پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ باضابطا آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ 11 جولاءِ 1950 تي درخواستگذار لسٽ ۾ شامل ٿيو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان 1947 ۾ برطانيا ۽ هندستان کان آزاد ٿيڻ بعد ڪافي مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو. 1958ع ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ بيل آئوٽ لاءِ ويو هو، آءِ ايم ايف 25,000 آمريڪي ڊالر پاڪستان کي مالي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور بغير ڪنهن گارنٽي جي جاري ڪيا هئا. جيڪا هينئر 264,014 ڊالر جي برابر رقم هئي، اصل ۾ قرض جي رقم ايس ڊي آر ۾ ڏني وئي هئي. ان جو مطلب هڪ ايس ڊي آر برابر هو هڪ يو ايس ڊي يعني پاڪستان کي اهو قرض بغير ڪنهن وياج جي ملڪي مسئلن کي بيلنس رکڻ لاءِ مهيا ڪيو ويو هو، مالي مدد طور پاڪستان کي اسٽينڊ بائي ترتيب جي بنياد تي 8 ڊسمبر 1958ع تي هڪ دفعو ٻيهر قرضدار لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. 1965ع ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان جي قرض جي وصولي ۽ ٽيڪس سڌارن جي تربيت ڪرڻ ۾ مالي معاونت به ڪندو رهيو، هن ڀيري آءِ ايم ايف مارچ 1965ع ۾ هندستان سان جنگ جي وڙهندڙ ملڪ کي قرض جي صورت ۾ 37,500 آمريڪي ڊالر جيڪي موجوده وقت جي حساب مطابق 362,566 ڊالر جي برابر قرض ڏنو هو، ٽن سالن کانپوءِ پاڪستان ٽيون ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ بيلنس آف پئمينٽ جي مسئلن لاءِ ويو جنهن لاءِ آءِ ايم ايف پاڪستان کي 75,000 آمريڪي ڊالر هينئر جي حساب مطابق 657,129 ڊالر جي برابر قرض ڏنو هو، 17 آڪٽوبر 1968 تي 1971ع ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ واري جنگ کانپوءِ پاڪستان پنهنجو اوڀر وارو حصو يعني اوڀر پاڪستان وڃائي ويٺو هو. هن جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. جنهن لاءِ پاڪستان کي 1972ع ۾ 84,000 آمريڪي ڊالر موجوده ٽائيم مطابق 611,857 ڊالرن جي برابر قرض ڏنو.