تاريخ 13 مارچ 2026ع تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پاڪستاني اختيارين (آءِ ايس پي آر ۽ وزارت اطلاعات) موجب اسلام آباد جي فضائي حدن ۾ ٻه سادي نموني جا ڊرون داخل ٿيا، جن کي سيڪيورٽي فورسن اليڪٽرانڪ سسٽم ذريعي ڪاميابيءَ سان انٽرسيپٽ ڪري ڪيرائي ڇڏيو ۽ اطلاعن موجب ڪوبه وڏو جاني يا مالي نقصان ٿيڻ کان بچاءُ ٿي ويو. عوام کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاعي ۽ سياسي معاملي ۾ انتهائي مضبوط ۽ فعال آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي گاديءَ جي هنڌ مٿان دشمن جو ڊرون ڪيرائڻ هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه ضرور آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي فضائي حدن کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جهڙپن واري صورتحال جي بجاءِ هڪ مڪمل جنگ واري صورتحال محسوس ٿي رهي آهي. افغانستان سان اسان جون سرحدون هر آپريشن لاءِ مڪمل طور بند آهن ۽ آپريشن “غضب للحق” هلي رهيو آهي. جنهن پاڪستان جي پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڏو ڌڪ هنيو آهي.
جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملي سبب اسان جي ايران واري سرحد به هن وقت غير محفوظ آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان هڪ انتهائي سنجيده صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ افغانستان ۽ ايران جون سرحدون دٻاءُ جو شڪار آهن، ماضيءَ ۾ صرف ڀارت تي ڌيان ڏنو ويندو هو. هن وقت ٻن مختلف سرحدن کي سيڪيورٽي جا خدشا چئلينج بڻجي اڀري آيا آهن. اهڙي وقت ۾ اسلام آباد ۽ پنڊيءَ تي دشمن جا ڊرون حملا پاڪستان جي سلامتيءَ تي دشمن جو کلم کلا وار آهن. افغانستان جيڪو اسان جو پاڙيسري ملڪ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ اسلامي ملڪ به سڏرائي ٿو، جنهن تي پاڪستان هميشه مهربان رهيو، مختلف طريقن سان ان تي احسان ڪيا، چاليهن سالن تائين انهن جي هڪ وڏي آباديءَ کي پاڪستان ۾ پناهه ڏني وئي، اهي ئي ماڻهو پاڪستان مخالف بڻجي پاڪستان لاءِ هڪ چئلينج بڻجي چڪا آهن. پاڪ افغان صورتحال جنهن ۾ هن وقت پاڪستان شديد دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي هڪ گهڻ رخي جنگ بڻجي چڪي آهي. جنهن جي لاءِ پاڪستان پنهنجون ڀرپور صلاحيتون استعمال ڪري ٽارگيٽڊ ڪلنگ ۽ پن پوائنٽ ايئر اسٽرائڪ ڪري رهيو آهي.
ان کان علاوه پاڪستان ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي استعمال سان دهشتگردن جي پناهگاهن تي اسٽرائڪ ڪري انهن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. 2021ع ۾ دوها معاهدي کانپوءِ آمريڪا افغانستان مان نڪتو ته پنهنجو جديد اسلحو افغان دهشتگردن جي حوالي ڪري ويو. جنهن جو سڌو سنئون نقصان پاڪستان کي ٿيو آهي، ڇو ته هن وقت اهو سڄو اسلحو جنهن ۾ هوائي جهاز، هليڪاپٽر، زميني گاڏيون، جديد هٿيار جن ۾ پستول، مشين گنون، گوليون، رات جو ڏسڻ وارا اوزار، اونداهي ۾ ڏسڻ ورا چشما، ريڊيو سيٽ پٺيان ڇڏيا ويا جيڪي هن وقت دهشتگردن جي هٿ چڙهيل آهن ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن کي انهن مسلح دهشتگردن کي سخت منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان هن وقت پنهنجن هٿيارن جي تياري ۾ خاص طور تي ننڍن هٿيارن جي تياري ۾ ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي چڪو آهي.جنهن ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. ان ۾ نه صرف جاسوسي وارا ڊرونز، پر حملي آور ڊرونز به تيار ڪري پاڪستان پاڻڀرو ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه پاڪستان وٽ ٻاهران کان ايندڙ ڊرونز کي انٽرسيپٽ ڪرڻ جي صلاحيت به موجود آهي، مطلب ته انهن کي نشانو بڻائي ناڪاره بنائڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي. دهشتگرد صرف اسان جي ملڪ کي مالي نقصان نه پهچائي رهيو آهي، بلڪه اهو ملڪ جي اندر نااميدي پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ اسان جي حڪومت کي گهرجي ته اها پوري قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙي ۽ هر ان سازش کي ختم ڪري جيڪا ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ملڪ اندر سياسي ۽ سماجي اتحاد پيدا ڪيو وڃي ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ آئين تي عمل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن پوري قوم متحد ٿي پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجن انهن ادارن سان گڏ بيهي سگهي. جڏهن ڪابه قوم متحد ٿي پنهنجي دشمن جي خلاف بيهندي آهي ته اها ڪڏهن به هارائيندي نه آهي. هن وقت پاڪستان جي عوام کي به پنهنجي دشمن جي خلاف متحد ٿيڻ جي اشد ضرورت آهي.