ڄامشوري پل کان باءِ پاس پالاري هوٽل واڌو واھ تي روڊ جو ڪم جاري آهي جنهن جي ضلعي انتظاميه طرفان نگراني ٿيڻ کپي افسوس سرڪاري تعميراتي ڪمن جي ڪابه نگراني نٿي ڪئي وڃي، رڳو ٺيڪيدار جا سپروائيزر ڪم پيا هلائين سر زمين تي ڪوبه ذميوار آفيسر يا انجنيئر موجود نٿو رهي جيڪو ڪم جي نگراني ڪري سگهي، نتيجي ۾ ڪم ۾ ڪافي ڪوتاهيون رهجي وڃن ٿيون. واڌو واھ تي هلندڙ ڪم ۾ پڻ ساڳي انتظامي لاپرواهي ڏسڻ ۾ آئي آهي. واڌو واھ جي ڀرپاسي موجود ڳوٺ يا رهائشي آبادي جو ڊرينيج جو ڇوڙ واڌو واھ ۾ رهيو آھي، روڊ جي تعمير دوران ٺيڪيدار کي ڊرينيج جو نالو، پائپ لائين يا موريون ٺاهڻ کپن ها ته جيئن روڊ جي تعمير کانپوءِ ڊرينيج جو پاڻي با آساني واڌو واھ ۾ وڃي سگهي، پر اهڙو ڪوبه ڪم نظر نه پيو اچي، نتيجي ۾ سڀاڻي ڊرينيج جي پاڻي سبب روڊ تباھ ٿي ويندو. واھ جي ٻنھي پاسن کان موجود رهائشي آبادي جي اچ وڃ لاءِ پليون پڻ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، پر افسوس بنا بنيادي ڍانچي جي روڊ تعمير ٿي رهيو آهي.
ٻيو تازو آٽوڀان روڊ جي تعمير ۾ روڊ تي پٿر وجهي روڊ کي هروڀرو ٻه فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي جنهن سان روڊ جي ٻنھي پاسن کان موجود رهائشي ۽ ڪمرشل جائيداد روڊ جي سطح کان هيٺ ٿي وئي آهي، جنهن سان تمام جائيداد جو ملھ ڪري سگهي ٿو يا ٻيو نقصان ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪم پڻ غلط ۽ نقصانڪار آهي. ان غلط عمل کي روڪڻ لاءِ متعلقه انجنيئر، آفيسرن، ٺيڪيدار کي سوچڻ کپي ۽ شهر جي جائيداد کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي. ايندڙ وقت تي نون ترقياتي منصوبن ۾ ان ڳالھ جو خيال رکڻ گهرجي ته جيئن ڪوبه روڊ پنهنجي پهرين سطح کان مٿي نه ٺاهيو وڃي. اهڙو هڪ واقعو ھالا ناڪا ۾ پڻ پيش آيو آهي جتي روڊ کي مٿي ڪرڻ خلاف ڪالوني جي رهواسين اعتراض واري ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ روڊ جو ڪم بند ٿي ويو، ٺيڪيدار پڻ مشڪل ۾ ڦاسي پيو آهي.
حڪومت کي اهڙن ترقياتي رٿائن تي عمل کان اڳ اڀياسي ڪم ڪرڻ کپي ته جيئن ترقياتي رٿائن کي ڪنهن به نقصان جو خطرو نه رهي.
ان کان اڳتي باءِ پاس کان نسيم نگر شهباز بلڊنگ واڌو واھ تي ٺهيل روڊ تي ٻنھي پاسن جي ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن جي پاڻي جو نيڪال پمپنگ اسٽيشن مان موٽر وسيلي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان روڊ کي نقصان پهچايو پيو وڃي، پر سرڪاري آفيسر خاموش آهن. ڪو به آفيسر سرڪاري روڊ کي نقصان پهچائڻ جو نجي بلڊر خلاف ڪو قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سر عام روڊ تي گندي پاڻيءَ جو نيڪال ڪيو وڃي ٿو. ضلعي انتظاميه سرڪاري ملڪيت جي نقصان تي مڪمل طور خاموش بڻيل آهي، ايتري تائين جو ججن جي نوٽيس، حڪم جي باوجود ڪا ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. واڌو واھ جيڪو حيدرآباد جو تاريخي واھ آهي ان تي روڊ ٺهڻ کانپوءِ هڪ گندي پاڻيءَ جو نيڪال ته ٻيو ڪار شورومن جو قبضو آهي، جنهن سان روڊ مڪمل طور پنهنجي ڪشادگي ۽ سونهن وڃائي ويٺو آهي. انتظاميه بيوس لاچار بڻيل ڏسجي ٿي. واڌو واھ تان شوروم جي منتقلي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال کي روڪڻ سان واڌو واھ جو قدرتي حسن بحال ٿي سگهي ٿو، جڏهن انتظاميه اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندي ته واڌو واھ شهر جي اهم شاهراھ طور نکري نروار ٿي پوندو.