تازو آمريڪا پاڪستان لاءِ ٽيرف کي گهٽائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ 19 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويو آهي. وڌايل ٽيرف گهٽائڻ جي انهيءَ اعلان ۾ آمريڪا پاڪستان کي پنهنجي پاڙيسرين تي برتري ڏني آهي. آمريڪا جي رويي ۾ پاڪستان ڏانهن مثبت تبديلي نظر اچي رهي آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي جي نتيجي ۾ باهمي محصولن ۾ گهٽتائي ايندي. پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات جيڪي آمريڪا وصول ڪري ٿو. ٽيرف جي گهٽتائي پاڪستاني مصنوعات جي آمريڪا ۾ خريداري ۾ واڌ جو سبب بڻبي.
ملڪ جي وزيراعظم ميان شهباز شريف انهيءَ کي هڪ تاريخي معاهدو قرار ڏنو آهي. جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ۾ اضافو ڪندو. آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات بهتر ٿي رهيا آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي دوستي بهتري جي طرف ويندي اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي تاريخ پراڻي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا تعلقات واپار، زراعت، صنعت جي شعبي کان وٺي ملڪي دفاع تائين رهيا آهن. موجوده معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو. جنهن جي ڪري پاڪستان جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي اڃا بهتر ٿيندي. انهيءَ سان اهو به ٿيندو ته سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندا. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اهو پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ بهتر هوندو. خطي ۾ پاڪستان جي اهم حيثيت آهي.
پنهنجي جاگرافي ۽ پنهنجي طاقت جي ڪري دنيا جي اهم طاقتن سان پاڪستان جا تعلقات هميشه بهتر رهيا آهن. ٽيرف جي گهٽتائي واري تجارتي اڳڀرائي وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب ۽ آمريڪي وزير تجارت هاورڊ لٽنڪ جي اڳواڻي ۾ ٿي. اهم ڳالهه ڪجي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سان تجارتي معاهدي جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقات جي تاريخ اسانجي ملڪ جي قيام جيتري پراڻي آهي.
پاڪستان جڏهن 14 آگسٽ 1947 تي وجود ۾ آيو ته آمريڪا انهن ملڪن ۾ شامل هو جن هن نئين ملڪ کي جلد ئي تسليم ڪيو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر هيري ٽرومين ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي مارڪباد جو پيغام ڏنو. ڊسمبر 1959 ۾ يعني پاڪستان جي قيام جي 12 سالن کانپوءِ آمريڪي صدر آئيزن هاور پاڪستان جو دورو ڪيو. تعلقات جي انهيءَ طويل دور کي ڏسجي ته لاهين چاڙهين جي باوجود ٻنهي ملڪن جا تعلقات مستحڪم آهن ۽ موجوده وقت ۾ اهي مثالي آهن.
آمريڪا پاڪستان کي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. ٽيرف جي سلسلي جو تاريخي معاهدو انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته اسين ڪامياب ٿيا آهيون. جڏهن ته ٽيرف جي سلسلي ۾ گهڻا ئي ملڪ اڃا به ڏکيائين جو شڪار آهن. آمريڪا ۽ پاڪستان جا بهتر ٿيندڙ تعلقات اسان لاءِ اهم موقعو آهن ته اسين آمريڪا سميت سڄي دنيا کي متوجهه ڪري سگهون ٿا. اسان جي ملڪ کي صنعي ۽ زرعي شعبي ۾ ترقي ڪرڻي آهي. انهيءَ لاءِ اسان کي بين الاقوامي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. هن تاريخي معاهدي کانپوءِ انهيءَ جو امڪان وڌي ويو آهي ته دنيا جا سيڙپڪار اسان جي ملڪ ڏانهن ڌيان ڏيندا.
آمريڪا جي اسانجي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي ڀيٽ ۾ اسان ڏانهن ترجيح اهميت واري آهي. آمريڪا جون پاڪستان ۾ وڏيون اميدون آهن. ايندڙ سالن ۾ آمريڪا طرفان اسانجي ملڪ ۾ مختلف شعبن ۾ وڏي سيڙپ جي اميد ڪري سگهون ٿا. تيل جي ذخيرن کان وٺي دفاع تائين ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي انحصار ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ جو پاڪستان جون سرحدون ٻن اهڙن پاڙيسرين سان ملن ٿيون، جيڪي آمريڪا جو مسئلو آهن. افغانستان ۽ ايران کي آمريڪا مسئلي جي طور تي ڏسي ٿو. پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري به آمريڪا پاڪستان تي توجهه ڏئي رهيو آهي. ٽيرف گهٽائڻ واري پاليسي انهيءَ جو حصو آهي. اسين پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ انهيءَ تجارتي ڪاميابيءَ کي تحسين جي نظر سان ڏسون ٿا.