پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن جي لاءِ (ايس سي او) شنگهائي سهڪار تنظيم جي گڏجاڻي هلي رهي آهي. 14 آڪٽوبر 2024 تي چين جو وزيراعظم لي جيانگ پاڪستان جي راڄڌاني واري هنڌ پهتو. اهو ڪنهن به چيني وزيراعظم جو 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن نور خان ايئربيس پهچڻ تي سندس آجيان ڪئي ۽ کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ان کانپوءِ لي جيانگ وزيراعظم هائوس پهتو، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ اتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعدي باضابطا تقريب ٿي جنهن ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو ويو. لي جيانگ جي چوڻ مطابق ته گوادر ايئرپورٽ ٺهڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جنهن سان علائقي ۾ تمام گهڻي ترقي ٿيندي ۽ پاڪستان ۽ چين جا دوستاڻه لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن وقت شنگهائي سهڪار ڪانفرنس پاڪستان جي خطي ۾ هڪ نئين سياسي اسٽريٽيجڪ اهميت کي اجاڳر ڪري ٿي ۽ پوري قوم پر اميد آهي ته ان سان پاڪستان جي سياسي ۽ خطي ۾ اسٽريٽيجڪ اهميت اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي اڳيان ايندي. گوادر ايئرپورٽ جو افتتاح پاڪستانين جي لاءِ هڪ نئين اميد آهي. جيڪو بلوچستان جي گوادر ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. ان جي اسٽريٽيجڪ لوڪيشن اها آهي ته اهو ايراني نار جي بلڪل مُنڍ ۾ ۽ آبناءِ هرمز جي ويجهو آهي. اهو بلوچستان جي ڏکڻ اولهه ۾ ۽ عربي سمنڊ جي ساحلي پٽي تي ٺاهيو ويو آهي. جنهن جي پکيڙ 43 سئو ايڪڙ آهي. نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ (اين جي آءِ اي) پاڪستان جو سڀني کان وڏو هوائي اڏو آهي. جنهن تي دنيا جو سڀ کان وڏو مسافر بردار جهاز لهي سگهندو.
ان ايئرپورٽ تان ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر جهاز اڏام ڀريندا. نه صرف ايترو بلڪه پاڪ چائنا ڪاريڊور جو هڪ اهم پروجيڪٽ آهي. گوادر ايئرپورٽ نه صرف پاڪستان ۽ چين جي واپار کي هٿي ڏيندو، پر خطي جي واپار، سياحت ۽ معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏيندو. جنهن جي لاڳت 246 ملين ڊالر آهي. چيو وڃي ٿو ته هن ايئرپورٽ تي هر سال 20 لک کان وڌيڪ مسافر اچي وڃي سگهن ٿا. هن ايئرپورٽ تي دنيا جون جديد سهولتون موجود آهن. جنهن ۾ جديد ٽرمينل، رن وي، ٽيڪسي وي، ايپرن ۽ ڪارگو جون سهولتون شامل آهن. چائنا اسان جو دوست ملڪ آهي ۽ ان سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسين ۾ سڀ کان مٿانهين ترجيح تي آهي. گوادر ايئرپورٽ جنهن جو ڪم 2002 کان 2007 ۾ شروع ٿيو جنهن جي شروعات ۾ آمريڪا پاڪستان جو پارٽنر هو. 2013 ۾ ان ۾ چائنا شامل ٿي ويو ۽ 2015 ۾ اهو سي پيڪ جو حصو بڻجي ويو. پاڪستان جي سرڪار هن وقت ڪوشش ڪري رهي آهي ته چين سان پنهنجا دوستاڻه لاڳاپا مضبوط ڪري پاڪستان جي معيشت کي ترقي وٺرائي. ان جي لاءِ گوادر ايئرپورٽ جنهن جو ورچوئل افتتاح 14 تاريخ تي ٿيو، اهو پاڪستان جي بيروزگار نوجوانن ۽ خاص ڪري بلوچستان جي ماڻهن جي لاءِ نوان موقعا فراهم ڪندو. جنهن ۾ ايئرپورٽ جي اندر نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، ايئرپورٽ جي وڌيڪ تعمير ۾ ماڻهن کي نوڪريون ملنديون ۽ اتي ڪيترن ئي قسمن جي روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا ۽ هي ايئرپورٽ خطي ۾ واپار جو حب قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڇو ته مستقبل ۾ گوادر ايئرپورٽ مختلف قسم جي سامان جي روانگي ۽ ترسيل جي اهم جاءِ بڻجڻ وارو آهي. جتان ڪيترائي ملڪ پنهنجو واپار ڪري سگهندا ۽ خطي ۾ دوست ملڪ هن ايئرپورٽ کي استعمال ڪندي پنهنجي سامان کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ رواني ڪرڻو جو فائدو وٺي سگهندا. وچ اوڀر جي ملڪن کي خاص ڪري ايشيا ۽ چين کي واپار ۾ يا جيڪي هتان جون مقامي صنعتون آهن جيئن ٽيڪسٽائل فشريز وغيره کي به ڪافي هٿي ملندي. جتي تمام گهڻا فائدا هوندا آهن اتي ڪجهه چئلينجز به سامهون ايندا آهن. هن ايئرپورٽ کي سيڪيورٽي جا خطرات به گهڻا رهندا. ڇو ته دشمنن جي نظر هميشه رهي آهي ته پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ انفرااسٽرڪچر جي ڊولپمينٽ کي روڪيو وڃي جيڪڏهن روڪي نٿو سگهجي ته ان کي سست رفتار ڪيو وڃي. هن ايئرپورٽ ۾ سرمائيداري ڪرڻ وارن کي به ڪافي موقعا ملي سگهن ٿا، جنهن ۾ ايئرپورٽ جو انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ، لاجسٽڪ ۽ ڪارگو جون خدمتون، انڊسٽريل زون ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون جي تعمير جو ڪم شامل آهي. ان کان علاوه ريئل اسٽيٽ ڊولپمينمٽ جو شعبو به انهن سرمائيدارن لاءِ وڏو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جيڪو دوستي جو ناتو آهي اهو مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ناڻي جي مٽا سٽا وارو گڏيل معاهدو به ٿيو آهي. جنهن ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪو به ڪاروبار ٿيندو ان جي ڏي وٺ يووان (چيني ناڻو) ۾ ٿيندي جنهن جو مقصد اهو آهي ته ڊالر جي استعمال تي گهٽ کان گهٽ انحصار ڪيو وڃي. اهو معاهدو پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي جيانگ جي وچ ۾ ٿيو. ان کان علاوه نوجوانن جي لاءِ هڪ وڏي خوشخبري اها آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سمارٽ ڪلاسن جو معاهدو ٿيو آهي جيڪو پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ هڪ نئون جهان کوليندو. اهو معاهدو سي پيڪ تحت ڪلاسون هلائيندو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 50 يونيورسٽيون سڄي پاڪستان ۾ هونديون جتي نوجوانن کي آن لائين سمارٽ ڪلاسن جي ذريعي ٽيڪنالاجي بابت مختلف موضوئن تي پڙهايو ويندو ۽ ڪورس ڪرايا ويندا جنهن جي باري ۾ اڃان وڌيڪ معلومات اچڻ باقي آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جا ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ اميد ڪجي ٿي ته پاڪستان پنهنجي نئين معاشي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
هن وقت پاڪستان جي حڪومت لاءِ سڀني کان وڏي ۾ وڏو چئليج مذهبي انتها پسندي ۽ امن امان جو آهي، ان جي لاءِ اميد آهي ته اسان جي موجوده حڪومت انتهائي دانشمندي سان پنهنجن سرحدن تي ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪندي ۽ ملڪ اندر سياسي غير استحڪاميءَ واري صورتحال کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ۽ مستقبل ۾ پاڪستان کي هڪ نئون رستو جيڪو معاشي ترقيءَ جو رستو آهي اهو ڏيڻ ۾ به ڪامياب ويندي. اسان جي خواهش آهي ته اسان ملڪ کي مستحڪم ۽ ترقي يافته چئي سگهون.