هي ناول سال 2022ع ۾ بڪر پرائيز لاءِ پڻ شارٽ لسٽ ٿيو هو. ناول جي آئرش ليکڪا Audrey Magee صحافت سان وابسته رهي چڪي آهي. سندس پهريون مڃتا ماڻيندڙ ناول The Undertaking آهي جنهن کي Baileys Women’s Prize for Fiction ڏنو ويو هو The colony هي سندس لکيل ٻيو ناول آهي. ڪهاڻي:
هي ڪهاڻي آئرلينڊ جي هڪ ٻيٽ تي رهندڙ ماڻهن جي محدود زندگي تي لکيل آهي. ناول جا ٻه مرڪزي ڪردار آهن جيڪي اونهاري ۾ ان ٻيٽ تي وڃن ٿا. هڪ Mr. Lloyd جيڪو فرينچ پينٽر آهي ۽ نئين منظر نگاري جي ڳولها ڪندي ٻيٽ تي اچي ٿو ۽ ٻيو اهم ڪردار Mr. Masson آهي جيڪو ٻولي جو ماهر آهي هو ان ٻيٽ جي ٻولي کي (Gaelic language) محفوظ ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. ان کان علاوه Mairead هڪ بيواهه عورت پڻ پنهنجي پٽ جيمس سان ان ٻيٽ تي گڏ رهندي آهي. هن جو Lloyd سان افيئر شروع ٿئي ٿو. اهو ٻيٽ دنيا کان ڄڻ ڪٽيل رهي ٿو، ماڻهو ڪالونيل بڻيل آهن. ٻنهي فردن جي ڪري ماڻهن ۾ افراتفري پڻ ڦهلجي وڃي ٿي. ڪهاڻي ۾ ٻاهرين تضادن سان گڏ ڪردارن اندر پڻ اندروني تضاد آهن جيئن Lloyd پنهنجو شوق ۽ جدوجهد، ميسن جي ٻولي تي ريسرچ ۽ ان سان اتي ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ اثر پڻ شامل آهن. ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس هن ناول جو تجسس ڀريو آهي، جڏهن ٻاهران ايندڙ ٻئي فرد ٻيٽ تان واپس وڃن ٿا اهي پوئتي ماڻهن کي ڪيترن ئي سوالن سان گڏ مونجهارن ۾ پڻ ڇڏي وڃن ٿا جنهن ۾ ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ ماڻهن جي شناخت جو سوال اڀري ٿو ڪيئن اڳتي بحث ڪيون ٿا پاڻ. ناول جي ڪهاڻي “Dual Narratives” ۽ “omniscient” ۾ بيان ٿيل آهي. جنهن ۾ ان ٻيٽ تي ايندڙ ٻاهريان ماڻهو ۽ اتان جا رهاڪو ڪهاڻي ٻڌائيندا رهن ٿا.
ڪردار نگاري:
ناول جي ڪردارن تي ڳالهائجي ته اهي ڏاڍا پيچيدا آهن. جيئن Mr. Lloyd جيڪو ٻيٽ تي پنهنجي ذاتي مقصد (artistic inspiration) تحت اچي ٿو. اتي ماڻهن جي تصوير ڪشي ڪندو رهي ٿو، انهن جي خود مختياري جي پرواھ نٿو ڪري. هو پنهنجي آرٽ واري مقصد تحت انهن جي وجود کي ڄڻ ثانوي سمجهي ٿو. انهن جي زندگي ۽ سماجي جدوجهد کي نظر انداز ڪري ٿو.
ٻيو ڪردار Mr. Masson جو آهي، هو پاڻ کي اتي ڄڻ معتبر سمجهي صرف پنهنجي حساب سان ٻولي تي ڪم ڪري ٿو. هو ٻولي جو ماڻهن جي زندگي ۾ ڪردار، انهن جي مختلف رخن کي نٿو ڏسي هي انگريزي “past colonial tensions” جي پوئيواري ڪري ٻولي تي ڪم ڪرڻ لڳي ٿو، ماڻهن سان ان جو ورتاءُ ماڻهن ۾ اهو تاثر ڇڏي ٿو جو اهي ان عمل کي پنهنجي ورثي، ٻولي، تهذيب، ثقافت تي حملو سمجهڻ لڳن ٿا. اهي ٻئي گڏجي آرٽ ذريعي هڪ قسم جو استحصال ڪن ٿا. شين جو هڪڙو رخ معلوم ڪن ٿا. ٻيٽ تي موجود ماڻهو پاڻ کي غير مطمئن محسوس ڪن ٿا. ٻئي ڄڻا پنهنجي مقصد خاطر اتي رهندڙ زندگي جي ٻين رخن کي نٿا ڏسن. اهي پاڻ تائين محدود رهن ٿا، اهي ماڻهن جي ريتن، رسمن، رواجن کان اکيون ٻوٽي ڇڏين ٿا بلڪل ائين جيئن هتي اردو ادب جا اڪثر ليکڪ ۽ سنڌي ادب ۾ سرڪاري اديب ڪن ٿا.
ٽيون ڪردار ٻيٽ جي رهاڪو Mairead جو آهي. جيڪا شروعات ۾ انهن ٻن ٻاهران آيلن جي سهولتڪار بڻجي ٿي، ماڻهن سان انهن کي ملائي ٿي. ڪجھ وقت کانپوءِ هوءِ محسوس ڪري ٿي انهن جو ڪم فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ڏئي ٿو. اهي پنهنجي ڪم ذريعي ٻيٽ جي تهذيب جو غلط خاڪو جوڙي رهيا آهن. هوءَ محسوس ڪري ٿي وٺي ته اهي ٻاهريان ماڻهو انهن جي زندگي لاءِ وڏو خطرو آهن. هوءَ ٻاهرين قوتن جي دٻاءُ کي پنهنجي ثقافت طرف نقصان سمجهي ٿي. ناول جي ڪردار نگاري ۽ ڊائيلاگن جي ادائگي ڏاڍي اثرائتي آهي.
ناول جا فڪري پاسا:
ناول ۾ هڪ پاسي ثقافتي ڪالونيئلزم ڏيکاريل ته آرٽ جي ذريعي هڪ فرينچ پينٽر پنهنجي آرٽ ۾ فيصلائتي راءِ جوڙي انهن جي زندگين کي صرف پنهنجي ڪم جو “موضوع” سمجهي ٿو، هو صرف ۽ صرف پنهنجي گهربل وکر کي حاصل ڪري ٿو. اهو هڪ قسم جو ڪالونيئلزم آهي جنهن ۾ خاص ڪري ڪنهن خطي کي ڪالوني بنائڻ لاءِ ان سماجي ڍانچي جي سمورين پيچيدگين ۽ حقيقتن کان اکيون بند ڪيون وينديون آهن. ٻيو ٻولي ۽ لکت ذريعي خاص ڪري ڪاغذن ۾ اڪيڊمڪ ڪالونيئلزم جو اثر هوندو آهي جيڪو Masson هڪ لسانيات ذريعي ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن ڪنهن خطي جي ٻولي تي تحقيق ڪجي، ان کي محفوظ ڪجي ان جي حال جي شڪل ۽ ماضي جو جو تعلق، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، انهن جون روايتون، ثقافت، ماڻهون، ماڻهن جا کاڌا، ماڻهن جا لباس، روايتون، ڏسڻ لازمي آهي. ميسن جي ذريعي برٽش جو آئرلينڊ تي پنهنجي تهذيب مڙهڻ وارو پاسو ڏيکاريل آهي. اصل ۾ ليکڪا هتي برٽش جو آئرلينڊ کي پنهنجي ڪالوني ٺاهڻ واري تاريخي پسمنظر کي پڻ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آئرلينڊ برٽش کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪيترو تاريخي طور ڀوڳيو آهي، Treaty of Edinburgh، Union of the Crowns، Acts of UnionUnion ۽ Scottish independence referendum اهي چند خاص تاريخي نقطا آهن ان تاريخي تسلسل جا.
