بلاگنئون

ڇا آيت الله علي خامنائي تي حملي ۾ پنهنجن غداري ڪئي؟

حملي واري ڏينهن آيت الله سيد خامنائي جنگ کان اڻ ڄاڻ ھو کيس حملي جو اندازو ئي نه ھو ان ڪري ھو ايراني عملدارن سان ميٽنگ ۾ مصروف ھو. ان منصوبي جي سازش ڊسمبر ۾ ان وقت ڪئي وئي ھئي، جڏھن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فلوريڊا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ پھتو ھو. پھرين 14 جنوري تي حملي جو پروگرام ڪيو ويو ھو، مگر ڪجھه سببن جي ڪري اھو ملتوي ڪيو ويو ھو اھا خبر ايران کي پئجي چڪي ھئي. ان دوران ڳالھين وارو معاملو شروع ٿي ويو ھو جڏھن ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر ۽ مشير وٽڪوف جنيوا پھتا ته کين اڳواٽ ئي خبر ھئي ته ڪوبه معاھدو وغيره نه ٿيندو، ان ڪري ايران کي ڳالھين ۾ مصروف رکڻو ھو ۽ ڳالھيون ھڪ ڍونگ ئي ھيون ان دوران اھا به ڪوشش ڪئي وئي ته ان سازش جي خبر آيت الله سيد خامنائي کي نه پوي، ٻي صورت ۾ ھو وري بنڪر ۾ ھليو ويندو ۽ منصوبو ناڪام ٿي ويندو. ان منصوبي جا ڪجھه اطلاع ايران تائين پھتا ھئا، مگر ايران وڏي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ھو. جنيوا مان ڊونلڊ ٽرمپ کي پيغام ڏنو ويو ته ايراني ڳالھين لاءِ سنجيده ئي ناھن.

اھا خبر عمان جي پرڏيهي وزير کي پئجي چڪي ھئي جنھن پوري ڪوشش ڪئي ته ايران تي حملا نه ڪيا وڃن، مگر ڊونلڊ ٽرمپ کيس جواب ڏئي ڇڏيو ھو. پھرين رات جو حملا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو، مگر خبر پئي ته آيت الله سيد خامنائي صبح جو اجلاس طلب ڪيو آهي حملي واري ڏينهن آيت الله سيد خامنائي معمول مطابق ايراني عملدارن جو اجلاس ڪمپائونڊ ۾ طلب ڪيو ھو، عين ان وقت ئي ٻئي طرف ايراني انٽيليجنس جو اجلاس به ھلندڙ ھو. ھر حالت ۾ آيت الله خامنائي کي ٽارگيٽ ڪرڻو ھو آمريڪا کي اطلاع ملي چڪو ھو ته آيت الله سيد خامنائي ڪٿي ڪھڙي وقت اجلاس ڪري رھيو آھي ان ڪري آمريڪا موقعي جو فائدو وٺندي ھڪ ئي وقت 3 ھنڌن تي حملا شروع ڪري ڏنا ۽ آيت الله خامنائي تي حملو 28 فيبروري 2026ع بروز ڇنڇر جي صبح جو 9:40 منٽن تي ڪيو ويو ھو. آيت الله سيد خامنائي جي شھادت کانپوءِ فوري طور تصويرون آمريڪا کي ڏنيون ويون جنهن جو الزام جنرل اسماعيل قاني تي عائد ڪيو پيو وڃي. ان تصويرن ۾ آيت الله سيد علي خامنائي جي جسم تي بمن جا چٽا نشان موجود ھئا.

اڳئين جنگ ۽ موجوده جنگ ۾ ايران جي سياسي ۽ فوجي قيادت جي موت کانپوءِ، ايران اندر اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسين جي موجودگي ۽ نشانو بڻائڻ جي قابل اعتماد رپورٽن کانپوءِ، هڪ مضبوط موساد نيٽ ورڪ ۽ اعليٰ سطحي مدد جون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن. ان سلسلي ۾، ايراني انقلابي گارڊز جي هڪ اهم ڪمانڊر جنرل اسماعيل قاني جو نالو ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ايرانين پاران بار بار ذڪر ڪيو پيو وڃي. هو ايران جي آئي آر جي سي جي ماتحت قدس فورس جو سربراهه آهي. قدس فورس هڪ اشرافيه آپريشن فورس آهي جيڪا ٻاهرين ڪارروائين جي ذميوار آهي. جنوري 2020 ۾ جنرل قاسم سليماني جي قتل کانپوءِ قاني کي قدس فورس جي ڪمانڊر طور مقرر ڪيو ويو. قدس فورس جي ڪمانڊر، اسماعيل قاني تي اسرائيلي خفيه ايجنٽ هجڻ جو شڪ ڪيو پيو وڃي. هي دليل يا پروپيگنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر 1 مارچ 2026 تي ظاهر ٿيو، جڏهن، تازو آمريڪي-اسرائيلي حملي کانپوءِ آيت الله سيد علي خامنائي ۽ ٻيا اعليٰ اڳواڻ مارجي ويا، ايران جي قدس فورس جو ڪمانڊر اسماعيل قاني هڪ ڀيرو ٻيهر بغير ڪنهن نقصان جي بچي ويو. هي چوٿون وڏو واقعو آهي جتي هو بغير ڪنهن نقصان جي بچي ويو. جڏهن ته سندس ويجهن ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. سيپٽمبر 2024 ۾، جڏهن حماس اڳواڻ حسن نصرالله کي قتل ڪيو ويو، جنرل اسماعيل لبنان ۾ هو. افواهه پکڙجي ويا ته هو مارجي ويو آهي، پر هو جيئرو مليو. وري جون 2025 جي 12 ڏينهن جي جنگ ۾، ڪيترن ئي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو ۽ قاني کي به نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪئي وئي، پر هو ٻيهر بچي ويو. هاڻي 2026 ۾ سپريم ليڊر سيد علي خامنائي ۽ ٻيا مکيه اڳواڻ قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويا آهن ۽ انهن جي موت جي ڪابه قابل اعتماد تصديق ناهي. جنرل اسماعيل جو بار بار معجزاتي بچاءُ هاڻي سنگين شڪ پيدا ڪري رهيو آهي. هاڻي اهو عام ٿي رهيو آهي ته اسرائيلي حملي جي صحيح انٽيليجنس هڪ اندروني ذريعن کان اچي رهي آهي. قاني جو نالو ايراني سوشل ميڊيا ۽ وچ اوڀر جي حلقن ۾ بحث هيٺ آهي. بهرحال ايراني عملدارن انهن افواهن کي صيهوني پروپيگنڊا قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، پر “اڇوت” جو لقب سوشل ميڊيا تي سندس لاءِ عام ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اهو وچ اوڀر جي جاسوسي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ٺڳ يا غدار طور سامهون اچي سگهي ٿو.!!