ڪاوڙيل آھين؟ نه بابا. (مون پري منھن ڪندي چيو) مون ڏانھن ڏس. جي بابا. (بابا ڏانھن ڏسندي) توکي خبر آھي. ان عمر ۾ انسان تمام گھڻو جذباتي ھوندو آھي، پر انھن جذباتن کي مثبت شين ۾ استعمال ڪجي ٻي صورت ۾ اھي انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. جيڪي تنھنجي لاءِ به نقصانڪار آھن. ان طبيعت جي ڪري تون تمام وڏي مسئلي ۾ ڦاسي سگھين ٿو. پنھنجي طبيعت ۾ عاجزي آڻ. عاجزي ۽ سادگي تمام خوبصورت شيون آھن، پر بابا مون صرف ان کي دروازو کولڻ جو چيو ھو…
ھا، پر ان جي به ڪھڙي ضرورت ھئي پٽ، توکي خدا ھٿ ڏنا آھن، تون پاڻ دروازو کولي سگھين پيو ۽ ٻي ڳالھ ته تو ان سان ڇڙٻ ڏئي ڳالھايو جيڪا تمام خراب ڳالھ آھي، ان عادت جي ڪري تون سڀاڻي ڪنھن ٻئي ماڻھو سان بدتميزي ڪري سگھين ٿو، ڪو پوليس وارو توکي بيھاري ته تون ان سان بدتميزي ڪري سگھين ٿو، تون ھٿيار ھلائي سگھين ٿو، جواب ۾ ھو توتي فائر ڪري سگهن ٿا، تون پنھنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهين ٿو پٽ.
ھمم… اوڪي بابا. ھاڻي آئون خيال رکندس، پر توھان کي انھن جي سامھون منھنجي بيعزتي نه ڪرڻي ھئي. انھن جي سامھون ئي ڪرڻ سان توتي اثر ٿيندو ۽ سڄي عمر ياد رھندو، ٻي ڳالھ، مون کي ھٿيارن کان پڻ سخت نفرت آھي، جي تون اھو شوق به آھستي آھستي ختم ڪرين ته مونکي خوشي ٿيندي. ھمم، جي بابا ۽ تون پنھنجي آسپاس جي ماڻھن سان عزت سان ڳالھائي ته ڏس، ڪيڏو سڪون آھي عاجزي ۾. ھمم، جي بابا…
۽ آئون چاھيان ٿو ته ھاڻي تون پاڻ ڪمائڻ شروع ڪرين. جي بابا مون جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو آھي. ڀلا ٻڌ… گھوڙن جي جاءِ تي ڏاچي وٺين ته ڀلو ناھي ماڻھو سندس کير به پيئي. (بابا کلندي چيو). آئون کلي پيس. (ان کانپوءِ ڪجھ جذباتي ڳالھيون ٿيون جيڪي آئون هتي نٿو لکڻ چاھيان). خير بابا جي ان نصيحت منھنجي طبيعت ۾ وڏي تبديلي آندي، ان ڏينھن کانپوءِ منھنجو ماڻھن سان ورتاءُ ڪافي عاجز ٿي ويو، ايتري حد تائين جو ھارين سان گڏجي پٽ تي ويھي چانھ پيئڻ ۽ ماني کائڻ به لڳس ۽ پوءِ مون محسوس ڪيو ته واقعي عاجزي ڏاڍي خوبصورت شيءِ آھي ۽ ھٿيارن جو به شوق ختم ٿيندو ويو، جيڪي ھاڻي ڪٽ پيا کائين. بس سال تي تيل ھڻندو آھيان. مون ڪٿي اھو به پڙھيو ھو ته سائين جي. ايم سيد پڻ چيو آھي ته سادگي وڏي ۾ وڏو حُسن آهي. تصنع ۽ نمائش قباحت آهي. سادگي فطرت جي ڏات آهي. نمائش عيبن جو لڪائڻ آهي.
ان واقعي جي ڪجھ سالن کان پوءِ سنڌ جي ھڪ ارب پتي جتوئي گھر سان تعلق رکندڙ شاھ رخ جتوئي نالي ھڪ نوجوان پنھنجي گارڊ سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ ھڪ نوجوان کي ننڍڙي ڳالھ تي ماري وڌو ھو. بابا مون کي گھرائي چيو، ڏٺئي. اھا ساڳي ڳالھ مون ڪجھ سال پھرين توکي سمجھائي ھئي ۽ توکي ڏاڍي بري لڳي ھئي، اڄ ھڪ نوجوان ڪنھن جو گھر اجاڙي ڇڏيو ۽ ھاڻي پاڻ به ڪورٽن ۾ لوڙيندو ۽ گھر وارا به لوڙيندا…
مون چيو “جي بابا. بلڪل…” آئون سوچ ۾ پئجي ويو ھئس. خير ان وقت تائين مون کي ھٿيارن جو شوق به پورو ٿي چڪو ھو ۽ طبيعت ۾ پڻ وڏي تبديلي اچي چڪي ھئي.
سنڌ ۾ تازي پيش آيل واقعي ۾ ھڪ نوجوان، پوليس جي ڪنھن ھيٺين رينڪ واري اھلڪار کي گاريون ڏيندي ڏاڍي بدتميزي ڪئي جيڪو غالبن پ پ جي ڪنھن وڏي سياستدان جو پٽ ھو. (سليم باجاري ھڪ ماستر جو پٽ ۽ اريگيشن جو انجنيئر آھي ۽ مراد شاھ جو فرنٽ مين آھي نه ڪي ڪو سياستدان) جنھن جو مُک سبب تربيت جي کوٽ ھئي، اسان جي سياستدانن کي به گھرجي ته پنھنجي نوجوان ٻارن کي عاجزي جي اھميت سمجھائين، نه ته اھي نوجوان پنھنجي لاءِ ۽ توھان لاءِ پڻ وڏو مسئلو پيدا ڪري سگھن ٿا.