سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي تمام ٿورو لکيو ويو، پر ائين نه آھي ته نٿو لکجي، ھتي وڏو سوال آھي ته ڀلا ڇو نٿو لکجي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، پر منهنجي ننڍڙي ذھن موجب ان جو اھم سبب ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو ھئڻ ۽ ان ۾ شھرت جو نه ملڻ آھي، جيڪا عام فڪشن ۾ ملي ٿي. ٻارن لاءِ سوانح جي موضوع تي ھن کان اڳ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا جن ۾ پيغمبرن صحابي ڪرام اسلامي ھيروز مجاھدن يا سنڌ جي قومي ھيرن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آھن.
تازو مون آپا پروين موسيٰ ميمڻ جو سوانحي مضمونن جو ڪتاب پڙھيو. آپا پروين موسيٰ ميمڻ قاسماڻي ڏيپلي ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو. سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. پيءُ جي بدلين سبب سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ماتلي، عمرڪوٽ، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾، انٽرميڊئيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ پرائمري جي استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي. 1983ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب ۾ ۽ پوءِ 1988ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچرر طور ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص ۽ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين. مختلف ڪاليجن ۾ ڪم ڪرڻ بعد ايسوسئيٽ پروفيسر طور 2018ع ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي 2012ع ۾ ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورت ليکڪائن جو حصو: تحقيقي اڀياس” آهي. ادبي زندگيءَ ۾ سندس پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ۽ ٻيو “ماءُ جو دلاسو” (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) شايع ٿيا ۽ چند مضمون به لکيائين ته سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏانهن مڙي ويو. 2004ع کان سندس ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: (1) “جائزو ۽ لطيفيات، سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات” روشني پبلڪيشن (2004ع)، (2) “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد (2008ع)، (3) “اٿي رائو ريل” (2008ع)، (4) “آديسن ادب آهي اکڙين ۾” (2009ع)، (5) “سون ورنيون سوڍيون” (2009ع) ۾، محمد موسيٰ ميمڻ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي، طرفان شايع ڪيا ويا آهن. سندس ٻن ڪتابن “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” ۽ “وکر سو وهاءِ” کيHEC طرفان انعام سان نوازيو ويو آهي. 2010ع ۾ سندس ڪتاب “اٿي رائو ريل” کي سنڌي ادبي سنگت پاران تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي اوارڊ شيلڊ ڏني وئي. ان کان سواءِ سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي انعام ڏنا ويا آھن. آپا جا 26 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن جڏھن ته اٺ کان ڏھ ڇپجڻ جي انتظار ۾آھن. ھي ڪتاب جيڪو امر انسان ۾ ٻارن لاءِ مختلف شخصيتن تي مضمون آھن، سوانحي ادب غير افسانوي ادب جو اھم جز آھي ۽ مقبول ترين صنف پڻ جنھن کي گھڻو پڙھيو وڃي ٿو، سوانحي ادب ان ڪري به اھم آھي جو ھي ادب جو قسم ادب براءِ زندگي جي تصور سان گڏ زندگي جي حقيقتن کي اجاڳر ڪري ٿو. سوانحي ادب ۾ سوانحي مضمونن ۾ جيڪڏھن دنيا کي بدلائيندڙ اھم شخصتين تي ھجن ته پوءِ ڇا چئجي؟
