تبديلي اڻٽر آهي، انسان ارتقا جي پيداوار آهي. جنهن مان هن تهذيبون جوڙي، ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ چنڊ ۽ مريخ تي قدم رکيا آهن. انسان مختلف تجربا ڪندي پنهنجن کنيل قدمن جو تجزيو ڪندي هڪ نئين نظام کي لاڳو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. نيو ورلڊ آرڊر جو اصطلاح 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ اقوام متحده، عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي قيام سان گڏ آمريڪي ۽ مغربي غلبي تي ٻڌل نظام هو، جيڪو 1990ع ۾ سرد جنگ ۽ سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا جي صدر جارج بش سينئر نيو ورلڊ آرڊر جو اصطلاح استعمال ڪري آمريڪي عالمي ليڊرشپ جي نئين دور جو اعلان ڪيو. وقت جي تبديلي هڪ نئين نظام کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ گهڻ قطبي نظام جي اڀرڻ جنهن ۾ چين ۽ روس جي نئين نظام جي ڪوشش شامل آهي. جنهن کي نيو گلوبل انيشيئيٽو سسٽم چئجي ٿو. تازو چين ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ميمبر ملڪن طرفان نيون رٿائون پيش ڪيون ويون. هن سمٽ ۾ چين طرفان اهم عالمي ۽ نوان قدم کڻڻ طرف اشارو ڏنو ويو آهي، جيڪو بدلجندڙ دنيا جي نئين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بيحد ضروري آهي.
جنهن ۾ پنج نقطا شامل آهن، جنهن جو مقصد سڄي دنيا کي گڏ ترقي وٺرائڻ آهي. هن وقت سڄي دنيا جي قسمت جو فيصلو چند ملڪ ڪن ٿا. هن وقت اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو غلام ۽ آقا جي فرق کي مٽائي سگهي جيڪو لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، پر ان ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ۽ دنيا ۾ هڪ پرامن ۽ روادار روايت جو قيام ڪري سگهي. پهريون نقطو تمام اهم آهي، نئون عالمي مالياتي نظام جنهن ۾ آمريڪي ڊالر تان انحصار گهٽائڻ، ميمبر ملڪن جي مقامي ڪرنسين ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ. ٻيون نقطو نئون عالمي سيڪيورٽي تصور جنهن ۾ سڄي علائقي جي سلامتي، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ علاقائي تڪرارن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششون جنهن کي چيني صدر شي جن پنگ جو عالمي سلامتي قدم چيو وڃي ٿو. ٽيون نئون عالمي ترقياتي تصور جنهن سان ملڪن جي وچ ۾ معاشي ترقي ۽ غربت گهٽائڻ لاءِ تعاون جو واڌارو. چوٿون علاقائي رابطا بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (BRI) ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ ٽرين، روڊن ۽ سامونڊي رستن ذريعي واپاري رابطن کي وڌائڻ. پنجون ويٽو سسٽم جو خاتمو، هن وقت عالمي نظام ۾ ويٽو سسٽم سڄي دنيا کي ڪنٽرول ڪري ٿو، هن نيو گلوبل انيشيئيٽو نظام ۾ انصاف تي ٻڌل نظام جي قيام بابت تجويزون ڏنل آهن ته جيئن انهن ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جي هٺ ڌرمي کي ختم ڪري برابر مشاورت ۽ فيصلي جو اصول قائم ڪيو وڃي. چين مطابق ان کي سلامتي ڪائونسل ذريعي ئي لاڳو ڪيو وڃي، جنهن ۾ وڌيڪ ملڪن کي شامل ڪرڻ جي رٿ ڏنل آهي. هن نظام تي اڃان غور ۽ فڪر شروع ٿيو آهي، جڏهن عمل ٿيندو ته دنيا ۾ ان جا مثبت اثر ڏٺا ويندا. اهو نظام عالمي طاقت جو ٻيهر ورهاڱو ڪندو، جنهن ۾ ايشيا جو ڪردار خاص طور تي چين جو عالمي معيشت ۽ سياست ۾ غير معمولي ڪردار نظر