ايڊيٽوريلنئون

ڪراچيءَ جي هڪ حادثي کي بنياد بڻائي وفاقي وزير جو ارڙهين ترميم مٿان حملو

سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ جي علائقي صدر ۾ واقع گل پلازه ۾ 17 جنوري 2026ع تي هڪ خطرناڪ باهه لڳي، جنهن کي بروقت وسائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، پر جيئن ته باهه تيزيءَ سان پکڙجي چڪي هئي ۽ دڪانن جي اندر مختلف ڪيميڪلن مان ٺهيل سامان هجڻ جي ڪري باهه ٽئين درجي ۾ تبديل ٿي وئي. يقينن ان باهه ڪيترن گهرن جي چلهه وسائي ڇڏي ۽ ڪيترين ئي معصوم زندگين کي ڳڙڪائي وئي. ان باهه جي لڳڻ جا سبب ڪهڙا آهن انهن جي جاچ شفافيت سان ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پر سڀني کان وڌيڪ شايد هن وقت پيپلزپارٽي جي ضرورت آهي. هن وڏي حادثي جي پٺيان (ن) ليگ جي دفاعي وزير خواجه آصف قومي اسيمبلي جي فلور تي بيهي هڪ خطرناڪ راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا شايد گل پلازه واري باهه کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڇو ته اها راند پوري ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري سگهي ٿي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ وفاق کي هڪدم صوبائي حڪومت سان رابطو ڪري پنهنجي مدد آڇڻ گهرجي ها ۽ تحقيق لاءِ امدادي ٽيم موڪلڻ جي به آڇ ڪري ها يا هڪ وقتي رپورٽ تيار ڪري اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته جيئن جمهوريت دشمن قوتن جا وات بند ٿي سگهن ها، پر هتي ته وفاقي حڪومت جي دفاع واري وزير خود جمهوريت دشمنيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن حادثي کي هڪ ڍال بڻائي ارڙهين ترميم مٿان هڪ وڏو وار ڪيو آهي، جيڪو سندس پارٽي (ن) ليگ لاءِ به وڏي شرمندگيءَ جو سبب هئڻ گهرجي.

ارڙهين ترميم جيڪا هن ملڪ جو دفاع ڪري سگهي ٿي وفاق جو دفاع ڪري ملڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي، پر خواجه آصف جهڙا ماڻهو ان کي هڪ دوکو قرار ڏئي رهيا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ارڙهين ترميم کي پنهنجي حقيقي روح ۾ اڃان تائين لاڳو ناهي ڪيو ويو. ارڙهين ترميم جا جيڪي نتيجا صوبن جي عوام کي ملڻ گهرجن اهي اڃان تائين ناهن مليا، پر مستقبل ۾ ضرور ملندا. ڇا اسان ايئن چئي سگهون ٿا ته ارڙهين ترميم کان اڳ جڏهن اهي سڀ اختيار وفاق جي هٿ ۾ هئا تڏهن هتي کير ۽ ماکيءَ جون نهرون ٿي وهيون؟ هميشه ننڍن صوبن جا حق ڦريا ويا ۽ ننڍن صوبن کي مالي وسيلن کان محروم ڪيو ويو. جڏهن ته صوبن جا پنهنجا قدرتي وسيلا انهن تي استعمال ٿيڻ بجاءِ وفاق پنهنجي قبضي ۾ وٺي اسلام آباد ۽ پنجاب جي مفاد ۾ استعمال ڪيا. هن وقت ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ وفاقي حڪومت جنهن ۾ (ن) ليگ سڀني کان وڏي اسٽيڪ هولڊر آهي، اها هن حادثي کي بهانو بڻائي جمهوريت جي مٿان وار ڪري رهي آهي. هن وقت ڪمزور ئي صحيح، پر سنڌ ۾ چونڊيل بلدياتي نظام موجود آهي، جنهن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ۽ آئين مطابق بهتر ٿيڻ گهرجي، جيڪو نه پنجاب ۾ موجود آهي ۽ نه ئي اسلام آباد ۾. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي هميشه ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر ڪڏهن به سنڌ جي مسئلن سان چاهي اهو پاڻيءَ جو مسئلو هجي، ڪئنالن جو مسئلو هجي يا قدرتي وسيلن جو مسئلو هجي ڪڏهن به سنڌ جي عوام سان گڏ ناهن بيٺيون. اهي ٻئي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي وڇايل شطرنج جي بساط جا مهرا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل جهنگ ڪٽيو ويو ۽ انهن مان تمام قيمتي وڻ به ڪٽي پٽ ڪيو ويو. ڇو ته اتي هن وقت سي ڊي اي جو چيف هڪ ڪمشنر آهي، سڄو نظام بيوروڪريسي جي هٿ ۾ آهي. اتي جڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته عوام وٽ پنهنجو ڪو چونڊيل نمائندو موجود نه هوندو آهي ته ان کان اهي جواب طلب ڪري سگهن، پر ساڳي جاءِ تي ڪراچيءَ جي عوام وٽ هڪ ميئر موجود آهي، جنهن کي عوام جي عدالت ۾ بيهاري ان کان جواب طلبي ڪئي وڃي ٿي.

سنڌ حڪومت کي پنهنجون اکيون کولڻ گهرجن ۽ ان واقعي جي تحقيق ڪرائي اصل ذميدارن کي قانون جي ڪهٽڙي ۾ وٺي اچي. جڏهن ارڙهين ترميم جي مٿان وار ڪيو پيو وڃي ته اها جاچ ڪئي وڃي ته ڪٿي اها باهه ڪنهن سازش جو نتيجو ته ناهي؟ (ن) ليگ کي ڪراچي جا مسئلا ته نظر اچن ٿا، پر انهن کي پنهنجو پنجاب جو غير فعال بلدياتي نظام نظر نٿو اچي. ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي جنهن جي انتظاميه مختلف ادارن جي وچ ۾ ورهايل آهي. پيپلزپارٽي کي اها گهر ڪرڻ گهرجي ته جن علائقن ۾ سندس انتظامي ڪنٽرول ناهي اتان جون ذميدار انتظامي ڌريون پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ جيڪڏهن اهي ڌريون اتي ترقياتي ۽ انتظامي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿيون ته انهن جو ڪنٽرول پيپلزپارٽي کي قانوني طور تي حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي انهن سڀني سازشن کي سمجهي ٿي ۽ ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته پيپلزپارٽي کي سڀ کان پهرين گل پلازه جي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪراچيءَ ۾ غير قانوني طور اڏيل عمارتون ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي قانون کان مٿانهيون جيڪي به عمارتون تعمير ٿيون آهن انهن کي هڪدم بليڪ لسٽ ڪري مرحليوار ڊاهڻ شروع ڪري ۽ اڳتي ڪابه غير قانوني تعمير شهر ۾ نه ٿيڻ ڏئي. اهو سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، جنهن سان هوءَ پنهنجي حڪومتي رٽ کي ثابت ڪري سگهي  ٿي. ان لاءِ پيپلزپارٽي کي تمام گهڻا چئلينج به پيش ايندا، پر جيڪڏهن اهو سڀ همت ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو ويو ته عوام هميشه پيپلزپارٽي سان گڏ رهندو. ڏسجي ته ڇا پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت ۾ اهڙي سياسي جرئت موجود آهي جو اها عوام جي ساٿ سان ايڏو وڏو قدم کڻي سگهي ۽ گڊ گورننس جي بنياد تي اڳتي هلي پنهنجو مينڊيٽ حاصل ڪري سگهي.