمينن ۾ ڀاڄيون، ڦل فروٽ، باغ باغيچا، وڻ ٽڻ به پوکين ۽ سنڀالين ٿا. شهرن ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ گٽر سسٽم به هجن ٿا، پر گڏيل طور تي رهڻي ڪهڻي جي اصولن جي ڪري اهي ماڻهو شهري زندگي انجواءِ ڪن ٿا. ڇو ته انهن جي لاءِ بجليءَ جون سهولتون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هلنديون رهن ٿيون. انهن جي لاءِ گئس جي سهولت بنا ڪنهن رڪاوٽ جي به هلي ٿي، اهي پيئڻ جو صاف پاڻي پيئن ٿا، انهن جي علائقن تائين گٽرن جو ڄار وڇايل رهي ٿو، روشن بازارون ۽ ڪشادا روڊ رستا ۽ زندگيءَ جي هر سهولت کين مهيا هجي ٿي ته جيئن اهي زندگي آسان گذاري سگهن.