سنڌ اندر برسات جي تباهي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته چوندا آهن ته علاج کان احتياط بهتر هوندو آهي، پر انهيءَ چوڻي تي عمل نه ٿيندو آهي. ان وقت علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جڏهن بيماري چوٽ چڙهي ويندي آهي. سنڌ حڪومت به هميشه وانگر هن وقت به ائين ئي ڪيو آهي.
جڏهن موسميات کاتي اڳڪٿيون ڪري ٻڌايو هو ته هن سال سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ بارشون وڌيڪ پونديون، ان جي لاءِ حڪومتن کي اپاءُ وٺڻ گهرجن، اهي اپاءُ ڪهڙا هوندا آهن. بارش جو پاڻي هڪدم نيڪال ٿئي، ان لاءِ گهربل مشينري ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهن جو موجود هجڻ. بجلي پهچائڻ لاءِ لائينن کي محفوظ بنائڻ ٻوڏ جي صورتحال ۾ بچاءُ بندن کي پهرين کان مضبوط ڪرڻ، پر ٿئي ڇا ٿو ته انهن احتياطن کي ڪنهن به خاطر ۾ نٿو آندو وڃي ۽ جڏهن ايمرجنسي جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ حڪومت ٿاڦوڙا هڻندي نظر اچي ٿي. ان سان بجاءِ ماڻهن کي آساني فراهم ڪرڻ جي وڌيڪ مشڪلاتن جي منهن ۾ وڌو وڃي ٿو. هن وقت اسان سنڌ ۾ اهڙي قسم جا منظر ڏسي رهيا آهيون، جڏهن برسات پوري سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ ٽي ٽي فوٽ پاڻي بيٺو آهي. هيٺيانهين وارن علائقن ۾ پاڻي دڪانن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي ته هاڻي سنڌ حڪومت کي يادگيري اچي وئي آهي ته انهيءَ پاڻي جو نيڪال ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ سندس ڪمن جي ساراهه ڪجي يا انهن تي تنقيد ڪجي؟ ڇو ته جهڙي نموني سان سنڌ حڪومت انهيءَ ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف ضلعن ۾ سياسي طور مقرريون ڪري رهي آهي ته نظر ته ائين ٿو اچي ته سنڌ حڪومت بجاءِ عوام کي آساني ڏيڻ جي پنهنجي سياسي ماڻهن کي فائدا ڏيئي رهي آهي. هر ضلعي ۾ جتي پيپلز پارٽي جا پنهنجا چونڊيل نمائندا موجود آهن سرڪاري مشينري موجود آهي، وزير صاحبان موجود آهن، ضلعي انتظاميه موجود آهي، بجاءِ انهن کان ڪم وٺڻ جي سياسي رشوت طور ڀرتي ڪيل خصوصي معاونن کي هر ضلعي ۾ برسات جي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوڪل پرسن طور مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ان عمل کي ڪيئن بهتر سمجهجي؟ سرڪاري آفيسرن ۽ سياسي ماڻهن جي سنجيدگي ته ان وقت نظر آئي جڏهن ميرپورخاص شهر پاڻيءَ ۾ ٻڏل هو، ٽرڪن ۾ مشينري موجود هئي جنهن ذريعي پاڻيءَ جو نيڪال ڪري سگهجي پيو، پر شام کان پهتل مشينري کڻي ايندڙ ٽرڪن کي پوري رات انتظار ڪرايو ويو، ٽرڪن مان مشينري نه لاٿي وئي ته جيئن وقت سر برساتي پاڻيءَ جو نيڪال ڪري سگهجي. جڏهن اسان حيدرآباد شهر جي صورتحال ڏسون ٿا ته اسان کي هر طرف پاڻي نظر اچي ٿو، پنجن ڏينهن کانپوءِ سرڪار سڳوري کي يادگيري آئي آهي ۽ پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ موٽرون لڳايون ويون آهن، پر پاڻي جو مقدار ايترو وڌيڪ آهي ۽ مٿان وري وڌيڪ بارش جي پيشنگوئي ٿيل آهي، پوءِ سندن ان ڪم مان ڪو خاص فائدو نظر نٿو اچي. ڪراچي جو ميئر هاڻي چئي رهيو آهي ته ڇو ته بارش گهڻي ٿي آهي ان ڪري اسين ڪوشش جي باوجود شهر مان پاڻي جي نيڪال ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي رهيا آهيون، پر ان کان پهرين ڪراچي جو ميئر واضح طور تي بيان ڏيئي رهيو هو ته اسان پورو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي بارش جي پاڻي جو نيڪال ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ هر طرح جي مشينري ۽ افرادي قوت موجود آهي اسان ڪراچي جو پاڻي نيڪال ڪري وينداسين. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪراچي جهڙو ميٽروپوليٽن سٽي جنهن ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا قدرتي طور موجود هئا، انهن جي مٿان قبضن جي ڪري پوري شهر کي بارش جي ڪري ٻڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، پر انهن قدرتي وهڪرن کي صاف ڪري قبضن کان آجو ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت ڪوبه قدم نه کنيو آهي. نتيجي ۾ ڪراچي هر سال ٻڏي وڃي ٿو. هاڻي سندس دانهون واضح طور ٻڌائي رهيون آهن ته بارش کان پهرين حفاظتي تدبيرون نه ڪيون ويون هيون، جنهن جي ڪري ڪراچي شهر جا ماڻهو بارش جي پاڻي جو عذاب ڀوڳي رهيا آهن. جڏهن ٽي ڏينهن پهرين سکر شهر ۾ بارش جي ڪري صورتحال خراب ٿي هئي ته اتان جي ميئر صاحب فرمايو هو ته ٽي سئو ملي ميٽر بارش ٿي آهي سا به ٻن ڪلاڪن ۾ پر سندس دعويٰ کي سنڌ ۾ موجود چيف ميٽرولاجسٽ غلط قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته بارش صرف 114 ملي ميٽر ٿي آهي اها به ٻن ڏينهن جي عرصي دوران.
هاڻي دير سان ئي سهي درست عمل واري ڳالهه تي عمل ڪندي هن وقت به جيڪڏهن سنڌ جي سرڪاري مشينري پنهنجي پوري ڪوشش ڪري پاڻيءَ جو نيڪال ڪري ٿي، تڏهن به انهن جي مهرباني هوندي! ايئن نه ٿئي ته هڪ هزار ليٽر ڊيزل خرچ ٿئي ۽ بل ۾ ٻڙي وڌائي ڏهه هزار ليٽر لکيو وڃي. ان سان آفيسر، ٽائون ناظم ۽ فوڪل پرسن ته ضرور خوش ٿيندا، پر عوام جون تڪليفون دور نه ٿينديون. عوام جو پرزور مطالبو آهي ته ڏينهن رات ڪري مشينون هلايون وڃن، جيترو خرچ مشينن ۽ انهن لاءِ گهربل ڊيزل تي خرچ ٿئي ٿو بل ۾ اوترو ئي لکيو وڃي. رشوت جي بازار کي گرم نه ڪيو وڃي، ماڻهن کي مشڪلات مان ڪڍيو وڃي. ڇو ته ايمرجنسي واري صورتحال ۾ صرف عوام ڀوڳيندو آهي ۽ فائدو خواص کي پوندو آهي، لڳي ٿو ته هن وقت به ائين ئي ٿي رهيو آهي.