ماسي دريا خاتون جو حيدرآباد وارو گهر، هڪ روايتي خوبصورت سنڌي گهر هو، جنهن ۾ داخل ٿيڻ وقت سڀ کان پهرين وڏو اڱڻ ايندو هو. جنهن کانپوءِ وڏو محرابي ورانڊو ۽ ورانڊي جي اندر هڪ وڏو سُفو ۽ سُفي سان گڏ ڪمرا. ورانڊي ۾ ورهاڱي کان اڳ جو خوبصورت فرنيچر، ڪرسيون ۽ ميزون پيل هيون، پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻو بمبيءَ جي واڍن جو ٺاهيل هندورو، پڪي ساڳ جي ڪاٺ مان ٺاهيل اهو هندورو ڪيئي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به نت نئون لڳندو هو. هندوري جي سرائي ۽ لوڏڻيءَ ۾ بيلجيم جي ٿلهي شيشي جا آئينا لڳل هئا، جن جي چمڪ به واهه جي هئي. جيتوڻيڪ گهر جي وڏي سفي ۾ هالا جي جنڊيءَ وارو هندورو پيل هو، پر ماسي دريا خاتون ڪڏهن به ان تي ويهڻ پسند نه ڪيو. صبح جو هوءَ ڪم ڪار لاهي ۽ ورانڊي ۾ پيل پنهنجي پسنديده هندوري ۾ اچي ويهندي هئي. چشمو لڳائي ڀرت به ڀريندي هئي ته نُهرن تي حڪم به پئي هلائيندي هئي. منجهند جو وري آرام به ان ئي هندوري ۾ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا پاڙي جي پوڙهي آئي ٿي ته پوءِ ٻئي ڄڻيون ان هندوري ۾ لڏندي ماضيءَ جي اونداهيءَ ۾ يادن جو ڏيئو کڻي ننڍپڻ جي تلاش ڪنديون هيون ۽ ماضيءَ جي سونهري دور کي ياد ڪندي ٿڌا ساهه کڻنديون هيون. هنن لاءِ ماضي هڪ خوبصورت سپنو هو ۽ حال هڪ ڊيڄاريندڙ حقيقت. ماضيءَ جا ڪردار هنن لاءِ سٻاجها، سادا، شريف ۽ انساني گڻن سان ٽمٽار هئا، سندن بار بار ذڪر ٿيندو هو، حال جي ڪردارن جو گهڻو ڪري ته ڪو ذڪر ئي ڪونه ٿيندو هو، پر جي ذڪر ٿيندو به هو ته صرف سندن مذمت ڪرڻ لاءِ.