سدا حيات شخصيتن تي سوانحي مضمونن جو ڪتاب امر انسان کان اڳ به ميڊم پروين موسيٰ ميمڻ جو نالو سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ ڪو نئون ناھي. ھن ڪتاب کان سواءِ ٻالڪ ادب تي به پروين صاحبه جو گھڻو ڪم ڪيل آھي، جن مان “ثاقب جي آئيس ڪريم” ٻاراڻين ڪھاڻين جو ڪتاب آھي، جنھن ۾ ٻارھن اصلاحي ڪھاڻيون آھن. ٻيو ڪتاب “سھڻا سخن” ٻارن لاءِ اصلاحي قولن جو ڪتاب آھي، جنھن ۾ قرآن شريف، حديث پاڪ سان گڏ انبياء ڪرام، اھل بيت، خلفاءِ راشدين ۽ ٻين عظيم شخصيتن جا قول ڏنل آھن. ٻارن لاءِ لکيل مضمونن تي ٻڌل ڪتاب “اخلاقي قدر” پڻ شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ڪتاب آھي. “اخلاقي قدر” ۾ ڏنل مضمون مختصر ۽ جامع لکيل آھن. ھي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو آھي. ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي ڪتاب آھن. سوانحي مضمونن جي ڪتاب “امر انسان” دنيا تي اثر ڇڏيندڙ شخصيتن بابت ڪتاب آھي، جنھن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. سڀ کان اول ٻنھي جھانن جي سردار “آقا نامدار رحمت العالمين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم” جن جي سيرت جي ضحيم موضوع کي ٽن صفحن جي مضمون ۾ مختصر طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، ان کانپوءِ دنيا جي عظيم عورت جنھن جي ھنج ۾ آقا ڪريم پليو جنھن جي ٿڃ پيتائين جنھن لاءِ سنڌي جي شاعر روحل ڪالرو “حليما ھنج تنھنجي ۾ وڌا ڪنھن لال ۽ گوھر” جھڙو نعتيه نظم تخليق ڪيو آھي، يعني بيبي حليمه سعدي رضي الله تعاليٰ عنھ جن بابت ھڪ مضمون آھي بيبي صاحبه جو ڪردار ۽ شخصيت بابت مضمون آھي. ان کانپوءِ يار غار حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنھ جي شخصيت بابت مضمون آھي جنھن ۾ پاڻ ڪريم صلم جن جي ساٿي يار غار اسلام کي قبول ڪندڙن ۾ اول لسٽ ۾ شامل ساٿي جي سچائي بزرگي دور خلافت بابت مختصر مضمون ۾ ٻارن لاءِ امر انسانن جي زندگين جو احاطو ڪيو آھي. سيدنا ابوبڪر رضي الله تعاليٰ کان خليفي ثاني سيدنا عمر فاروق رضي الله تعاليٰ جي زندگي جي سچي ڪھاڻي کي مضمون ۾ پيش ڪيو آھي. اھڙيءَ طرح ان کانپوءِ داماد نبي صلي الله عليه واله وسلم ٽئين خليفي سيدنا حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ جي سخاوت سھپ صبر بابت ٻارن لاءِ معلوماتي مضمون آھي. خلفاءِ راشدين جي آخري ڪڙي شجاعت جي تصوير داماد نبي صلي الله عليه واله وسلم سيدنا حضرت علي حيدر ڪرم الله وجهه بابت مضمون آھي جنھن جنم کان شھادت تائين جي داستان مختصر سادي پيرائي ۾ بيان ڪيل آھي. جيڪڏهن اسلامي تاريخ ۾ عورتن جي مقام و مرتبي جو ذڪر ھجي ۽ اتي پياري پيغمبر جي پياري نياڻي سيد الشھداءِ جي امڙ بيبي فاطمه الزھريٰ عليها السلام جو ذڪر نه ھجي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي. بيبي صاحبا جو ذڪر به بهترين مختصر