متحده مجلس عمل 2002 ۾ هڪ مخالف پارٽي جي طور تي قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد پرويز مشرف جي آمريڪا نواز پاليسي جي مخالفت ڪرڻ هو. هي اتحاد مذهبي پارٽين جو هو، جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام، تحريڪ جعفريه پاڪستان، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جمعيت اهل حديث ۽ جماعت اسلامي پاڪستان شامل هيون. 2002 ۾، انهن پرويز مشرف جي خلاف متحد ٿي چونڊون وڙهيون، پر پارليامينٽ ۾ هڪ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيا. جڏهن ته خيبرپختونخواهه صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ ٽن سيٽن کان علاوه صوبي ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي. ان کان علاوه انهن سنڌ صوبي ۾ 5 سيٽون، پنجاب صوبي ۾ 3 ۽ بلوچستان صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ 6 سيٽون کٽيون. انهن قومي اسيمبلي جي ڪل 342 سيٽن مان 63 ۽ سينيٽ ۾ 100 سيٽن مان 6 سيٽون کٽيون هيون. ڪراچي ۾ 2005 جي مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ڪري، متحده مجلس عمل ۾ ٻن وڏين پارٽين ۾ اختلافن شدت اختيار ڪئي، جنهن کانپوءِ 2008 ۾ جو هي اتحاد باضابطه طور تي ٽٽي ويو. اتحاد جي ٽٽڻ کانپوءِ جماعت اسلامي، 2008 جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آڪٽوبر 2017 ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ايم ايم اي ۾ شامل مذهبي پارٽين جي اڳواڻن جو هڪ اجلاس سڏايو، جنهن ۾ متحده مجلس عمل کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ 6 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ متحده مجلس عمل کي بحال ڪرڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ائين ٻيو اجلاس نومبر ۾ جماعت اسلامي جي هيڊڪوارٽر منصوره لاهور ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ جماعت اسلامي سميت 6 مذهبي جماعتون شامل هيون. هن اجلاس ۾ اصولي طور تي ايم ايم اي کي بحال ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ هڪ گڏيل ايڪشن ڪائونسل قائم ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. جڏهن مذھبي جماعتن جو هي اتحاد ٺهيو هو ته بينظير ڀٽو ان کي “ملان ملٽري اتحاد” چيو هو ۽ بعد ۾ انهن سان پنهنجي حڪومت ۾ گڏ کڻي هلڻ تي رضامند ٿي وئي هئي. مطلب ته پاڪستان جي سياست پنهنجي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي. بهرحال آگسٽ 2018ع ۾ جماعت اسلامي باضابطه طور تي هن اتحاد کان الڳ ٿي وئي ۽ هي اتحاد غير فعال ٿي ويو.