ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ “آباد” ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، 1927ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن 1934ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ 20 رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائودپوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب 1938ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ منگها رام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. 1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ “اسسٽنٽ ماسٽر” مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون “پڃري جا پکي” 14 سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال 1946ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين “ڪرانيڪل” ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’ هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دوران هن هڪ ڪتاب “سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين 200 رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. 1951ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور “هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (56-1955) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ “مهراڻ” جو اهو دور يادگار ليکيو وڃي ٿو. 1963ع کان 1967ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ 1967ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي “سليم احمد” جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: “اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو” جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزامنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ 1971ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. 1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ 12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1954 واري دور ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي “نئين جاڳرتا (Renaissance) ” جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
1973ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. 1973ع ۾ “سنڌ فرينڊس سرڪل” قائم ڪري، ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ “سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ” جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ 1998ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به 2000ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي 22 جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (1964ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبع زاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (1945ع)، (2) Save Sindh, Save the Continent (1945)، (3) ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (1969ع)، (4) ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (1972ع)، (5) وحشي جيوت جا نِشان هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (1976ع)، (6) سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: 1976ع)، (7) فِڪر جي آزادي: اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون 1977ع)، (8) گليلو: برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (1977ع)، (9) شاهه، سچل، سامي: (1689-1850 هڪ مطالعو) (1978ع)، (10) ٻارن جو مسيح: اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (1980ع)، (11) ماڻهوءَ جو ڀاڳ: (ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (1980ع)، (12) عورتازاد (عورتن جي تحريڪ آزادي): ترتيب ۽ ترجمو (1983ع)، (13) فلسفي جو ابتدائي ڪورس: جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (1984ع)، (14) علم تدريس مظلومن لاءِ: پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو (1984ع)، (15) مهڪريءَ جا مضمون: (ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (1983ع)، (16) اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم: (ترتيب) (1985ع)، (17) فرينچ انقلاب: ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (1990ع)، (18) مُٺِ مُٺ موتين جي: (هفتيوار هدايت، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ) (1992ع)، (19) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (پهريون جلد): مضمون ۽ ترجما (1995ع)، (20) ادب، ٻولي، تعليم: (هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي، جلد ٻيو) (1998ع)، (21) خط ٻن اديبن جا: (عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (1999ع)، (22) ڳالهيون ڪتابن جون، ڀاڱو پهريون (2002ع)، (23) خط ٻن اُستادن جا: (محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (2003ع)، (24) ڳالهيون ڪتابن جون (ڀاڱو ٻيو) (2003ع)، (25) خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (2008ع) (26) Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles, Letters (1942-2003), (2006) ان کانسواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس، جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي.