بلاگنئون

ڪوٽڙيءَ ڄائو شاعر راءِ بهادر سيٺ وشنداس جي ورسي جي نسبت سان

راءِ بهادر سيٺ وشنداس پارواڻي سيٺ وشنداس، سٺو شاعر ۽ صوفي منش ٿي گذريو آهي. درمحمد پٺاڻ صاحب جي تحقيق مطابق هي 7 جنوري 1843ع ڌاري ڄائو سندس ڄم جي هنڌ جي سلسلي ۾ ڪن محققن سندس ڄمڻ جي جڳھ ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو لکيو آهي ته ڪن ڄم جي جاءِ مانجهند لکي آهي. کيس “سيٺ وشنداس مانجهو وارو” به سڏيو ويندو هو. ڪن جو چوڻ آهي ته بنيادي طور تي سيٺ وشنداس ڪوٽڙي جو هو پوءِ ڪاروبار جي خيال سان جيئن سيٺ آسن داس سن جي ويجهو ڳوٺ خاصائي کان لڏي اچي مانجهند ۾ ڪاروبار ڪيو. اھڙيءَ طرح راءِ بھادر به ڪوٽڙي کان لڏي اچي مانجهند ۾ آباد ٿيو ته اتي جو ئي سڏرايائين. هڪ ڳالھ عرض ڪندو هلان ته مانجھند ست سئو سال اڳ به واپاري مرڪز رهيو. مون 2005 ۾ پنھنجي هفتيوار اخبار “تنوار” ۾ مانجهند تي هڪ مضمون لکيو هو ته درياءَ جي ڪپ جي  پاسي آباد هي شھر مانجهند جيڪو ست سئو سال پراڻو شھر آھي. ھن شھر جو ذڪر تاريخ مظھر شاھ جھاني ايڇ ٽي ليبرڪ پنھنجي ڪتاب “سنڌ جرنل انٽروڊڪشن” ۾ لکيو آهي ته مانجهند سنڌ جي واپاري رستي تي آهي اليگزينڊر برانس لکيو ته مانجهند ۾ واپاري بندرگاهه موجود آهي، مھر چند آڏواڻي پنھنجي سفر نامي کان علاوه مانجهند جي هندو واپارين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته مانجهند ۾ وڏي تعداد ۾ واپاري طبقو رهي ٿو. تاريخ اها ڳالھ پڻ ٻڌاڻي ٿي ته هندو واپاري سنڌ جا امير ۽ شاهوڪار سوداگر هئا.

انهن ڪاروباري، واپاري، سوداگرن مان جيڪي نالا مون ڳولهيا آهن اهي هن ريت آهن، جن ۾  سيٺ منگهر مل ٽيڪچند ڌانواڻي، سيٺ ڏيارام مانجھند وارو، سيٺ ڏوڏو مل، سيٺ آسن داس، سيٺ کٽو مل، سيٺ ايسر داس انھن ۾ سيٺ وشنداس ٺاراڻي جو به نالو به ملي ٿو. انهن ۾ مانجهند شھر ۾ رهندڙ راءِ بھادر جي لقب سان راءِ بھادر سيٺ منگهر مل ٽيڪچند ڌانواڻي به هو، جيڪو مانجهند ميونسپل چيئرمين ۽ صدر به رهيو، پر راءِ بھادر سيٺ وشنداس وري وڏو شاعر، درويش ۽ وڏو واپاري ٿي گذريو آهي. (ٻنهي کي لقب انگريزن کان مليو هو). راءِ بھادر سيٺ وشنداس جو والد به هڪ درويش ۽ شاعر هو، جنهن جا ڪيترائي مريد هئا. وشنداس جون ننڍپڻ ۾ پنڊتن ۽ فقيرن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، سندس طبيعت ۾ ويراڳ (دنياوي خواهش کان پري) هو. ان ڪري پنجاب جي ضلعي قصور ۾ هڪ ڳوٺ جايا نوالا ۾ ستگر گلاب داس جي قدمن ۾ وڃي ويٺو. ان جي روحاني رنگ مٿس گهرو اثر ڪيو، جڏهن کيس گروءَ وٽان موڪل ملي ته ڳوٺ اچي پهتو. هن ديانتدار شخص مخدوم امين محمد (ثالث) “پکن ڌڻي” کان وڃي دعا ورتي. امين محمد صديقي قريشي، سروري درگاهه جو تيرهون سجاده نشين، حضرت مخدوم محمد زمان رابع رح جو وڏو فرزند هو. پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو. سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين جنھن راءِ بھادر وشنداس کي عام مختيار ٿي ڪاروبار هلائڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪئي.

ڪاروبار ۾ ايمانداريءَ سان هُن پاڻ مڃرايو. مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ ذاتي ڪاروبار ڪيائين ۽ سنڌ جو ناميارو سيٺ بڻجي ويو. هن جا ڪارخانا ۽ مشينون مانجهند سميت باڊهه، کنڊو، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ مشهور هئا. يار ويس ۽ وڏو سماج سڌارڪ هو، تنهنڪري ‘راءِ بهادر’ جي نالي سان مشهور هو. پاڻ محفلن ۾ راڳين سان راڳ ۾ به سنگت ڪندو هو. پاڻ ساهت جو به مشتاق هو ۽ ڪيترائي ديـني ڪـتاب شايع ڪرايائين. اڪـثر ڪري ڇـپايل ڪـتاب مـسلمان خواهه هندن ۾ مفت تقسيم ڪندو هو. راءِ بهادر سيٺ وشنداس 1929ع ڌاري وفات ڪئي.