ايندو. تعجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته چين هڪ ڪميونسٽ نظريو رکندڙ ملڪ هجڻ جي باوجود برابري جي بنياد تي جمهوري سوچ رکي سڄي دنيا کي معاشي ترقي ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي. ايئن چئجي ته چين جي اندر “جمهوري روح” شامل آهي، جڏهن ته آمريڪا جيڪو جمهوريت جو علمبردار آهي، اهو سڌي طرح ٻين ملڪن جي آزاديءَ کي صلب ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو، انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري انهن مٿان پنهنجي مرضي مڙهڻ آمريڪا جو اصول رهيو آهي. ڏٺو ويو آهي ته چين ٻين ملڪن جي ذاتي معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ترقي وٺرائي هڪ نئين نظام کي دنيا اڳيان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. چين هڪ تاريخي طور تي وڏي ثقافت ۽ تهذيب جو وارث رهيو آهي، سندس اها وڏي سوچ نئين نظام کي قائم ڪرڻ ۾ نظر اچي ٿي. جڏهن ته آمريڪي قوم جن جا ابا ڏاڏا ڏوهاري هئا، انهن آمريڪا جي اصل رهاڪن ريڊ انڊين کي اتان ختم ڪري انهن جي سر زمين تي قبضو ڪيو ۽ اها سندن سوچ اڄ به سندن نظام جي اندر موجود آهي.
هن وقت چين عالمي سوچ جي هڪ اهڙي طاقت جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪا پنهنجي تهذيبي ورثي تي فخر ڪري ٿي ۽ پنهنجي ماضي جي انهن ڏينهن کي نٿي وساري جنهن ۾ انهن غلطيون ڪيون. سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا ان بدلجندڙ نظام ۾ پاڪستان جهڙا ملڪ ڪٿي بيٺل هوندا؟ يقينن اسان جهڙن ملڪن کي ٻن بلاڪن مان ڪنهن هڪ بلاڪ ۾ وڃڻ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. هن وقت دنيا جي تبديلي ٻڌائي رهي آهي ته اڄ جو نسل هڪ نئين سوچ رکي ٿو ۽ ان کي گهڻي عرصي تائين دٻائي غلام بڻائي نٿو رکي سگهجي. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان اندر هڪ نئين تعليمي ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي سکيا واري ڍانچي کي تيار ڪرڻ جي شروعات ٿيڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ رٽو لڳائڻ بدران پنهنجي نوجوان نسل کي مسئلا حل ڪرڻ سيکارڻا پوندا. انهن جي اندر اهڙي سوچ پيدا ڪرڻي پوندي جيئن هو پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان سوچي سگهن. ڊجيٽل دنيا جتي هينئر بيٺل آهي ان کان ڪيترا ڀيرا تيزيءَ سان اڳيان ويندي، ان لاءِ اسان کي نوجوان نسل کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تي ڪوڊنگ، ڊيٽا ايناليسس ۽ سائبر سيڪيورٽي جهڙا مضمون لازمي ڪرڻ گهرجن. گهٽ تعليم يافته نوجوانن کي اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪرڻ گهرجن، جتي اهي ننڍا ڪورس ڪري فري لانسنگ جو ڪم ڪري سگهن. حڪومت کي فري لانسگ جي حمايت ڪرڻي پوندي. وڏن شهرن سان گڏوگڏ ننڍن شهرن ۽ يونيورسٽين ۾ ٽيڪنالاجي جا انڪيوبيٽرس قائم ڪرڻا پوندا. اڄ جو نوجوان ملڪي پاليسين کان مطمئن ناهي. جيڪڏهن سندن ضرورتون پوريون نه ڪيون ويون ته ملڪ ۾ هڪ اهڙو وڳوڙ پيدا ٿي سگهي ٿو جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي لاءِ مشڪل ٿي پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته نوجوانن کي ذهني ۽ جسماني طور صحتمند ۽ ڪارائتو رکڻ لاءِ انهن جي مسئلن کي حل ڪري کين نوان موقعا ڏنا وڃن ته جيئن اهي هن ملڪ جي لاءِ نتيجو ڏيندڙ انسان بڻجي سگهن ۽ ايندڙ نظام ۾ فٽ ٿي سگهن.