ماتلي شھر مان گذرندڙ ٻن مکيه رستن تي حددخلين جي وڌڻ سان شھر اندر ٽريفڪ جا مسئلا ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي وڃڻ سبب، ماتلي جي مين بس اسٽاپ کي شھر کان ٻاھر باءِ پاس روڊ جي چوڪ تي شفٽ ڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آھن.
اھڙيون ڳالھيون وري گردش ۾ آھن، اختياريون مکيه رستن تان حددخليون ھٽائي انھن کي ويڪرو ڪري مين بس اسٽاپ ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاروبارن کي بچائڻ وارين رٿابندين ۾ ناڪام ٿيون آھن، ان ڪري اھڙو فيصلو ٿيڻ وڃي رھيو آھي، جنھن سان ھڪ خيال مطابق ماتلي شھر جي اندروني حصي جو ڪاروبار ۽ ملڪيتن جون قيمتون 50 سيڪڙو تائين ھيٺ ڪري سگھن ٿيون.
ڇو ته ھڪ لک آبادي واري ھن ڪاروباري مرڪز واري شھر ۾ ھڪ اندازي مطابق روزانو ٻھراڙين ۽ ٻين شھرن جا ھڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻھو اچن ٿا ۽ ضرورت جون شيون خريد ڪن ٿا. ايئن روزانو 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ ھڪ لک ماڻھو ھن شھر جي وچان ڪوسٽرن، وينن ۽ ٻين گاڏين ۾ سوار ٿي گذرن ٿا. جيڪڏهن انهن جو گذر وچ شھر مان نه ٿيو ته اتي جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيندو. وچ شھر جي روڊن، اهم گھٽين ۾ حددخليون اڃان به وڌي وينديون ۽ شھر جي خوبصورتي ۽ رونقون ختم ٿي وينديون.
جتي جتي باءِ پاس روڊن جي چوڪن تي بس اسٽاپ قائم ٿيندا آهن ته ماڻھو زندگي جي ضرورتن جون شيون اتان خريد ڪري اتان ئي واپس ٿي ويندا آھن، شھر اندر رڳو اھي ايندا جيڪي شھر ۾ رھن ٿا يا جن جو نادرا، مختيارڪار جي آفيس، ٿاڻي، اسپتال يا بينڪن ۾ ڪم ھوندو، ماتلي جو قديم مين بس اسٽاپ جتي چئن کان وڌيڪ روٽن جون ڪوسٽرون اچي گڏ ٿين ٿيون، انهيءَ کي باءِ پاس روڊ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي رٿابندي 2007ع کان ٿي رھي آھي.
2008ع وارين عام چونڊن بعد پ پ حڪومت اچڻ سان انھن رٿابندين تي عمل نه ٿي سگھيو. ماتلي کي اربين رپين جو بيوٽيفڪيشن پلان ملڻ کانپوءِ مين روڊ ڪنھن حد تائين ڪشادا ٿيا ته اھا ڳالھه اڃان ٿورو پوئتي ٿي وئي، مگر شھر مان گذرندڙ حيدرآباد بدين ۽ ٽنڊو غلام علي روڊ ناجائز حددخليون ھٽائي ايترا ڪشادا نه ڪيا ويا جيترا ٿيڻ کپندا ھئا، ان ڪري مکيه رستن جي ماتلي شھر واري حصي ۾ ٽريفڪ ھڪ وڏو عذاب ٿي پئي آھي، جنھن کي حل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون به ناڪام ٿي ويون آھن، 110 فوٽن جا ويڪرا روڊ 50 کان 60 فوٽن جا ويڪرا رھجي ويا آھن، ان ئي ھڪ سبب جي ڪري مين بس اسٽاپ شھر کان ٻاھر شفٽ ڪرڻ جا امڪان وڌي رھيا آھن، لڳي ٿو ته اھڙي ڪنھن فيصلي کي روڪڻ ھاڻ ممڪن نٿو لڳي.
ڪجھه خيال ھي آھن ته ماتلي شھر جا مين ادارا شھر جي اندر آھن، ان ڪري ماتلي شھر جي اندروني حصي جي ڪاروبار تي ڪو خاص فرق نه پوندو، پر عام خيال اھو آھي ته جڏھن روزانو ھڪ لک تائين ماڻھو شھر اندر ايندا ئي ڪونه، اھي شھر کان ٻاھر بس اسٽاپ جي چوڪن تي لھي اتان ئي پنھنجا ڪم ڪار لاھي اتان ئي نڪري ويندا يا شھر مان گذرندا ئي ڪون ته شھر جي ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسندو، ڪمرشل ۽ رھائشي ملڪيتن جون قيمتون به وڏي حد تائين ڪري پونديون، شھر جا رخ ئي بدلجي ويندا.