8 مارچ عورتن جي آزادي ۽ جدوجهد جي لاءِ مڃيل عالمي ڏينهن، جنهن کي گڏيل قومن جي اداري تحت سڄي دنيا ۾ هڪ ئي ڏينهن تي ملهائي عورتون پنهنجي حقن جي حصول لاءِ آواز بلند ڪنديون آهن. سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍائين جي باري ۾ ڳالهايو ويندو آهي ۽ صنفي اڻبرابريءَ جي باري ۾ بحث ۽ مباحثا ٿيندا آهن ۽ هڪ سمجهه ڀريو معاشرو تعمير ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۽ تياري ڪئي ويندي آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان ڏينهن تي عورت رهنمائن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻو هجي ۽ اهي جلسن جي صورت ۾ جڏهن ٻاهر روڊن ۽ رستن تي نڪرن ، پنهنجن مسئلن لاءِ آواز اٿارين ۽ پوءِ عورتن کي گرفتار ڪري حوالات ۾ اماڻيو وڃي، ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي. 8 مارچ تي پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ۾ جڏهن عورتون هڪٻئي سان هم آهنگي ۽ هڪ جهڙائي جو اظهار ڪرڻ لاءِ جمع ٿيون ته ان ڏينهن انساني حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙ نامور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر فرزانه باري سميت ٻين ڪيترين ئي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن اهڙا واقعا پيش اچن جتي پرامن احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ ڊاڪٽر فرزانه باري جهڙي سنجيده سماجي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو وڃي ته رياست جي جمهوري ۽ اخلاقي ساک تي وڏا سوال اڀرن ٿا. حڪومت جي پاران اهو پيو چيو وڃي ته اسلام آباد ۾ قلم 144 لڳل هو ۽ انتظاميه مارچ جي اين او سي نه ڏني هئي. جڏهن ته عورت اڳواڻن جو چوڻ آهي ته انهن هڪ مهينو اڳ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي درخواست ڏني هئي. ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد قاضي علي رضا جو چوڻ آهي ته عورت مارچ جي ڪابه اين او سي نه ورتي وئي هئي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي عورتن کي ڪنهن به اين او سي وٺڻ جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟ ۽ جيڪڏهن اين او سي جي لاءِ درخواست ڏني وئي هئي ۽ اها نظر مان ڪڍي عورتن کي پنهنجي جلسي ڪرڻ جي موڪل نه ڏني وئي ته ان ۾ ڪير ڏوهاري آهي؟ ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته رياست پنهنجي آئين مطابق عورتن کي پنهنجا حق ڏيڻ يا اظهار جي راءِ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن جي خلاف طاقت جو استعمال عالمي سطح تي ملڪ جي تاثر کي خراب ڪري رهيو آهي. اهو عورتن جو بنيادي حق آهي ته عورت پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ان ڏينهن تي نڪري خوف جي ڪوڙين ديوارن کي ٽوڙي، پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 16، 17 ۽ 19 ۾ هر شهري کي گڏ ٿيڻ، تنظيم سازي ڪرڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڏنل آهي. پاڪستان جتي عورتن جي اسٽيٽس تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا ان ڏينهن عورتن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي بندوبست ٿيڻ کپن ها. عورتن کي جلسا ۽ جلوس ڪرڻ لاءِ پوليس جي مدد ڏني وڃي ها، پر ان جي ابتڙ پوليس عورت رهنمائن کي گرفتار ڪيو. اهڙو عمل عورتن جي اندر مايوسي ۽ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن عورتون ايندڙ سالن ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ ٻاهر نڪري نه سگهن ۽ آواز اٿاري نه سگهن. جڏهن رياست اهڙا علامتي عمل ڪري ڪنهن به مخصوص سماجي طبقي کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي يا خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته ان جا پنهنجا مخصوص مقصد هوندا آهن.
سڀ کان وڏو مقصد عورتن جي اندر وڌندڙ تيزيءَ سان عوامي شعور جنهن شايد رياست کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي ۽ ان خوف رياست کي مجبور ڪيو آهي ته هو ان شعور کي محدود ڪرڻ لاءِ عورت کي ان جي عالمي ڏينهن تي خوفزده ڪري جيڪا هن رياست لاءِ شرمندگيءَ جي ڳالهه هجڻ گهرجي. هن ڏينهن تي عورتن جو گڏجڻ، پلي ڪارڊ کڻي ان تي پنهنجن حقن جي لاءِ نعرا لکڻ، ڪيترن ئي حلقن کي خوفزده ڪري ڇڏيو آهي، پر هاڻي ان آواز کي ڪير به ڪمزور نٿو ڪري سگهي، اهو آواز ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو ويندو ۽ پکڙجندو ويندو ڪابه رياست، ڪوبه خطو، ڪوبه کنڊ هاڻي عورت جي ان آواز کي دٻائي يا هيسائي ڪمزور نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته عورت مارچ جي ڏينهن تي عورتن کي سهولتون ڏنيون وڃن، انهن جي جلسن ۽ جلوسن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پوليس يا رينجرز جو پروٽوڪول ڏنو وڃي ته جيئن عورتون محفوط انداز ۾ پنهنجا جلوس ڪڍي سگهن ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن. عورت رياست دشمن عناصرن ۾ شامل ناهي جو ان کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ موڪل جي ضرورت هجڻ گهرجي. جڏهن ته هن ملڪ ۾ مذهبي انتها پسند ۽ ٻيا ڪجهه اهڙا گروهه ملڪ کي بند ڪري ڇڏڻ واري صورتحال تائين وٺي ايندا آهن، جن جي خلاف هاڻي رياست کي هٿيار کڻڻا پيا آهن، پر عورت جيڪا هر اداري ۾ ويٺل مرد جي ماءُ به آهي، ڀيڻ به آهي، ڌيءَ به آهي ان کي ايئن هيسائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ رياست کي سونهين نٿو.