قومپرستن جي مقابلي ۾ حڪمران ڌر سان گڏ ويٺل پاڪستان پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو، ملڪ جي ٻيو نمبر وڏي پارٽيءَ جي دعويدار رڳو سنڌ صوبي جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ سئو ٻه سئو ماڻهو گڏ ڪري نالي ماتر احتجاج ڪيو. اڳواڻن سميت ڪنهن کي به خبر نه پئي ته اهو احتجاج ڪنهن جي خلاف ڪيو ويو. ڇو ته مرڪز ۾ صدر پيپلزپارٽي جو ويٺل آهي جنهن پنهنجي صحيح سان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏئي وري گڏيل اجلاس گهرائي ان مسئلي کي ختم ڪرڻ بجاءِ اهو چيو ته مان مطمئن ناهيان وفاقي حڪومت کي هڪ طرفو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته چئني صوبن ۾ گورنر پيپلزپارٽي جا ويٺل آهن. ٻن صوبن يعني سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومتون به پيپلز پارٽيءَ وٽ آهن. وفاق ۾ پيپلزپارٽي کانسواءِ ڪا حڪومت ئي نٿي ٺھي سگھي. ھاڻي حڪومت خلاف احتجاج به پيپلزپارٽي ڪيو. ڳالھه ڪنهن جي سمجھه ۾ نه آئي. عوام کي بيوقوف بنائڻو هو يا وفاق کان لاتعلقي ڪرڻ جو آغاز هو. ڇو ته زرداريءَ جو نعرو “کپي کپي” اڄ به ماڻهن کان نه وسريو آهي ۽ جيالا ان جو مقصد کپائڻ ئي ڪڍندا رهيا آهن. هن وقت صورتحال ڳنڀير ڏسڻ ۾ اچي ٿي!!! وفاق کان ملڪ جا ٽي صوبا بلڪل خفا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. احتجاج جو ھي سڄو ڊرامو ڀٽي جي ورسي تي پيپلزپارٽي طرفان ناراض سنڌي عوام گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. ڇو ته جيڪا ھن وقت سوشل ميڊيا تي صورتحال آھي ان مان پ پ قيادت بخوبي واقف آھي ته 4 اپريل تي ڀٽي جي ورسي تي سنڌي عوام ڪئنال واري متضاد مسئلي جي ڪري شرڪت نه ڪندو. ان ڪري وڏي مايوسي ۽ ناڪامي کي منھن ڏيڻو پوندو. تنھنڪري ھن ڀيري سنڌي ماڻهن جيئن ڪئنالن خلاف سوشل ميڊيا تي پاڻ ملھايو آهي، ايئن ئي سياسي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملھائڻ جي ضرورت آهي. دوکي جي ديوار کي هر حال ۾ ڊاهڻو آهي جيئن ڀٽي جي جانشينن کي خبر پوي ته واقعي سنڌ اگھور ننڊ مان جاڳي پئي آھي ۽ سنڌ جو عوام پ پ جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ھر ميدان ۾ پاڻ ملھائڻ لاءِ تيار بيٺو آھي. باقي جيڪڏهن ڪو اک جي پڪائي ڪري ورسيءَ ۾ وڃي ٿو ته سمجھي ڇڏجو انھن پنھنجي وطن، ضمير، عزت ۽ غيرت ھڪ برياني جي پليٽ عيوض وڪڻي ڇڏي آھي، جيڪو پنهنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ نٿو اٿي ان مان چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي!