موجوده وقت ۾ اظہار راءِ جي آزادي سخت امتحان ۾ آهي. تازو شايع ٿيندڙ اقوام متحده جي اداري يونيسڪو جي رپورٽ موجب دنيا ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته صحافين تي ٿيندڙ حملن ۽ دٻاءَ ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. عالمي سطح تي وڌندڙ پابنديون، طاقتور ڌرين جو ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي ڪنٽرول ۽ صحافين ۾ سيلف سينسرشپ جو رجحان 63 سيڪڙو تائين وڌڻ ڄاڻايو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته عورت صحافين تي آن لائين حراسمينٽ ۽ حملا 75 سيڪڙو تائين وڌي ويا آهن، جيڪي اظهار جي آزادي تي هڪ سنگين خطري جو اشارو آهن. اظہار راءِ ۽ معلومات جي آزادي بنيادي انساني حقن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تي ڪنهن به قسم جي پابندي سماج ۽ جمهوريت لاءِ وڏو نقصان آهي. ڳالهائڻ، لکڻ، سوچڻ ۽ اظهار ڪرڻ جو حق هر فرد کي يقيني طور ڏنو وڃڻ گهرجي، جيڪڏهن راءِ جي اظهارِ جي آزادي نه هوندي ته جمهوريت بي اثر، ڪمزور ۽ صرف نالي ماتر رهجي ويندي.
عالمي ميڊيا جي تبديلي ۾، نشرياتي ۽ پرنٽ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جو ڪردار نمايان ٿي چڪو آهي، پر سوشل ميڊيا ڪيڏي به طاقتور هجي، اها ڪنهن به صورت ۾ روايتي ميڊيا جو متبادل نٿي ٿي سگهي. نشرياتي ادارا ۽ پرنٽ جا نشرياتي اصول، صحافتي معيار ۽ پيشه وراڻه تحقيقاتي ڪم اهي اصول آهن جيڪي ڪنهن به صحافتي بلاگ يا پوسٽ سان سڌو ڀيٽ نٿا رکن. تنهنڪري عالمي سطح تي رياستن ۽ حڪومتن جو فرض آهي ته اظہار راءِ جي آزادي کي تحفظ فراهم ڪن ته جيئن جمهوريت، شفافيت ۽ بهتر حڪمراني جو عمل وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي.
اقوام متحده سميت ڪيترن ئي بين الاقوامي ادارن هميشه فرد جي ڳالهه ٻولهه جي آزادي کي بنيادي حق طور تسليم ڪيو آهي. اقوام متحده جي تيار ڪيل عالمي انساني حقن واري منشور ۾ راءِ جي اظهارِ جي آزادي کي هر انسان جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو آهي. جنهن مطابق “هر انسان کي سوچ، اظهار ۽ راءِ جي آزادي جو حق حاصل آهي.” هي حق عوام کي نه صرف حساس معاملن تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي ٿو، پر حڪومت جي ڪم ۾ شفافيت، احتساب ۽ عوامي راءِ جو مرڪزي ڪردار به يقيني بڻائي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته هن سال عالمي سطح تي اظهار راءِ جي آزادي ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ خاص طور تي صحافين جون زندگيون تحفظ کان محروم ٿي رهيون آهن، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحافين تي تشدد، گرفتارين ۽ سندن قتل ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي آزاد صحافت ۽ آزاد راءِ جي اظهار لاءِ انتهائي خطرناڪ علامتون آهن.
اظہار راءِ جي آزادي صرف صحافين تائين محدود ناهي، اهو هر فرد جو بنيادي حق آهي. ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ سوچ جي آزادي هجڻ گهرجي. اهي حق صرف ڪاغذ تي نه هجڻ گهرجن، پر عملي طور به هر ملڪ جي دستور، قانون ۽ عام سماجي سوچ ۾ جڙيل هجڻ گهرجن. انهن انساني حقن جو مجروح ٿيڻ سماج جي روح جي منافي آهي، جنهن سبب سماج ۾ مثبت تبديليون نٿيون اچي سگهن. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به اظہار راءِ تي زبردست پابنديون ۽ چئلينج موجود آهن. تازو شايع ٿيل “25-2024 پاڪستان ميڊيا فريڊم رپورٽ” اهو ظاهر ڪري ٿي ته اهڙا قانون ۽ پاليسيون لاڳو ڪيون پيون وڃن، جيڪي سڌو سنئون ماڻهن جي آزاد اظهار کي گهٽائين ٿيون.
اسان جي سماج کي آزادي سان ساهه کڻڻ جو حق آهي، نه صرف زباني، پر عملي طور به. اظهار راءِ جي آزادي هڪ اهڙو ٿنڀ آهي، جنهن کي مضبوط رکڻ سان ئي هڪ عوامي، باشعور ۽ ترقي ڪندڙ سماج وجود ۾ آڻي سگهجي ٿو. جيڪي سماج ان حق کان محروم آهن اهي چوڻ کان ته زنده آهن، پر حقيقت ۾ اهي مئل سماج آهن. حڪومتن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عوام سڀني جو گڏيل فرض آهي ته هن آزادي کي تحفظ فراهم ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۽ پابندين جي خلاف گڏجي آواز اٿارين.