بلاگنئون

پاڪستان مان پوليو ڇو ختم نٿو ٿئي؟

پوليو خلاف 30 سالن کان لڳاتار هلايل مهمن باوجود ملڪ ۾ ھلندڙ سال پوليو جا 63 نوان ڪيس ظاھر ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي! بلوچستان ۾ پوليو ڪيسز جي سڃاڻپ ۽ 41 کان وڌيڪ ضلعن جي سيوريج جي نمونن ۾ پوليو وائرس سامهون آيو آهي، جنهن جي ڪري پوليو کان بچاءُ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي. پوليو ويڪسينيشن مهم 41 ضلعن ۾ هلائي ويندي جنهن مان 11 ضلعن ۾ جزوي مهم ٿيندي خيبر پختونخواهه ۾ پوليو کان بچاءُ جي مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي. پنج ڏينهن جي پوليو کان بچاءُ واري مهم جاري رهندي. پوليو کان بچاءُ واري مهم پوري سنڌ سميت ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ هلائي ويندي. اختيارين موجب گڏيل طور تي 12 لک 89 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پوليو کان بچاءُ واري مهم لاءِ 9900 ٽيمون جوڙيون ويون آهن. پوليو کان متاثر 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين نه پياري وئي، سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر پاران پوليو جي خاتمي واري پروگرام تي زور ڏنو ويو آهي ته مرض متاثر ضلعن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. 16 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين ٿيندڙ پوليو ويڪسينيشن مهم هلي رهي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر شمعيله رسول پيغام ڏيندي چيو ته هن سال پاڪستان ۾ 63 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 17 سنڌ مان آهن. گذريل مهيني جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وفاقي صحت واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پوليو وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پوليو سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا متاثر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثر ٻارڙن جو انگ وڌي 55 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پوليو کان متاثر 2 ٻارڙن جو تعلق بلوچستان ۽ هڪ جو تعلق خيبر پختونخواهه سان آهي. بلوچستان ۾ پوليو وائرس سبب متاثر ٻارڙن جو انگ 26 ۽ خيبر پختونخواهه ۾ متاثر ٻارڙن جو انگ 14 آهي. ذريعن موجب سنڌ ۾ هن وقت تائين 13 ٻار پوليو جو شڪار ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ هڪ هڪ ٻار پوليو جو شڪار ٿيو آهي. ٻئي پاسي ان حوالي سان بلوچستان جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته پوليو جا نوان ڪيس زوب ۽ جعفرآباد ضلعن مان رپورٽ ٿيا آهن، هي هلندڙ سال زوب مان پوليو جو ٽيون ۽ جعفرآباد مان ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي، ان کان اڳ قلعه عبدالله مان پوليو جا 6، ڪوئيٽا مان 3، قلعه سيف الله، پشين ۽ چمن مان 2 ،2 جڏهن ته ڊيرا بگٽي، چاغي، جهل مگسي، خاران، نوشڪي ۽ لورالائي مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. هاڻي خطرو حقيقي آهي، پر ويڪسينيشن سان توهان پنهنجي ٻار کي محفوظ رکي سگهو ٿا. پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي هن زندگي کي تبديل ڪندڙ بيماري کان بچائڻ لاءِ پياريا وڃن ٿا. اچو ته يقيني بڻايون ته ڪوبه ٻار بي تحفظ نه رهي. اسان جي مشن ۾ شامل ٿيو ته جيئن پوليو کي ختم ڪري هر ٻار جي صحت کي محفوظ بڻائي سگهون. گڏجي، اسان پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائي سگهون ٿا.

جيڪڏهن دنيا جو جائزو وٺجي ته پوئتي پيل آفريڪي ملڪن به پوليو مان جان ڇڏائي ورتي، مصر پڻ هڪ پوئتي پيل ملڪ آهي، جيڪو گهرو ويڙهه ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيو آهي، پر اهو ملڪ به پوليو کان پاڪ ٿي ويو آهي. اصل ڳالهه آهي انتظامي نيت، ارادي ۽ خلوص جي، پر ٻئي طرف اسان آهيون، جيڪي ٽي ڏهاڪا گُذرڻ جي باوجود به پوليو مان جِند ڇڏائي نه سگهيا آهيون. هن وقت صورتحال اها آهي جو پوليو ته پاڪستان جي جند ڇڏي وڃي، پر اسان پوليو جي جند ڇڏڻ جي لاءِ تيار نه آهيون، اها سوني جهرڪي جيڪڏهن هٿ مان وئي ته اسانجا ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. اسان وٽ توڙي جو 30 سالن کان پوليو خلاف مهم هلندڙ آهي، پر پوليو ختم ٿيڻ بدران اُن جا نوان نوان ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، جيڪا نهايت تشويشناڪ صورتحال آهي. سڀ کان گهڻا پوليو ڪيس ته بلوچستان ۾ ظاهر ٿيا آهن، جنهن جو هڪ سبب وڏي پکيڙ ۽ ڏُورانهن علائقن تائين آسان رسائي نه هجڻ پڻ آهي، ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جي تعداد جي حساب سان سنڌ ٻئي نمبر تي آهي. خيبر پختونخواهه جتي پوليو مهم جي گهڻي مخالفت ٿيندي رهي آهي، اُتي پوليو ڪيسن جو تعداد سنڌ جي پوليو ڪيسن جي اڌ جيترو آهي. آخر پوري ملڪ خاص طور سنڌ ۾ پوليو مهم ڪامياب نه ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟ اهو هڪ اهم سوال آهي جنهن جو جواب سرڪار ئي ڏيئي سگهي ٿي، پر عام ماڻهوءَ جو خيال اهو آهي ته انتظامي سطح تي غير سنجيدگيءَ سبب گُهربل نتيجا حاصل نه ٿي رهيا آهن. پوليو جي خاتمي جي پروگرام ۾ آفيسرن کي تمام گهڻيون سهولتون ميسر آهن، پر پوليو ورڪرز جن کي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻو پوي ٿو، انهن کي نه سيڪيورٽي ميسر آهي ۽ نه ئي ڏورانهن علائقن تائين رسائيءَ لاءِ ٽرانسپورٽ ڏنو ٿو وڃي. سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال به پوليو مهم جي ڪاميابيءَ ۾ هڪ وڏي رُڪاوٽ آهي. قبيلائي تڪرارن سبب علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن، جنهن ڪري پوليو مهم جي جڙتو انگن اکرن وارن امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي. ٻيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آزاداڻي اچ وڃ پڻ پوليو جي وڌڻ جو سبب آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي ڪابه حڪمت عملي مستقل طور ڏسڻ ۾ نٿي اچي. جيڪڏهن پوليو ورڪرن ۽ آفيسرن جا فنڊ ختم ڪيا وڃن ۽ کين ساڳي پگهار ۾ پوليو جو ڪم ورتو وڃي ته جلد ان جي خاتمي جو نتيجو سامهون اچي سگهي ٿو.