شاعرينئون شاعري October 12, 2024 Zahida Abro وائيبخشل باغيڇَڻ ڇَڻ ڇَڻڪائيپَن ڇَڻ کي پائي رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.وڻ وڻ جو ڏک ڏيک ۾،وڻ وڻ وڍرائي. رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.ٻُسين ٽارين تان اُڃيا،پکي اُڏائي. رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.خواب خزائن جا نه ڏي،ساڀيان سُڪائي، رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.جيوت جهوني جوت جي،وٽ کي وسائي، رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.***نظمڄام ولي محمد انڙڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.ڏينهن ڏھاڙي ڦرون، ڦورو ڪيو وڃن ٿا،واھرو، محافظ اسان جا، چوريون ڪيو وڃن ٿا،غريب نياڻين سان ڏاڍا، زوريون ڪيو وڃن ٿا.ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.غريب جي لاءِ اڄ ڀي، ڪائي عدالت ناھي،قاضين جي قول فعل ۾، ڪائي صداقت ناھي،جيئن وڻين تيئن ڪن ٿا، ڪائي مزاحمت ناھي،ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.قرب ۾ مسڪينن سان، ڪنهن ڀي ڳالھايو ناھي،غريب نياڻيءَ کي عزت مان، ڪنهن ڀي نھاريو ناھي،پوڙھي ھاريءَ کي ويجھو، ڪنھن ڀي ويھاريو ناھي،ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.ھڪٻئي تي چغليون، ننڍا وڏا ھڻن ٿا،ڀاءُ ڀاءُ ته ڇا، پيءُ پُٽُ به ڪونه ٺھن ٿا،هڪٻئي تي رت جا رشتا، سڀ کائن ۽ کڻن ٿا.ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.ماءُ جي وارن ۾، ھٿ پُٽَ وجھن ٿا،جائيداد ورهائڻ خاطر، پوڙھي پيءُ کي مارن ٿا،رشتا وساري سارا، ڀيڻن کي قتل ڪن ٿا،ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.ناھن رھيون اوطاقون، نه مَچَ ڪچھريون آھن،نڪي سگھڙن پھاڪا، نڪي ڳجھارتون آھن،نه رھيا ڏور، ھنر، نڪي مھارتون آھن،ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.غريب جو ٻار اڄ ڀي، تعليم کان پري آ،ھن ظلم تي ڪو سردار، ڪوڪ ته ڪري ھان،سنڌ تي “ولي محمد انڙ”، ايئن نه لکي ھان،ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.***غزلعرفان آزادقلم کي عَلم بڻائيندا هلو،انقلاب ڳائيندا هلو۔وطن جي جياپي ڪاڻ وک وڌائيندا هلو،انقلاب ڳائيندا هلو۔پير مير ماري ڌرتي بچائيندا هلوانقلاب ڳائيندا هلو۔سنڌ جيجل جا الم مٽائيندا هلوانقلاب ڳائيندا هلو۔آزاد سنڌ جا وچن ورجائيندا هلوانقلاب ڳائيندا هلو.***غزلقمرالنساءِ ٽالپرحياتي حسابن ۾ گذريگناھن ثوابن ۾ گذريلکيو ھو چون ٿا صبر ڪرگھڙي ھر عذابن ۾ گذريغريبن خبر ڇو لھي ھوسڄي شب شرابن ۾ گذريتري سچ تڏھن ٿو بحر ۾سدا ٿي نصابن ۾ گذريڏکيو آ رھڻ گڏ قمر جاڪٿي ٿي گلابن ۾ گذري***“برف جو ماڻهو”زاهده ابڙوهو پٿر جو ماڻهوکڙڪندڙ مٽيءَ جو ماڻهوپنهنجي هجڻ جو احساس نهپر ويساه ڏئي مڃرائڻ واروهو آڪاش تي اڏامڻ لاءِپنهنجن ارادن جي ڏاڪڻ جوڙيمٿي ڏور اڏامڻ لڳوڏور ڏور پنڌ ڪرڻ لاءِهن هر وک تي پوکيل ڪنڊاگلابن ۾ مٽي ڏيکارياهو اڏول ماڻهوبرف جو نڪتوهو وگهرڻ لڳوروز ڦڙو ڦڙو ٽمڻ لڳوهن جي وجود جي برفسڀاڻي ڳري پاڻي بڻجي وينديهو درياھ ۾ وهي ويندوپوءِ ان پاڻيءَ مان نئون برف جو ماڻهو جڙندو***غزلوسيم سومرواندر کي يادگيرين جو رڳو ڄارو نٿو گهرجياکين کي مرڪ گهرجي، لڙڪ ڪو کارو نٿو گهرجيسفر هي رات جو ڪارو ڪٽيندو ٿو رهان تو لئهسوا تنهنجي اڱڻ تي صبح جو تارو نٿو گهرجيالائي ڪيتريون ڪشتيون پسان پيو هي پراون جوناسان جي سمنڊ کي سنڌي ڇا وڻجارو نٿو گهرجيلڪائي پاڻ ڪڪرن ۾ ڏسي ٻيو پار پيو ڪوئيلڳي ٿو رت هاڻو چنڊ کي چارو نٿو گهرجيڀلي ڏي ڀائرن کي تون لکي رت ڇاڻ کان اڳ ۾امان منهنجي حصي جو مونکي هي ٻارو نٿو گهرجيڪيو مون پيار آ جنهن سان اُڻي راتين کي خوابن سانچئي سگهندس ڪڏهن سرتيون ته سو پيارو نٿو گهرجي جتن جي آهيان ويندس جتن پاسي وسيم آئونجبل جي پيٽ ۾ مونکي ڪو جانارو نٿو گهرجي*** Post Views: 247