هو چارئي گڏجي وسڪيءَ جي نشي ۾ هڪٻئي تي بوڇاڙ ڪرڻ لڳا. ڪاري ڪوٽ واري ٽنهي تي حڪم صادر ڪرڻ واري انداز ۾ ڄڻ ڪاDecree پاس ڪندو هجي، چوڻ لڳو؛
تمام ڳالهين ۽ نتيجن کي مدِ نظر رکندي منهنجو علم چوي ٿو ته هتي اسان ويٺلن مان ڪوبه زمزم سان ڌوتل ناهي، هن قوم جو ستياناس جيترو مون ڪيو آهي، اوترو ئي هن فلسفي ڳالهيون ڪندڙ اڇن وارن واري، هن ڊڪٽيٽر به وسان ناهي گهٽايو ته اتي هي ڦرڻي ڪرسي تي ويٺل پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهندڙ ۽ هي جيڪو هر وقت ميڊيا کي ڪوڙيون بريفنگون ڏيندڙ انتشار پکيڙيندڙ هن به ڪا ڪسر ناهي ڇڏي.
ان لاءِ اڄ کانپوءِ اهڙين پوتر ڳالهين ڪرڻ کان پاڻ کي باز رکو، ٻي صورت ۾ اسان سڀ قوم اڳيان وائکا ٿي چڪا آهيون، وڌيڪ ننگا ٿينداسون جنهن جو هي سڀ ماڻهو شدت سان انتظار ڪري رهيا آهن.
اڇن وارن واري عينڪ اکين تي سِرڪائي ۽ چوڻ لڳو؛ هن قوم اسان کي ڪٿي سڃاتو آهي. جي سڄاڻي وٺن ها ته
هي پنهنجو اولاد اسان جهڙن جي حوالي ڪن ها جيڪي ايڪويهين صديءَ ۾ به ٻارن کي شاعري، افسانا ۽ خاڪا پڙهائي انهن کي سئو سال پراڻين زندگين بابت آگاهي ڏين ٿا جنهن جو هن صديءَ ۾ ڪو ڪارج ئي ناهي. هاڻي اها ڳالھه ٻڌڻ سان ئي اوهان سڀ چوندا ته پوءِ مون اهي سڀ ڇو پڙهيا؟ اهوئي ته الميو آهي؛ جيئن مان پنهنجي دور سان گڏ هلي نه سگهيس ايئن ئي هي اڄ جو نوجوان پنهنجي دور سان قدم ۾ قدم ملائي هلي نٿو سگهي!
يار رمو تڪڙو برف کڻي اچ هن جو فلسفي آهستي آهستي جاڳيو آهي؛ هاڻي ايندو نه مزو ڏسجانءِ سقراط، بقراط جي هتي جاءِ ئي نه هوندي.
ها ته ڇا پيا فرمايو قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا؟
هاڻي ڏسو هي رمو به بي. اي پاس آهي، جيڪي ماسٽرس جي ڪورس ۾ ليکڪ، شاعر ۽ اديب مون پڙهيا… اهي هن رموءَ به پڙهيا هن ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ فرق فقط نوڪريءَ جو آهي… هي اوهان جو نوڪر آهي ۽ مان سرڪار جو… سرڪار به اها جنهن جا توهان پاڻ والي واحد آهيو معنيٰ ته مان رموءَ کان ئي چَٽ ٿيس؟