بلاگنئون

ادارن ۾ هراسمينٽ جي ڪوڙن الزامن جو وڌندڙ رجحان ۽ نتيجا

هراسمينٽ جي ڪوڙي الزامن مان مراد ته ھڪ ماڻھو تي بيگناھ الزام مڙھيا وڃن ته ھي اسان کي هراسمينٽ جو نشانو بڻائي رھيو آھي. جڏھن ته حقيقت ان جي ابتڙ ھوندي آھي. اڄڪلهه ماڻهو پنهنجون ذاتي دشمنيون ڪڍڻ، ڪنھن کي پنهنجي اڳيان جھڪائڻ، ڪنھن مان غير قانوني ڪم وٺڻ، ڪنھن عزتدار معاشري جي فرد کي اجايو پريشان ڪرڻ لاءِ زنا جا ڪوڙا الزام ھڻڻ، ھٿرادو ذھانت ذريعي جعلي فحش وڊيوز ٺاھي يا تصويرن کي غلط رنگ ڏئي کيس معاشري ۾ بدنام ڪرڻ کي ڪوڙي يا جعلي هراسمينٽ چئبو آھي. ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ هراسمينٽ جا ڪوڙا الزام مڙھي ڪنهن به اداري جي اعليٰ عھديدار شخص کي آساني سان بدنام ڪيو وڃي ٿو. ھنن ڪوڙن الزامن جا ڪيس سڀ کان وڌيڪ خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا. ھنن ادارن ۾ اڪثر اعليٰ عھديدار ئي ڪوڙن الزامن جو شڪار ٿين ٿا. مون ڪجهه ادارن جي اعليٰ عھديدارن کان سوال ڪيا ته ادارا پنهنجو ڪم چڱي ريت ڇو نٿا ڪن. ھنن مختلف مسئلا بيان ڪيا، پر ھنن ھڪ ڳالھه مشترڪه ڪئي ته عملي کي ڪم جو پابند ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو پابند ڪجي ٿو ته ھي ڪوڙا الزام مڙھي سوشل ميڊيا ذريعي اسان ادارن جي آفيسرن کي اجايو بدنام ڪن ٿا خاص ڪري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي ته ڪوبه ڪجهه نٿو چئي سگهي. عورتون جنسي ھراسمينٽ کي ھڪ خاص ھٿيار طور استعمال ڪن ٿيون. ائين نه آھي ته سڀ عورتون غلط الزام لڳائين ٿيون، ڪجهه عورتن کي واقعي ھراس ڪيو وڃي ٿو، پر اڪثريت عورتن جي جسماني ھراسمينٽ کي ھٿيار طور ئي استعمال ڪن ٿيون. اھوئي سبب آھي جو ادارا پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نٿا بڻائي سگهن. ھنن ادارن جي سربراهن تي ھيٺين عملي طرفان لڳايل الزامن جي جڏھن شفاف جاچ ڪرائي وڃي ٿي ته انهن مان اڪثر الزام ڪوڙا ثابت ٿين ٿا.

توڙي جو شفاف جاچ کانپوءِ متاثرہ شخص بي گناھ ثابت ٿي وڃي ٿو، پر پوءِ به ڪوڙي الزام ھيٺ آيل شخص ڏاڍو ڀوڳي ٿو. سندس اردگرد جي ماڻهن جو ھن تان اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو. ماڻهو کيس غير سنجيده شخص سمجهن ٿا ۽ ھن سان واسطا گهٽائي ڇڏين ٿا. ھراسمينٽ جي الزام ھيٺ آيل شخص جي نوڪري ۽ ڪاروبار تي به ڏاڍا منفي اثر پون ٿا. ھراسمينٽ جو الزام مڙھيل شخص پاڻ کي سماج ۾ اڪيلو سمجهڻ لڳي ٿو. اڪيلائي ۽ ماڻهن جي طنزيه روين سبب ھو ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب سندس طبيعت ۾ چڙ ۽ بخيلائي وڌي وڃي ٿي. ذھني سڪون نه ھئڻ سبب ھو زندگي کان بيزار ٿي وڃي ٿو ۽ ھو آپگهات ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏي ٿو.

عزتدار ۽ غيرتمند شخص ڏاڍا حساس ھوندا آھن، ھنن جي زندگي جو ڪُل سرمايو ئي عزت ھوندي آھي. جڏھن ڪو غير سنجيده شخص ھنن تي ڪوڙا الزام ھڻي سندن عزت کي ڇيھو رسائيندو آھي ته اهڙا ماڻهو زنده رهڻ کان موت کي ترجيح ڏيندا آهن. اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ ھراسمينٽ جي ڪوڙن الزامن جا واقعا وڌي رهيا آهن. اها ھڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنھن تي معاشري جي سنجيده فردن کي سوچڻ گهرجي. ڪنھن اداري يا تنظيم ۾ اھڙو واقعو پيش اچي ته فورن ان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ڏوھ ثابت ٿي وڃي ته ملزم کي ملڪ جي قانون تحت سزا ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن الزام ڪوڙو ثابت ٿئي ته الزام لڳائيندڙ کي به سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪنهن به غير سنجيده شخص جي ھمت نه ٿئي ته ھو اداري جي ڪنهن به عزتدار سربراهه خلاف اھڙا ڪريل الزام لڳائي کيس معاشري ۾ بدنام ڪري سگهي.