بلاگنئون

مجبورين ۽ نظام جو ستايل سفيد پوش عوام

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جڏهن ماڻهو جدوجهد جي حالت ۾ روڊن تي نڪرندا آهن ته طاقتور ايوان به ڌڏي ويندا آهن. طاقتور حڪمران، وڏيون سيڪيورٽيون ۽ هٿياربند فوجون ماڻهن جي شديد احتجاج کي روڪي نٿيون سگهن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن مظلوم ماڻهو متحد ٿين ٿا ۽ پنهنجن بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿارين ٿا ته وڏا وڏا حڪمران ۽ مضبوط ترين حڪومتون به ٽٽي پون ٿيون. بنگلاديش کانپوءِ هاڻي نيپال جو مثال اسان جي سامهون آهن. بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد، جيڪا ڪيترن سالن کان اقتدار ۾ هئي، عوامي غصي جو شڪار ٿي وئي. عوامي تحريڪ ايتري تيز ٿي وئي جو آخرڪار کيس نه رڳو اقتدار، پر ملڪ به ڇڏي ڀڄڻو پيو. ٻئي طرف، نيپال ۾ به صورتحال اهڙي موڙ تي پهچي وئي جو وزيراعظم کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ذريعي ملڪ مان ڀڄڻو پيو. ڪاوڙيل ماڻهن وزيراعظم هائوس ۽ پارليامينٽ کي به باهه ڏئي ڇڏي. دنيا اهي سڀ منظر ڏٺا ۽ سبق سکيو ته جڏهن ماڻهو متحد ٿي، زيادتي، ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناانصافي جي خلاف اٿي بيهن ٿا ته ڪابه طاقت انهن جو رستو روڪي نٿي سگهي. جيڪڏهن اسان پاڪستان جي صورتحال جو جائزو وٺون ته اها سچائي سامهون اچي ٿي ته هتي به ماڻهو ڪيترن سالن کان مهانگائي، بيروزگاري، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ هوندي وڌندڙ قيمتن، خراب صحت، ناڪاره تعليمي نظام ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن جو شڪار آهن. حالت اها آهي ته هڪ عام ماڻهو لاءِ گذر سفر ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ٿيندو پيو وڃي. بجلي جا بل، گئس جون قيمتون، کير، چانور، ڀاڄيون، گوشت ۽ ٻيون ضروري شيون ان سطح تي پهچي ويون آهن جو سفيد پوش طبقي کي چيڀاٽيو پيو وڃي. اڄ پاڪستان ۾ هڪ مزدور، هڪ استاد، هڪ سرڪاري ملازم، هڪ رٽائرڊ پينشنر، سڀ هڪ ئي سوال پڇي رهيا آهن ته هي زندگي ڪيئن گذارجي؟ ان جي گهر جا خرچ، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان اٿڻ ويهڻ جا ايترا خرچ ٿي ويا آهن جو هن لاءِ اڪيلي سر گهر ۾ گاڏو هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جن علائقن ۾ گئس آهي اک ڇنڀ ۾ گذرندڙ مهيني کانپوءِ جڏهن بل ايندو آهي ته ان جا هوش اُڏامي ويندا آهن. کير، کنڊ، ڀاڄيون، گوشت ۽ داليون، سندس وس کان ٻاهر آهن۔ اولاد جا تعليمي خرچ آسمان کي ڇُهي رهيا آهن. حڪومت سرڪاري اسڪولن کي روز نئين پاليسي هيٺ آڻي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رهي آهي. جڏهن ته خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن جون فيون عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿينديون پيون وڃن. اسپتالن ۾ علاج جون بنيادي سهولتون موجود نه آهن، غريب لاءِ دوائون غائب آهن، جنهن ڪري هو پيناڊول گوري به خانگي اسٽور تان وٺڻ تي مجبور آهي۔ ڊاڪٽرن جون فيون ۽ دوائن جون قيمتون ايتريون وڌي ويون آهن جو مريض جي جان بچائڻ بدران کيسا خالي ٿي وڃن ٿا، پر بيماريءَ تي ٽڪي جو فرق به نه ٿو پوي. اهڙي ڏکئي وقت ۾، عوام اميد رکي ٿو ته حڪمران بي غرضي جو مظاهرو ڪندا، پنهنجا خرچ گهٽائيندا ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻندا، پر بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي. عام ماڻهن جي گهرن جي بجيٽ وڌندي رهي ٿي، پر وزيرن ۽ صلاحڪارن جون پگهارون 200 سيڪڙو وڌايون وڃن ٿيون. ننڍو ملازم طبقو هر شيءِ تي ٽئڪس ڀري ٿو، پر ايوانن ۾ ويٺل وزير عياشيون ڪري بنا ٽيڪس جي گهمندو رهي ٿو، سرڪاري گاڏين جا قافلا وڌندا رهن ٿا غير ضروري پرڏيهي دورا ڪري سرڪاري خزاني جي لٽ مار ڪئي وڃي ٿي ۽ عوام کي چيو ٿو وڃي ته صبر ڪريو، هي ڏکيو وقت آهي جلد گذري ويندو.

