شاعرينئون شاعري December 13, 2024 Zahida Abro غزلديوي ناگراڻيھيءَ سنڌ آ سڀاڳي جنھن جي شھاڻي ٻوليجا ھنج ۾ کڻي پئي مون کي سُڻائي لوليڪهڙيون وساري آخر، ڪهڙيون وساريان ڳالهيونخوشبو خمار جنهن ۾، آهي سا منهنجي ٻوليسي سنڌ جا اڱڻ ۽ ماڙيون ۽ مٺڙا ماڻهووسري نه ٿا سي وسرن جن سان مون کيليِ هوليجنهن پرانت ۾ نه ٻولي، دامن آ تنهنجو خاليهر پرانت جي سڃاڻپ، آهي انهيءَ جي ٻوليٿي پاڻ ۾ هميشه يڪمشت منهن ته ڏينداراهن ۾ مشڪلاتن جي آئي آهي ٽوليچندن سمان آهي تنهن ۾ هڳاءُ ديويمهڪائي ساهه کي ڄڻ، خوشبوءَ جي هيءَ ڇولي***شاعرہ: فروغ فرخ ذادمترجم: سنجھا چنازندگي، شايدھڪ ڊگھو رستو آھي، جنھن تان ھر روز ڪا عورت ٽوڪري کنيون، گذرندي آھي.زندگي، شايدھڪ رَسو آھي، جنھن سھاري ڪو شخص وڻ جي ٽاريءَ تي چڙھي ويندو آھي.زندگي، شايدڪو ٻار آھي، جيڪو مدرسي کان گھر ڏانھن موٽيو ھجيزندگي، شايدٻن ڀاڪرين پيلن جي وچ ۾ ٿورڙي وڇوٽيءَ تي سگريٽ جو دکڻ آھي.يا ڪنھن راھ ويندڙ جو گھبرائجي، رستو پار ڪرڻ،مسافر جيڪو پنھنجي ٽوپي کڻي، بي معنيٰ مرڪ سان ڪنھن ٻئي راھ ويندڙ کي چئي ڏئي ٿو، “صبح بخير”زندگي، شايداھو قيد ٿيل پل آھي، جنھن ۾ منھنجون نگاھون تنھنجن نيڻن جي ناسي رتن ۾ پنھنجو پاڻ کي برباد ڪري رھيون آھن۽ انھن منجھ ھڪ احساس آھي،جنھن کي مان چنڊ جي ادراڪ ۽ ظلمت جي شعور سان گڏ ملائي ڇڏيندس.***غزلساحر راهونه ڄاڻا ڪيرَ هُئي جنهن سان، پلڪ جي آشنائيءَ جو،جُڙيو تعلق ٽُٽو جادُو، تصور جي خدائيءَ جو.ڪٿائون ڪئي لِکِيون ڦاڙيون، چِٽِيا ڪي عڪس ٺاهُوڪا،عُمر ڀر پوکيو سپنو، اکين ۾ نِنڊ پرائيءَ جو.خوابن ۽ حِجابن جي نه چاهي، رُخ نمائي ڪنهن،ورق پلِٽيو جبين آڇي، چپن جي پارسائيءَ جو.الائي ڪنهن جي ڳولا ۾، اڪيلو ناتوان دل جو،پکي ڀٽڪي اُڃارو مُئو، نه آيو انتُ تائيءَ جو.هميشه جنگ جي وحشت، ڏئي ٿي درد کي وسعت،جُدايون جاڳ محرُوميون، نتيجو هر لڙائيءَ جو.تون سپني ۾ مِلي آهين، نه ٿي چاهي هي سِڪِڻي دل،ته وِکِري خواب جي خوشبُو، اچي ويلو جدائيءَ جو.ھوا پوشاڪ بدِلي جيئن، پرارن تان پئي آئي،اڇُوتي نظم جي خوشبُو، نِرالو سُرُ سُهائيءَ جو.اُمالڪ ڪهڙي خاموشي، ڀڃي آرسَ اُٿي دل مان،جشن برباد ٿيو ساحر، صدين جي هيکلائيءَ جو.***غزلبخشل باغيٿي وڇوڙا روز سوري عاشقيدل چَري کي ٿي ڪَڪوري عاشقيپنهنجي پاڇي سان ڪري ٿي گُفتگوماٺ سان ٿي ماٺ اوري عاشقيهيڪلائي گيت، ٿي ڏُک جو چئيچنڊ جو ٿي چَنگُ چوري عاشقيڪير ميڙيندو ذَريون منهنجون اچيتو ڇڏيو مون کي ته ڀوري عاشقي!عشق جا پيرا کڻي رُلندي رهي،ٿي رِڻن جي راھ ڏوري عاشقيچنڊُ جو چمڪڻ سَراسر آ سَرابپر نِڀاهي آ چڪوري عاشقي.***غزلسيد عزيز احمد “عزيز“ علويپاڻ پرچندو اعتبار ڪو ناهيمون سان ان جو پيار ڪو ناهيھاڻي بيزار ٿو رهين سڀ کانتوتي شايد نثار ڪو ناھيتنهنجي بائڪ پئي چڪر ڏي ٿيتو سکيو انتظار ڪو ناھيمند سيارو ۽ سرء اونھاروتن ۾ موسم بھار ڪو ناهيسونھن هرجا پئي سڄڻ نظريپر نزاڪت نکار ڪو ناهينيڻ سارا اداس ٿي هر دمپر اکين ۾ خمار ڪو ناھيمطلبي روز ٿا پيا ٽڪرنآدمي قربدار ڪو ناهيبيوسي ڀل ڏسو هتي منھنجيدل مٿان اختيار ڪو ناهيسچ جو ساٿي ٿئي سدا هتڙيپر “عزير” اڄ تيار ڪو ناهي.***غزلآزاد اظهر جوڻيجوشوق سمورا ساٿي سنگتي روح جا راڻا وڇڙي وياننڍپڻ، وارا خوشيون ميلا ڏينهن پراڻا وڇڙي وياسوچ نه آئي اهڙي هئي ڪا ائين جدائي ٿي وينديرستي ويندي گلڙا پٽيندي ٽهڪ اڏاڻا وڇڙي وياجهاتي پائي جوڳين وانگي بستي بستي پاڻ گهميکلندي کلندي هيل اسان کان ڀوءَ ۽ ڀاڻا وڇڙي وياجوڙ جيڏين جو ٽهڪ هوا ۾ رستا سارا خوشبو ٿياهاءِ زمانا ڇا ٿي ويو جو مکڻ چاڻا وڇڙي وياڪاڪ رنو ۽ رٺل راڻل رات انڌاري ڳوڙها ڳاڙياراھ نهاري تنهن کي ساري مومل ماڻا وڇڙي وياسنڌ ۾ توکي ساري ساري اظهر جو هو روح رنوتون ته الا وئين لوڪ پڌاري ٽلندڙ ٽاڻا وڇڙي ويا.***غزلعبدالله آس هنڱورجوخطرو تنهنجو کُٽڪو تنهنجو،اُٿندي ويهندي اُلڪو تنهنجو.هِن منهنجيءَ دل جي ڌرتي تي،آ بي دردا قبضو تنهنجو.نگري نگري ڳوليم توکي،ڪونه گڏيو ڪٿ چهرو تنهنجو.روز سزائون ڇو ٿي ڏين تون،ڏوھ ڪيو ٿم ڪهڙو تنهنجو.مُرڪڻ تنهنجو ماڻا تنهنجا،ڪيئن وساريان جلوو تنهنجو.*** Post Views: 337