ڏينهون ڏينهن وچ اوڀر جون حالتون هڪ نئين جنگ ڏانهن وڌي رهيون آهن، جيڪي اهڙي رتو ڇاڻ ۽ بربادي تي پهچي سگهن ٿيون، جنهن جو هن وقت اندازو ڪرڻ به مشڪل آهي. گذريل ڳچ عرصي کان اسرائيلي صيهوني رياست غزه کي موهن جي دڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هيستائين هڪ اندازي مطابق 60-70 هزار فلسطينين کي قتل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 90 سيڪڙو عام ماڻهو آهن. صيهوني فوج ان قتل عام ۾ پوڙهن، عورتن، ٻارڙن ايستائين ته اسپتالن جي بيڊن تي پيل زخمين ۽ مريضن کي به نه بخشيو آهي، پر حماس کي چٿڻ ۾ ناڪام ذهني مريض نيتن ياهو جيڪو اسرائيل جو جلاد وزيراعظم بڻجي چڪو آهي. هاڻي غزه ۾ جاري قتل ۽ بربريت کي ايران کانپوءِ قطر سان گڏ هڪ کليل جنگ جي صورت ۾ سموري علائقي ۾ پکيڙڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مسلسل جنگي حالتون ئي سندس اقتدار ۾ رهڻ جون ضامن آهن. ٻي صورت ۾ ڪرپشن جي سنگين ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندس، پر ان بنيادي مقصد کان هٽي ڪري به آمريڪا سميت مغربي سامراج کي خطي ۾ سڌي سنئين مداخلت ۽ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ. غزه ۾ جاري بربريت کان دنيا جو ڌيان هٽائڻ ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ جهڙا ارادا اسرائيل جي موجوده روين جي پٺيان سرگرم آهن، جنهن ۾ دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ۽ اهم ايراني ڪمانڊرن جو قتل ۽ ان کانپوءِ ايران تي بمباري، جنهن ايران کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسرائيل کي سڌي سنئين نشاني بنائڻ تي مجبور ڪيو ۽ جهڙي طرح هن وقت صورتحال نظر اچي رهي آهي ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته جنگ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري نه صرف سموري وچ اوڀر بلڪه ان کان به ٻاهر پکڙجي وڃي. ايٽمي هٿيارن جو استعمال، خطي جي رجعتي ۽ عوام دشمن رياستن جي خلاف ماڻهن جي ڪاوڙ بغاوتن جي لاوي جيان ڦاٽي پوي ۽ اڳ کان ئي تباهه ٿيل عالمي معيشت جي ڳوڙهي بحران ۾ ڌڪجي وڃڻ جي خوف کان سامراجي طاقتون بحيثيت آمريڪا، يورپ، روس ۽ چين اسرائيل کي وڌيڪ ڪنهن اشتعال انگيزي کان منع ڪري رهيون آهن، پر اهي تنبيهون، ڌمڪيون ۽ اپيلون نيتن ياهو جهڙي ذهني مريض کي روڪڻ جي لاءِ ڪافي ناهن.