ڪهاڻيوننئون ٻارن جو صفحو: پِتڪُو -ھڪ پِتڪڙو پوپٽ-3 May 13, 2025 Zahida Abro پِتڪُو، ننڊَ مان اُٿيو ته پنھنجي امڙ کي ھيڪل (اڪيلي) ڏٺائين.“امان، بابا ڪيڏانھن ويو؟” پتڪوءَ پڇيو. ڇو جو صبح سان ھو جيئن ئي جاڳندو ھو ته ھنَ جا ماءُ پيءُ کاڌ خوراڪ ڳولهڻ لاءِ نڪري ويندا ھئا.“مٿي وڻَ تان رسُ کڻڻ ويو آھي؟” پتڪوءَ جي امڙ وراڻيو.پتڪو، اَٿي ويٺو ته سندس ماءُ کيس گلاب جي رسُ جو ڦڙو پيئاريو. پوءِ ھوءَ پنھنجي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي.“بابا… بابا… منھنجا بابا توھان ڪٿي آھيو؟” پتڪوءَ پنھنجي دوست شوزو جو آواز ٻڌو. پتڪو پنھنجي گلَ تان اُٿي ڏٺو ته شوزو سڄي باغيچي ۾ اڏامندي پنھنجي پيءُ کي سڏي رھيو ھو.شوزو جو آواز ٻڌي ٻيا دوست به پنھنجي پنھنجي گل تان اڏري آيا.“ڇا ٿيو شوزو. تون پنھنجي پيءُ کي ڇو پيو سڏين؟” پتڪوءَ، شوزو کان پڇيو.“منھنجو بابا سوير ٻاھر ويو ھو. اڃان تائين ناھي موٽيو. مان انَ کي پيو ڳوليان.” شوزو ٻڌايو.اھو ٻُڌي سڀ ھڪَ ٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا.“پر اسان سڀني جا ماءُ پيءُ ته موٽي آيا آھن. تنھنجو بابا ڇو ناھي موٽيو؟” رومو پڇيو.اھو ٻڌي شوزو ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويو. ھن کي ياد آيو ته رات ھن پيءُ سان ضد ڪيو ھو ته صبح جو کيس ڇانھينءَ جي رسُ جا ڦڙا کپن. نه ته ھو نيرن ڪو نه ڪندو.ھن اھا ڳالهه پنھنجن دوستن سان ڪئي.“پوءِ ته ھو ٻه گهٽيون ڇڏي ميوا بازار ويو ھوندو.” ياسو چيو.“مان پنھنجي بابا ڏانھن ٿو وڃان.” شوزو گهر جي ٻاھرين ڀت ڏانھن اڏامندي چيو.“ٻاھر ماڻهو ۽ پکي آھن. اھي اسان کي پڪڙي ويندا.”رومو ڳڻتيءَ مان چيو.شوزو ھن کي ڪا وراڻي ڪونه ڏني ۽ اڏامندو رھيو.“شوزو ڪڏھن ڪڏھن ڏاڍو ضديرو ٿي پوندو آھي.” پتڪوءَ چيو.“رات به ھن ائين ئي ضد ڪيو ھوندو. تڏھن ته ھن جو پيءُ ساجهر ئي ٻاھر ھليو ويو.” رومو وراڻيو ۽ پوءِ سڀ دوستَ به پتڪوءَ جي ڪڍَ اڏامڻ لڳا.ٻاھر گاڏين ۽ ماڻهن جي ڏاڍي پيھَه (رش) ھئي. ھُو اڏامندا ھڪ گهٽي ٽَپي ويا ۽ ھڪ گهرَ جي وڏي ڀت سان گڏ اڏامڻ لڳا.“چِين… چِين…” ھڪ آواز ٻڌي ھنن سامھون نھاريو ته ڊڄي ويا. ھڪ جهرڪي، ھنن ڏانھن اچي رھي ھئي.“ھوشياري… جهرڪي اسان کي کائڻَ پئي اچي.” پتڪوءَ ڏاڍيان چيو.سڀئي تيز تيز اڏامڻ لڳا.جهرڪي جيئن ئي ڪجهه ويجهو پھتي، پتڪوءَ رڙ ڪئي.“ڀِتِ سان چُنبڙي پئو.”سڀئي پوپٽَ، ڀت سان چنبڙي پيا. جهرڪي مُنجهي پئي ۽ گهتَ ھڻي مٿي اڏامي وئي.“جلد ئي، سامهون واري گهٽيءَ ڏانھن ھلو.” پتڪوءَ وري هدايت ڏيندي چيو. سڀئي دوست ڀت تان اڏريا ۽ تڪڙ ۾ گهٽيءَ ڏانھن اڏامڻ لڳا. ھو سڀ گهٽيءَ جي ڪنڊَ وٽ لڳل بجليءَ جي ٿَنڀي ڀرسان پھتا ته ھنن ڏٺو، ساڳي جهرڪي تيزيءَ سان اڏامندي ھنن ڏانھن اچي رھي ھئي. ھُو ٿنڀي وٽ بيھي پرَ ھڻڻ لڳا.“ھاڻي ڇا ڪيون. جهرڪي ته اسان کي کائي ويندي.” رومو ذري گهٽ روئيندي چيو.سڀ ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويا. ھنن کي پڪَ ٿي وئي ته جهرڪي کين ڪونه ڇڏيندي. ھو سڀئي خوف ۾ ورتل نظر اچي رهيا هئا.جهرڪي ھنن جي ويجهو پھچي پنھنجي چُھنبَ کولِي ۽ ھنن تي لامارو ھڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي.“جلد ئي ھيٺ ٿيو.” پتڪوءَ زور سان چيو.اھو ٻڌي سڀني ھيٺ ٿيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ھنن جي ھيٺ ٿيندي ئي ھڪ آواز ٿيو.سڀ دوست اُتان پَري ٿي ڏسڻ لڳا. تيزيءَ سان اڏامي ايندڙ جهرڪي، پتڪوءَ جي چالاڪيءَ جو شڪار ٿي وئي ھئي. پوپٽن جي پري ٿيندي ئي ھوءَ پويان ٿنڀي سان وڃي لڳي ھئي ۽ ھيٺ ڪري ڦَٿِڪي رھي ھئي.“ھاڻي ڇا ڪيون؟” رومو پڇيو.“سِڌو گهر ھلو.” شوزو جي پيءُ جو آواز ٻڌي سڀني مٿي نھاريو.شوزو جو پيءُ کانئن ڪجهه ئي مٿي اڏامي رھيو ھو. ھن کي پيرن ۾ ڇانھينءَ جو ننڍڙو ٽڪرو جهليل ھو.“بابا” شوزو سرھائيءَ وچان چيو.“منھنجي پَرنِ تي اچي ويھو ته گهرَ ڏانھن ھلون. ھيءَ جهرڪي اُٿي ته پوءِ اسان کي نه ڇڏيندي.” شوزو جي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي سڀ ننڍڙا پوپٽ، سندس پَرن تي ويھي رھيا ۽ ھُو تيزيءَ سان گهر ڏانھن اڏامڻ لڳو.“وري ضد نه ڪجانءِ شوزو.” پتڪوءَ چيو.“مان توبھه ڪئي پتڪو.” شوزو وراڻيو.ڪجهه دير کانپوءِ ھو سڀ پنھنجي گهر پھچي، مزي مزي سان ڇانھينءَ جو رسُ پيئي رھيا ھئا.…(هلندڙ)… Post Views: 302