نئون

مرحومه رٿ فاوو جي اعزاز ۾ 50 رپين جو سڪو جاري

اسٽيٽ بينڪ پاران ڊاڪٽر رٿ فاوو جي اعزاز ۾ 50 رپين جو سڪو جاري ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان مطابق مشهور ڊاڪٽر رٿ فاوو جي اعزاز ۾ جاري ڪيل 50 رپين جو سڪو جاري ڪرڻ جي تقريب اسٽيٽ بينڪ آفيس ڪراچي ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا ۽ جرمن سفير مارٽن ڪوبلر به شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوا چيو ته ڊاڪٽر رٿ فاوو سڄي زندگي ڪوڙهه جي مريضن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، جنهن ڪارڻ پاڪستان ان بيماري تي ضابطو آڻڻ وارن ملڪن ۾ پهرين نمبر تي رهيو. ان موقعي تي جرمني جي سفير پاڪستان حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ جو ڊاڪٽر رٿ فاوو جي عزت افزائي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ٿورا مڃيا. واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مرض سان وڙهندڙ ڊاڪٽر رٿ فاوو 10 آگسٽ 2017 تي لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن جي 9 ڏينهن بعد 19 آگسٽ تي ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ ڊاڪٽر رٿ فاوو کي دفنايو ويو هو. جنهن ۾ صدر پاڪستان، وزيراعظم، ٽنهي فوجين جي سربراهن سميت گورنر ۽ وزيراعليٰ سنڌ به شرڪت ڪئي هئي.