مان ڇهين ڪلاس کان وٺي سرمد سنڌيءَ جو شيدائي رهيو هئس ۽ پنهنجي خرچيءَ مان هر آڊيو واليم وٺندو هئس. هن وقت به منهنجي لائبريري ۾ سرمد سنڌيءَ جون سموريون ڪيسٽون موجود آهن، توڙي جو ٽيپ رڪارڊر موجود ناهي. باوجود ان جي سرمد جون سموريون ڪيسٽون مون لاءِ وڏو اعزاز آهن. ڇو ته سرمد سنڌي (رحمان مغل) سنڌ جو تمام وڏو مشهور ۽ دلين کي ڇهندڙ راڳي هو، جيڪو خاص طور تي سنڌي صوفي، قومي ۽ لوڪ موسيقي جي ڪري سڃاتو ويندو هو يا ائين چئجي ته سرمد کانسواءِ هر محفل اڌوري هوندي هئي. هو انقلابي گيت ڳائي قوم ۾ اتساھ پيدا ڪندڙ هو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سرمد سنڌي پنهنجي سادي مگر اثرائتي آواز وسيلي سنڌي شاعري کي نئين زندگي بخشي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز استاد بخاري زاهد شيخ ۽ ٻين وڏن شاعرن جي ڪلام کي ڳائي عوام ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سرمد سنڌي جا گيت سنڌ جي سڃاڻپ، محبت، امن ۽ انسانيت جو پيغام ڏيندڙ آهن. هو سنڌ سان محبت ۽ قومي احساسن کي پنهنجي راڳ ذريعي اجاگر ڪندو رهيو، جنهن ڪري نوجوانن توڙي عام ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. سندس راڳ ۾ سچائيءَ جا سر، درد جو آلاپ ۽ ٻيجل واري ٻولي نمايان هوندي هئي.
اڄ به سرمَد سنڌي کي سنڌي موسيقي جو هڪ اهم آواز سمجهيو وڃي ٿو ۽ سندس گيت اڃان تائين ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهن. ڇو ته پاڻ سنڌ جو آواز شهر شهر گلي گلي پهچايو اهوئي سبب آهي جو کيس “سرمد” جو لقب به سنڌ جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد ڏنو هو. سائين جي ايم سيد، جنهن جي دورانديشي سنڌ جي ماڻهن جي صلاحيتن کي پرکي وٺندي هئي، هن نوجوان عبدالرحمان جي آواز ۾ اهو درد ۽ سچائي ڏٺي جيڪا سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪري ڪري رهي هئي. ان ڪري، هن کيس “سرمد” جي لقب سان نوازيو ۽ ماڻهن کان سندس اصل نالو وسري ويو، اڳتي هلي سرمد سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ ثقافت جو هڪ اڻٽٽ حصو بڻجي ويو.
سرمد پنهنجي فن جي شروعات ان وقت ڪئي، جڏهن سنڌ جنرل ضياءُالحق جي ڪٽر مارشل لاء ۾ سخت سياسي ۽ سماجي لاهن چاڙهن مان گذري رهي هئي. سرمد رڳو هڪ فنڪار نه، پر هڪ شعور جو نالو هو، جنهن سنڌ جي سورن کي نه رڳو عام ماڻهن جي دلين تائين پهچايو، پر سنڌي راڳ کي درٻارن ۽ خانگي محفلن مان ڪڍي عام ماڻهوءَ جي احتجاج جو ذريعو بڻايو. سرمد سنڌي جي شهرت جو سڀ کان وڏو سبب سندس قومي گيت آهن. جڏهن به سنڌ تي ڪو ڏکيو وقت آيو، سرمد جي آواز سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. سندس گيتن ۾ ڌرتيءَ جي مالڪي، قومي غيرت ۽ پورھيتن جي حقن جو ذڪر ڀرپور نموني سان ملي ٿو. هن “سنڌ جو ٻار، سورهيه بڻجي، حق گهرندو اڙٻنگ”
مارو لولي الو ميان، ’تنهنجي ياد جي وري آ وير‘ لڳي رهي ٿڌڙي هير، سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان، ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو سائو نه سلڙو جهانگي نه جهيلڙا مارو اڪيلڙا، تو اچڻ جي نه ڪئي مند آئي ويئي، پوءِ يار اڱڻ ايندين جڏهن منهن تي ڪفن هوندو، تو ڪنڌ ڪپيا سرويچن جا منهنجو نيٺ ته وارو اچڻو آ، ڪپڙا ڦاٽل تن تي پاتل ليڙون ليڙون پوتي ڙي، نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي سڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي، لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي، تنهنجي ياد جي وري آ وير لڳي رهي آ ٿڌڙي هير، هونئن ته مٽي چپٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان، جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين گهڻن کي اسان به روئاري وينداسين، اسان هجئون نه هجئون شل اوهانکي ياد هجئون، رنو گهڻو ٿم لڇيو گهڻو ٿم، ماروئڙن کي ڪيئن وساريان سانگيئڙن کي ڪيئن وساريان، ڏاڍو ساريندين منهنجي مئي کانپوءِ، وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو، رات آئي ويئي تون نه آئين ڪهي، هن شهر وفا جا ماڳ مٺا ويران گهڻا ٿيندا ٿا وڃن، او هند جا او سنڌ جا سنڌي ٻڌو هر هنڌ جا، اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهي، تو سواءِ ڏينهن ڏکيو رات زهر جهڙي آ، آئون ڪيئن سيج سمهان، ڏور گهڻو گهر گهاٽ، ڀر ۾ ڦاسي گهاٽ، اچ سونهن جا سائين هلي آ، حال ڏسي وڃ، اصول پيار جا اڳ ۾ سڄڻ سکيو آهين، چيٽ ۾ چئي ويو ايندس مان ڪتي به گذري ويئي، اسان جي سڏ ۾ آ سڪ سهڻا وڻئي ته وهواهه ڪندو هليو آ، هي ٻالڪ ٻالڪ هاريءَ جو، منهن ڇپرن لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون، ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي قومي گيت جھونگاري محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي طرح سندس سريلي آواز جا آلاپ وڏين محفلن ۾ پڻ گونجڻ لڳا ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف محفلن کي قومي گيتن سان گرمائي ڇڏيندو هو. وڏي ڳالهه اها هئي ته سرمد سنڌيءَ جو تعلق ڪنهن پيشه ور گائڪن جي خاندان سان نه، پر هڪ مذهبي گهراڻي سان هو، جتي ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نه سمجھيو ويندو هو. ان جي باوجود هن راڳ جي باقاعده سکيا ڳوٺ مان لالا عزيز، شاهد بزمي، استاد ظفر علي خان، ظهور خان زيبي ۽ بيدل مسرور کان ورتي. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳايو، هو اڪثر ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو ۽ شاعريءَ جي چونڊ ۾ مهارت رکندو هو. سندس ڪوشش هميشه اها هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ ڪئي ۽ سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي، کيس سنڌ جو ٻيجل چئجي ته غلط نه ٿيندو.