ايڊيٽوريلنئون

خضدار ۾ اسڪول بس تي دهشتگرد حملو

            بلوچستان جي شهر خضدار ۾ اسڪول بس تي دهشتگرد حملي سبب ٽن شاگردياڻين سميت پنج ماڻهو شهيد ٿيا آهن. اها خبر جڏهن پاڪستان جي عوام تائين پهتي ته هر پاڪستاني جي دل ۽ ذهن ڏک سان ڀرجي ويو. پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي آئي ايس پي آر مطابق اسڪول بس تي دهشتگرد حملو ٿيو آهي. آئي ايس پي آر وڌيڪ چيو ته انهيءَ بزدلاڻي حملي جي منصوبابندي دهشتگرد رياست ڀارت ۾ ٿي هئي ۽ بلوچستان ۾ ڀارت جي ايجنٽ تنظيمن انهيءَ ڀيانڪ منصوبي کي سر انجام ڏنو آهي.

            جنگ جي ميدان ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارت بلوچستان ۽ صوبي خيبر پختونخواهه مان پراڪسيز کان دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. دهشتگردي انساني احترام کان پنهنجو پاڻ کي پري رکي ٿي. انهن اسڪول ويندڙ ٻارن تي حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ 3 نياڻيون شهيد ٿي ويون آهن. بلوچستان حڪومت جي سرڪاري ذريعن اها ڳالهه ڪئي آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيڻ واري اها دهشتگردي ۽ اسڪول بس تي حملي جي تازي ڪارروائي انساني حياتيءَ جي خلاف آهي ۽ اسڪول ويندڙ ٻارن تي حملو فاشسٽ ۽ دهشتگرد تنظيمون ئي ڪنديون آهن.

             بلوچستان جي وزير اعليٰ چيو ته ڀارت جون ايجنٽ جماعتون بي ايل اي ۽ بي ايل ايف انهن حملن ۾ ملوث آهن، جن معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو آهي. هن حملي ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث هوندا انهن دهشتگردن کي چونڊي چونڊي جهنم واصل ڪيو ويندو. انهيءَ واقعي سبب پاڪستان جي وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪوئيٽا جو هنگامي دورو ڪري زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته قوم غير ملڪي حمايت يافته دهشتگردي جي خلاف جنگ کي ان جي منطقي ۽ فيصلا ڪُن انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڀارت جي جارحيت جي خلاف مضبوط عزم جو مظاهرو ڪري. پاڪستان جو عوام پرعزم آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي سالميت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ رياستي ادارا هاڻي دير نه ڪن. ملڪ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺي دهشتگردي جي خلاف جنگ شروع ٿيڻ گهرجي. جيستائين اسانجي ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ نه پٽبي تيستائين ملڪ جي ترقي ۽ سيڙپڪاري انهيءَ طرح نه ٿي سگهندي، جنهن شرح سان اسان جي ملڪ کي ضرورت آهي.

             اسان جي ملڪ کي تعليم، صنعت، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ واپار جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو آهي. بهتر مستقبل لاءِ اسانکي هڪ پرامن پاڪستان گهرجي. انهيءَ لاءِ ملڪ جو عوام عزم ڪري چڪو آهي ۽ انهيءَ اميد ۾ آهي ته اسان جا رياستي ادارا ۽ حڪومتون بدامني ۽ دهشتگردي جي خلاف آخري ويڙهه شروع ڪن. دهشتگردي سان لاڳاپيل تنظيمن جو انسانيت، رحم ۽ اخلاقِ آدميت سان ڪو تعلق ڪونهي. انهن کي مظلومن جو رت گهرجي. بيوس ۽ بي پهچ ماڻهون هميشه هنن جي نشاني تي هوندا آهن. دهشتگردن کي اهو ٻڌائي ڇڏڻ ضروري آهي ته دنيا جا جيڪي سياسي نظريا آهن. انهن ۾ دهشتگردي کي نفرت جي قابل سمجهيو وڃي ٿو ۽ دهشتگردن دنيا ۾ نه ڪڏهن فتح حاصل ڪئي آهي ۽ نه ملڪ آزاد ڪرايا آهن. دهشتگرد جيئن ته ٻاهرين طاقتن جا ايجنٽ هوندا آهن، انهن جي حڪم تي تن اسان جي ملڪ ۾ معصوم عوام جو رت وهائڻ شروع ڪيو آهي، پر سڄي دنيا جا سياسي ماهر انهيءَ ۾ يقين رکن ٿا ته دهشتگردن ۽ انهن جي تنظيمن جو ڪوبه مستقبل ڪونهي. آمريڪا ۽ چين انهيءَ انسان دشمن دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. ملڪ جي وزيراعظم بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ اهو اعلان ڪيو ته دهشتگردن جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم جي انهيءَ بيان کي حقيقت جو روپ وٺڻ گهرجي ۽ هڪ پرامن پاڪستان اسان جي ضرورت آهي.

            دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽڻ کانپوءِ خطي ۾ مستقل امن لاءِ ڳالهيون ٻولهيون ٿيڻ گهرجن ته جيئن اسان جو ملڪ مستحڪم ۽ خوشحال ٿئي. موجوده وقت ۾ ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام خضدار ۾ اسڪول بس تي ٿيل دهشتگرد حملي کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. انهيءَ يقين سان ته دهشتگردي ڪڏهن به کٽي نه ٿي سگهي. اسان کي پنهنجي ادارن تي يقين آهي ته اهي انٽيليجنس جي ادارن ۾ اڃان وڌيڪ ڦڙتيءَ سان ڪم ڪندا ۽ ان قسم جي دهشتگرديءَ جي واقعن کي رونما ٿيڻ کان اڳ روڪڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪندا.