بلاگ

اچو ته وڻ پوکيون ۽ ايڪو سسٽم کي بچايون

ڪجهه ڏينهن کان گرمي پد پنهنجي انتها کي پهچي ويو آهي. پکي پکڻ، جانور ۽ انسان شدت سان مينهن وسڻ جي لاءِ واجهائي رهيا آهن، پر مينهن چوي ته مان ڪيئن وسان؟ توهان ته منهنجي رستي ۾ ايتريون ته رڪاوٽون وجهي ڇڏيون آهن جو وسڻ لاءِ مون وٽ ڪو گس ئي ناهي بچيو. مون کي ياد آهي ته مان جڏهن ننڍي هوندي هئس انهن ڏينهن ۾ مون سون جا مينهن باقائدگيءَ سان وسندا هئا ۽ ان کانسواءِ وچ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن برسات وسي پوندي هئي، پوءِ آهستي آهستي موسمياتي تبديليون اچڻ شروع ٿيون ويهن سالن جي اندر موسمياتي تبديلي تمام گهڻي تيزيءَ سان اچڻ شروع ٿي وئي آهي. مون سون جا مينهن به باقائدگيءَ سان نٿا وسن. زمين اندر پاڻيءَ جا جمع ٿيل ذخيرا تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن، ڪيترائي وهڪرا خشڪ ٿي ويا آهن.

جيئن ته منهنجو تعلق ماتلي شهر سان آهي ان ڪري جڏهن ٻڌم ته ماتليءَ جي گوني سُڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي ته منهنجي اکين اڳيان اها گوني تري آئي جنهن ۾ گرمين ۾ تارو نوجوان ۽ ٻار پيا پُل تان ٽپا ڏيئي گرميءَ جي موسم جو مزو ماڻيندا هئا. گونيءَ جي پاڻيءَ جي گجگوڙ پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي پاسي کان وڻڪار هوندي هئي، جتي ننڍا ننڍا ٺيلا لڳل هوندا هئا ۽ ڪجهه ٿڪل ٽٽل ماڻهو وڻن هيٺان ستا پيا هوندا هئا. اڄ ان گونيءَ ۾ رڻ پيو واڪا ڪري، گونيءَ جي پيٽ ۾ خشڪ واري هوائن سان اڏامي پئي ۽ ماڻهن پنهنجا پيچرا ٺاهي اندران کان گاڏين ذريعي اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ائين وقت سان ڪيتريون گونيون، کوهه، چئنل، واهه، ڪئنالون ۽ موريون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن، جن پاڻين تي ماڻهن جون زمينون سون ۽ چاندي فصلن جي صورت ۾ آڇينديون هيون سي زمينون اڄ ڪنهن بيواهه عورت وانگر بنا ڪنهن سونهن ۽ سينگار جي ڪلراٺجي ويون آهن. انهن زمينن جا مالڪ پنهنجين زمينن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي زارو قطار روئن ٿا ته سنڌ جي سائي سينڌ ڪيئن نه سڪندي وڃي.

هاڻي اچو ته گڏجي سوچون ته هيءَ ڌرتي رڳو انهن ڌرين جي آهي جيڪي حڪومتن ۾ ٿيون ويهن يا هيءَ ڌرتي ماءُ اسان سڀني جي آهي جنهن جي سيني مان صاف شفاف پاڻي پي اسان حياتي ماڻي آهي. ان پاڻيءَ جي کوٽ اسان جي ڪيترن ئي ضلعن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وڻ نٿا پوکيون. جن علائقن ۾ وڻ وڌيڪ پوکيل هوندا آهن، ٻيلا وڌيڪ هوندا آهن اتي قدرت مهربان ٿي پوندي آهي ۽ موٽ ۾ مينهن سان نوازيندي آهي، پر اسان ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي آڙ ۾ سڄا ٻيلا ئي تباهه ڪري ڇڏيا، انهن جي وڻن جو والي وارث ڪير ٿيو ڪا خبر ناهي. وڻ به اسان جي زندگيءَ جو ائين حصو آهن جيئن اسان جي خاندان جا ٻيا فرد، اهي اسان لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا، اسان کي خوراڪ ڏين ٿا، هوا صاف ڪن ٿا، جڙي ٻوٽيون ڏين ٿا ۽ ڇانو ڏين ٿا پر سڀ کان وڌيڪ ته اسان جي ايڪو سسٽم کي جٽاءُ بخشين ٿا. ايڪو سسٽم ۾ وڻ، جانور ۽ انسان اچن ٿا انهن مان ڪنهن به هڪ جو نڪرڻ تباهيءَ جو سڏ هوندو آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻيلن جي زمين مخصوص ٿيل آهي ۽ هر سال ٻيلي کاتي وارا وڻ پيا پوکيندا آهن پر هتي اسان وٽ ٻيلي کاتي وارا ملي ڀڳت سان وڻ پيا ڪٽرائيندا آهن. اسان کي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ هڪ اهڙي پريشر گروپ جي ضرورت آهي جيڪو حڪومت جي ان سرگرميءَ کي ڏسي ۽ وڌيڪ وڻ پوکڻ لاءِ کين مجبور ڪري. ڪٿي به ڪو ماڻهو ڪنهن وڻ کي وڍي ته ان جو سبب پڇو ته وڻ کي ڇو پيو وڍيو وڃي، ايئن نه ڪيوسين ته ڌرتي بنجر بڻجي ويندي. هن وقت به ڪيترائي پکي ناياب بڻجي ويا آهن، جانورن جا نسل ختم ٿيندا پيا وڃن، مختلف بيماريون ڪر کڻيو بيٺيون آهن، انهن مان ڪيترن ئي مسئلن جو حل ساوڪ آهي. وڻن ۽ ٻوٽن جي صورت ۾ جتي ساوڪ ڌرتيءَ جي سينڌ کي سنواري ۽ سينگاري ٿي اتي اسان لاءِ مينهن جي صورت ۾ پاڻي به مهيا ڪري ٿي.

زاهده ابڙو