بلاگنئون

ٽرمپ جو عرب ملڪن جو دورو ڪهڙا نتيجا ڏيندو؟

13 مئي 2025 تي آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئن ڏينھن جي دوري تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر  جهڙن عرب دوست ملڪن وٽ اچي چڪو آهي. صدر ٽرمپ جو دورو تمام گهڻي اهميت جوڳو سمجهيو پيو وڃي، ڇو ته هڪطرف غزه ۽ اسرائيل جو معاملو آهي ته ٻئي طرف ايران جي ڳنڀير صورتحال طرف عرب ملڪن کي پاڻ سان ملائڻ آهي. جڏهن ته پاڪ ڀارت ڪشيدگيءَ کي گهٽائڻ پٺيان ٽرمپ جا جيڪي مقصد آهن انهن کي هن مضمون ۾ بيان ڪرڻ ضروري نه پيو سمجهان، پر ٽرمپ جي هن دوري ۾ انهن ٻنهي ملڪن جي ايجنڊا به ضرور شامل آهي. هن وقت آمريڪا پنهنجي خاص مددگار اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي رويي تي ظاهر طور ڪاوڙيل آھي. ان ڪري عرب ملڪن خاص طور تي سعودي عرب کي ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ان ۾ ئي پنهنجي عزت سمجهي ٿو ۽ عرب ملڪن تي هٿ رکڻ سندس مجبوري آهي. هن پنهنجي ڪردار کي شفاف بنائڻ لاءِ پهريان اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ کي روڪيو، پر اسرائيل ان تي عمل نه ڪيو وري روس ۽ يوڪرين جنگ روڪڻ ۾ اڳڀرو ٿيو، پر کيس ڪا خاص موٽ نه ملي. اهڙي طرح يمن جي حوثين سان ٺاهه ڪيو. تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سندس حڪم جاري ٿيو، پر ٻن ڏينهن بعد مودي جو بيان سامهون آيو ته پاڪستان سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. اهڙي بيان کانپوءِ ائين پيو لڳي ته اڃان موديءَ جي مستي ختم ناهي ٿي ۽ ڪيڏي مهل به جنگ ڇڙي سگهي ٿي.

بهرحال آمريڪا هن وقت معاشي بحران جو شڪار آهي. جنوري 2025ع ۾ ڊيوس اقتصادي فورم ۾ شرڪت ڪندي، صدر ٽرمپ سعودي عرب کان ھڪ ھزار ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو هو. ٽرمپ جو اهو مطالبو اهڙي وقت ۾ سامھون آيو جڏهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اعلان ڪيو ته سندس ملڪ ايندڙ چئن سالن ۾ آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ياد رهي ته 2017 ۾ سعودي عرب جي دوري دوران، ٽرمپ 350 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري حاصل ڪئي ھئي، جنهن ۾ 110 ارب ڊالرن جو هٿيارن جو معاهدو به شامل هو. ان دوران هو قطر کان اربين ڊالر حاصل ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيو ھو. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڪجهه دفاعي معاهدا شامل هئا، جن ۾ 2019 ۾ قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي ‘العديد’ جي مرمت لاءِ 8 ارب ڊالر بھ  شامل هئا. سيپٽمبر 2020 ۾، قطري پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته سندس ملڪ آمريڪي معيشت ۾ 200 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. ٽرمپ جي دوري لاءِ تياريون ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيون، جنهن ۾ سڀني لاڳاپيل سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي معاملن ۽ معاهدي کي سامهون رکيو پيو وڃي. ٽرمپ جو هي دورو علاقائي ۽ عالمي سطح تي اهميت جوڳو سمجهيو پيو وڃي. ڇو ته آمريڪا جو هن وقت تائين منافقانه رويو پوري دنيا لاءِ نقصانڪار رهيو آهي، هن وقت آمريڪا جو عرب ملڪن طرف اچڻ يقينن تيل تي نظر رکڻ آهي، ڇو ته عرب ملڪن جو وڏو سرمايو تيل ئي آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي رڪارڊ موجب، ٽرمپ جي تازي دوري کان اڳ 50 سالن ۾ سعودي عرب جا 12 آمريڪي صدارتي دورا ٿي چڪا آهن. اهي سڀئي پنهنجي تاريخي ۽ سياسي حوالي سان اهم هئا. اڄ جي تناظر ۾، صدر ٽرمپ جو دورو سرد جنگ جي خاتمي کان وٺي وسيع ترين علاقائي ۽ بين الاقوامي تبديلين سان ٺهڪي اچي ٿو. ماھرن جو چوڻ آھي ته سعودي عرب آمريڪا کي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت سمجهي ٿو، ان ڪري اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ توازن برقرار رکي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. گڏيل عرب امارات ۽ قطر ٽرمپ جي دوري کان اڳ ئي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري چڪا آهن. دبئي ۾ ٽرمپ آرگنائيزيشن، ٽرمپ انٽرنيشنل هوٽل ۽ ٽاور جي تعمير جو اعلان ڪيو آھي، جيڪو ھڪ ارب ڊالر جو منصوبو آهي. قطر ۾ 2 ارب ڊالرن جو ٽرمپ انٽرنيشنل گولف ڪلب جو به اعلان ڪيو ويو آهي. ٽرمپ پنهنجي دوري دوران نار ملڪن کي هڪ سياسي تحفي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. ان بابت ماھرن جو خيال آھي ته اھو تحفو آمريڪا پاران “خليج فارس” جي نالي کي “خليج عربي”  طور تي باقاعدي استعمال ڪرڻ بابت هوندو. ٽرمپ پنهنجي سعودي عرب جي دوري کي پنهنجن مطالبن جي منظوري سان مشروط ڪيو آھي. انهن جو مکيه مقصد اهڙا معاهدا آهن جن جي تحت سعودي عرب ۽ ٻين نار ملڪن کان پئسا آمريڪي معيشت کي بحال ڪرڻ  لاءِ اچن ۽ ان مقصد لاءِ آمريڪي هٿيار ۽ سامان جي خريداري به شامل آھي. ان ڪري سعودي عرب کي سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو، ڇو ته آمريڪا عراق جي صدر صدام حسين سان جيڪو ڪجهه ڪيو سو دنيا جي سامهون آهي. ساڳئي ريت اسامه بن لادن، بشارالاسد ۽ حزب الله جهڙن اڳواڻن پٺيان آمريڪا جو هٿ هو. اهڙي طرح پوري دنيا ۾ دهشتگردي آمريڪا جي سرپرستيءَ هيٺ ٿئي ٿي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته عرب ملڪ آمريڪا جي غلامي هيٺ اچي ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن لاءِ استعمال ٿين هونئن به ايران آمريڪي اقتصادي پابندين جي ڪري ڪيترين ئي اندروني مشڪلاتن کي اڪيلي سر منهن ڏئي رهيو آهي. بهتر ائين ٿئي ها ته سعودي عرب سميت سمورا اسلامي ملڪ خاص طور عرب ملڪ ايران سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آمريڪا ۽ اسرائيل جو مقابلو ڪن ها، ڇو ته يهودي پاڻ ۾ هڪ ٿي سگهن ٿا، پر ڪڏهن به مسلمانن جا دوست نٿا ٿي سگهن.