مضمون ۾ ڪيو ويو آھي. ھنن مضمون ۾ جنھن شيءِ مون ـکي متاثر ڪيو اھا ھي آھي ته اسان وٽ ليکڪ اڪثر ڪري مذھبي مضمون ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي مسلڪ جي نمائندگي ڪري ويندا آھن، پر آپا جي مضمونن ۾ ڪٿي به اھو محسوس نٿو ٿئي ته اهو ٻارن جي ذھنن آڌار سادن لفظن ۾ ان کانپوءِ حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه ۽ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه عنه جن جي سوانح مبارڪ کي ٻارن اڳيان پيش ڪيو ويو آھي. سوانحي مضمونن جي ھڪ خوبي اھا آھي جو ان ۾ مختصر لفظن ۾ جامع معلومات اھم واقعن کي بيان ڪرڻ سان گڏ انھن شخصيتن جي ڪم ۽ ڪردار کي چٽيو ويو آھي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضي الله تعاليٰ جي خاص ڳالھ اھا آھي جو جيتوڻيڪ سندس دور بنو امي گھراڻي سان ڳنڍيل آھي، پر سندس دور صحاب يا خلفاءِ راشد جي دور جي يادگيري ڏياري ٿو. تابعي حسن بصري رحمت الله عليه جي شخصيت اسلامي تاريخ جي شاگردن خاص ڪري صوفياءِ يا علماءِ ڪرام لاءِ اڻ سڃاڻو ناھي، اويس قرني جي ماءُ جي خدمت جي ڪري آقا ڪريم جي ديدار کانسواءِ به اصحابي جو درجو ملڻ جو انوکو ذڪر به ٻارن جي معلومات ۾ اضافي سان گڏ ھڪ نواڻ جو احساس ڏياري ٿو. جڏھن پنھنجي وقت جون ٻه عظيم شخصيتون دعا ڪاڻ ھڪ فقيري ويس ڍڪيل سادي شخص وٽ وڃن ٿيون، انهن شخصيت سان گڏ پنھنجي دور سان گڏ ھر دور تي اثر ڇڏيندڙ فلسفي امام غزالي بابت ٻارن لاءِ مضمون ۾ اسلامي فلسفي جي امام بابت ڄاڻ ڏئي ٿو ته داتا گنج بخش قلندر شھباز يا سچل سرمست جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جي معروف شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جنھن جي شاعري سدا سائي آھي. وتائي فقير جا گفتا سنڌ جي ھر نسل ٻڌا آھن، پر آپا ان شخصيت بابت مضمون ۾ فقير جو تعارف سادن لفظن ۾ بھترين انداز ۾ ڪيو آھي. جڏھن سنڌ جي قومي ھيرن جو ذڪر اچي ته ھوشو شيدي جو نالو سڀني کان مٿي ھوندو ان قومي ھيري کي قوم جي نسل سان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ دنيا تي اثر ڇڏيندڙ فلسفين سقراط ۽ ارسطو سان مکاميلو ٿئي ٿو. ننڍي عمر ۾ دنيا فتح ڪندڙ سڪندر اعظم تي مضمون آھي، جڏھن انگلش ادب جي شيڪسپيئر کي به سنڌ جي ٻارن سان تعارف ڪرائڻ جو بھترين خيال آھي، انسانيت کي مختلف شيون ايجاد ڪري فائدو ڏيندڙ مشھور سائنسدان ايڊسن بابت مضمون به ھن حصي ۾ آھي، جڏھن سائنسجو ذڪر ھجي ته آئن آسٽائن کي ڪيئن وساري سگھجي ٿو. عالمي ادب تي اثر ڇڏيندڙ شخص برٽينڊرسل جنھن جو جڳ مشھور قول آهيت ته “انسان صرف ڪمائڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آھي” ان کي سنڌي ٻارن سان متعارف ڪرايو آھي، بقول سائين سرور نواز ٻگھيو موجب ٻارن تي لکڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوندو آھي، پوءِ ئي بھتر لکي سگھجي ٿو. آپا پروين موسيٰ ميمڻ جي ھن ننڍڙي سوانحي مضمون ۾ ڊگھي غير ضروري پٽاڙ کي ڇڏي ڪري صرف اھم ءَ ٻارن لاءِ سندس شخصيت يا علمي ڄاڻ ۾ مددگار شين کي ئي فوڪس ڪيو ويو آھي. محمد موسيٰ ميمڻ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيل مناسب قيمت واري ھن ڪتاب جو ھر گھر ۾ ھر اسڪول جي لائبريري ۾ هئڻ ضروري آهي.