ناول جو ٿيم ڪالونيئلزم، شناخت، آرٽ آهي. ٻيٽ تي ڪهاڻي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ان ٻيٽ ذريعي هڪ سگهارو پيغام ملي ٿو، جيئن ان ٻيٽ جا ماڻهو زميني طور ڄڻ الڳ دنيا ۾ رهن ٿا. ان جو سبب ڇا آهي؟ اصل ۾ ڪارپوريٽ ڪلچر جي ڪري گلوبلائيزيشن ۽ جديديت جي خطرن کان بچڻ لاءِ پنهنجي شناخت کي برقرار رکڻ، پنهنجي ثقافتي ورثي کي جديد دور جي لهر کان بچائڻ، پنهنجي لوڪ ادب، قصن ۽ ڪهاڻين کي جيئرو رکڻ، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ، گڏ رهڻ، فطرت جي ويجهو رهڻ، گڏيل خاندان مذهبي روايتن کي برقرار رکڻ يعني هنن جو اهم مقصد جديديت جي اثرن کان بچڻ هو.
عالمگيريت ۽ ٻيٽ جي شناخت:
اصل ۾ آدري ميگي جڏهن هڪ ننڍڙي ٻيٽ جي منظر ڪشي ڪري، انهن جي زندگين ۽ دنيا کان بلڪل ڪٽيل رهڻ، ٻاهران ايندڙ ماڻهن کان ڊپ سبب هن عالمگيريت جا اثر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کان اتان جا ماڻهو پنهنجي قديمي روايتن کي برقرار رکي جيئڻ ۾ پاڻ کي مطمئن ۽ محفوظ سمجهن ٿا. عالمگيريت ته دنيا کي عالمي ڳوٺ ٺاهي ڇڏيو آهي، هتي ان جو ابتو پاسو ڇو ڏيکاريل آهي؟
حقيقت ۾ عالمگيريت ڪو نظريو، فڪر يا خيال ناهي پر سياسي، سماجي، معاشي، فڪري علمن کي عالمي سطح تي يڪسانيت واري دائري کي عالمگيريت سڏجي ٿو. حقيقت ۾ اهو خيال عالمي سامراجي قوتن جو آهي ته دنيا مسئلن کان جان ڇڏائي خودمختيار ۽ پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آهي. اصل ان صورتحال کي ٺوس حقيقتن جي بنياد تي ڏسجي اهو عالمي قوتن/سرمائيداراڻي دنيا، گلوبلائيزيشن، سرمائيداراڻي معشيت ۽ نيو لبرل ماڻهن جو گڏيل خيال آهي. جتي گلوبلائيزيشن دنيا جي چند ملڪن کي فائدو ڏنو ان جڳھ تي ان ٽين دنيا جي ملڪن ۽ خاص ڪري ننڍن ننڍن ثقافتن کي پڻ نقصان رسايو آهي. اصل ۾ هتي انگريز ۽ فرينچ فرد جو ٻيٽ تي اچڻ ۽ انهن ماڻهن کي هڪ طرفو بيان ڪري دنيا آڏو آڻڻ پڻ ان جي نشاني آهي، جيڪي پنهنجي نوعيت تحت ان کي بيان ڪن ٿا، جنهن سان اتان جي ٻولي، ماڻهن جو رهڻ ڪرڻ، ثقافتي شناخت ٻاهرين قوتن جي ڪري متاثر ٿي سگهي پيو.
هڪ طرفي آرٽ ۽ ناول جو فرينچ ڪردار:
هڪ طرفو فن تعصب ڦهلائيندڙ، سازشي ۽ روايتي هوندو آهي، جيڪو سماج ۾ غلط تصور ڦهلائيندو آهي. اهو فن سماجي حقيقتن ۽ شين جي جوهر کان ڪٽيل سطحيت جو شڪار هوندو آهي جيڪو پروپيگنڊا ۾ شمار ٿئي ٿو. ان فن ۾ سگهاري ڌر جو موقف چٽو هوندو آهي ۽ مظلوم کي احساس برتري هيٺان رکيو ويندو آهي. ساڳي صورتحال اسان کي ناول اندر ملي ٿي. هر فنڪار/تخليقڪار جو سماج ڏانهن رويو پاڻ کي حاڪم سمجهندڙ نه هئڻ گهرجي، بلڪه آرٽ جي اظهار ۾ ان کي هر طرف/رخ کي چڱي نموني ڏسڻ ۽ پرکڻ گهرجي. ڇو ته هڪ طرفو فن ڪنهن ثقافت ۽ انسان لاءِ، سماج لاءِ، تهذيب لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
***