انساني عضوا عطيو ڪرڻ جي جاڳرتا لاءِ ايس آءِ يو ٽي پاران واڪ
ڪراچي اندر ڪم ڪندڙ ايس آءِ يو ٽي پاران انساني عضوا عطيو ڪرڻ لاءِ جاڳرتا واڪ مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس آءِ يو ٽي جي مريضن، ڊاڪٽرن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن جاڳرتا مهم کي هلائڻ لاءِ ايس آءِ يو ٽي کي ٻين ادارن جو به ساٿ رهيو، جنهن ۾ هيومن آرگن ٽرانس پلانٽ ايسوسئيشن (HOTA) ۽ پاڪستان سوسائٽي آف نيفرولاجي (PSN)، پاڪستان ايسوسئيشن آف يورولاجيڪل سرجريز (PAUS)، ٽرانس پلانٽيشن سوسائٽي آف پاڪستان (TSP) شامل هئا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد به هن واڪ ۾ شريڪ ٿيو. جنهن چيو ته هو عضوا عطيو ڪرڻ جي معاملي کان واقف آهي ڇاڪاڻ ته هن جي ڀاڻيجي کي به اهڙي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو هو. هن چيو ته معاشري جي هر فرد جي ذميواري آهي ته هو انساني خدمت جي عمل ۾ شريڪ ٿئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس آءِ يو ٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اديب رضوي چيو ته هن واڪ جو مقصد عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن معاشري ۾ انساني عضوا عطيو ڪرڻ جو رجحان وڌي. هن چيو ته اس آءِ يو ٽي پاران عضوا عطيو ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهو آساني سان پنهنجا عضوا عطيو ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته هر سال ملڪ ۾ ٻه لک ماڻهو عضوا فيل ٿيڻ سبب مري وڃن ٿا، ڪيترن ماڻهن کي عضوو عطيو ڪرڻ بعد نئين زندگي ملي سگهي ٿي. عطيو ڪندڙ هر هڪ ماڻهو ڪل 8 ڄڻن جي زندگي کي بچائي سگهي ٿو. ڊاڪٽر رضوي چيو ته هر سال هڪ لک جگر جي پيوند ڪاري جي ضرورت ٿئي ٿي، جيڪا صرف عضوا عطا ٿيڻ جي صورت ۾ ئي پوري ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي واڪ ۾ شرڪت ڪندڙن جي وڏي تعداد پاران فارم به ڀريا ويا جنهن ذريعي انهن واعدو ڪيو ته هو پنهنجي مرڻ بعد پنهنجا عضوا عطيو ڪري ويندا.