هي اهڙو رويو آهي جيڪو ماڻهن کي حڪومت کان وڌيڪ ناراض ۽ مايوس ڪندو. جيڪڏهن اهو رويو رهيو ته ملڪ اندر بغاوت پيدا ٿي ويندي. جڏهن حڪمران پنهنجي زندگي عياشين ۾ گذاريندا ۽ ماڻهن کي قرباني ڏيڻ جو سبق سيکاريندا آهن ته اهڙا ٻٽا معيار ماڻهن جي دلين ۾ ملڪ جي حڪمرانن لاءِ نفرت پيدا ڪندا آهن. ڇو ته برداشت جي هڪ حد آهي جيڪڏهن اها پار ڪئي وئي ته ماڻهو پنهنجي جان مان بيزار ٿي ويندا آهن. اسان کي عرب دنيا ۾ “عرب بهار” جي واقعن مان به ساڳيو سبق ملي ٿو، جتي تيونس کان مصر ۽ لبيا تائين، عوامي تحريڪن آمر حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪيو جيڪي ڏهاڪن کان اقتدار تي قابض هئا. پاڪستان جي ماڻهن ماضيءَ ۾ وڏن آمر حڪمرانن خلاف تحريڪون به شروع ڪيون آهن. ايوب خان جي دور ۾، شاگردن ۽ عوامي احتجاجن سڄي نظام کي لوڏي ڇڏيو هو. جنرل ضياءُ الحق جي 11 سالن جي سخت مارشل لا خلاف به ماڻهن بي خوف ٿي مهاڏو اٽڪايو ۽ ائين جنرل پرويز مشرف خلاف عوامي دٻاءُ به آخرڪار فيصلا ڪُن ثابت ٿيو. ان جو مطلب آهي ته پاڪستان جي ماڻهن وٽ به طاقت آهي ته جيڪڏهن اهي چاهين ته تبديلي آڻي سگهن ٿا.

اڄ پاڪستان جو هر شهري پنهنجن پنهنجن مسئلن جي بار ۾ دٻيل آهي. هڪ طرف بيروزگاري ۽ مهانگائي آهي ته ٻئي طرف ننڍا ڪاروبار ڪندڙ پريشان آهن. هاري پريشان آهن ته ڀاڻ، ٻج ۽ ڀاڻ سستو نه ٿيندو ته اهي فصل ڪيئن پوکيندا. زمينون بنجر بڻجنديون پيون وڃن. مزدور طبقو پنهنجي روزاني اجرت سان گهريلو خرچ پورو ڪرڻ جي قابل ناهي. اها صورتحال ڏينهون ڏينهن نهايت ڳنڀير بڻجندي پئي وڃي ۽ ان سبب ماڻهن جي دلين ۾ حڪمرانن خلاف ڪاوڙ ۽ نفرت مسلسل وڌي رهي آهي. سوال اهو آهي ته وسيلن سان مالا مال ملڪ هوندي اسان پريشان ڇو آهيون۔ حڪمران عوام جي ڀلائيءَ جا پروگرام ڇو نٿا مرتب ڪن؟ بهترين حڪمران اهو آهي ته عوام جي خوشحاليءَ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي، پر هتي ڪم ابتڙ آهي. هڪ وزير اقتدار ۾ پهچندي ئي هڪ گاڏيءَ مان پنج گاڏيون نوان بنگلا نيون زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪري ٿو جڏهن ته عوامي ڀلائيءَ جو ڪو پروگرام نظر نٿو اچي. ان صورتحال ۾ هڪ سفيد پوش ماڻهو ئي مار کائي ٿو۔ جيڪڏهن اها روش رهي ته ملڪ تباهيءَ طرف پهچي ويندو. انڪري پاڪستان جي مسئلن جو حل ڪنهن شارٽ ڪٽ پروگرام ۾ نه، پر هڪ جامع پاليسي ۽ عملي قدمن ۾ آهي. سڀ کان پهرين، اهو ضروري آهي ته حڪمران پنهنجي زندگي کي سادو بڻائين ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قربانيون ڏين. بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، غير ضروري ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ۽ بنيادي ضرورتن تي سبسڊي ڏني وڃي. ٻيو اهم نقطو ڪرپشن کي ختم ڪرڻ آهي. جيستائين وسيلن جو ذيان ٿيندو ۽ دولت صرف اشرافيه جي کيسي ۾ ويندي رهندي، تيستائين عام ماڻهو جي زندگي بهتر نه ٿي سگهندي. اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو قرض آهي، جيڪو اسان جا حڪمران  پنهنجي عياشين لاءِ وٺي رهيا آهن. اهي مسئلن کي وڌائي رهيا آهن. شفاف احتساب ۽ ميرٽ سسٽم قائم ڪرڻ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. ٽيون قدم تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ آهي. جيڪڏهن ماڻهن کي مفت يا سستي تعليم ۽ علاج فراهم ڪيو وڃي ته پوءِ زندگي ۾ انهن جا اڌ مسئلا پاڻمرادو گهٽجي ويندا. ساڳئي طرح، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ پڻ ضروري آهن ته جيئن نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مثبت رخ ۾ استعمال ڪري سگهن. عالمي واقعا پاڪستاني حڪومت لاءِ آئينو آهن. جيڪڏهن حڪمران وقت تي عوام جا مسئلا حل نه ڪندا، مهانگائي گهٽ نه ڪندا ۽ انصاف فراهم نه ڪندا ته پوءِ اهي ئي ماڻهو هڪ ڏينهن حڪمرانن جي گهرن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندا. عوام جو صبر ختم ٿي چڪو آهي. وقت جي ضرورت آهي ته حڪمران پنهنجا طريقا بدلائين ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن، جيڪي حڪمران عوام جي اميدن تي پورا نه لهندا آهن، انهن لاءِ اقتدار جا محل به جيل بڻجي ويندا آهن، انڪري حڪمرانن کي اڄ عوام جي ڀلي لاءِ سوچڻ گهرجي ته جيئن سندن آئندو محفوظ بڻجي سگهي.