بلاگنئون

غير فطري معاشي ۽ سياسي اڻبرابري جا اثر

غير فطري معاشي ۽ سياسي توازن جي ڳري قيمت عام ماڻهو برداشت ڪري ٿو. مهانگائي ۾ واڌارو، غربت ۾ تيزي، تعليمي خرچن جو بار، غير يقيني تعليم جو لاڙو، صحت جي سهولتن جي اڻ هوند، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي ٻلي پير رفتار، ريسرچ نالي ماتر ۽ عوام انفرااسٽرڪچر جو زوال، اهي سمورا اهڙا اثر آهن جيڪي عوام جي صنعتي ۽ ڊجيٽل دنيا جي هر ڏينهن جي معاشي سرگرمين جي شروعات جو ڀنگ به آهي ۽ رينٽل معيشت  ۽ سياسي ڪنٽرول جي لاءِ تسليم ڪرايل بين الاقوامي اخلاقيات به. عالمي تيل جي قيمت ۾ جيڪو سياسي ۽ معاشي تعاون بڻايو وڃي ٿو، ان جو اصل وزن دنيا جا عام شهري گڏهن جيان کڻن ٿا، جڏهن ته نام نهاد حڪمران طبقي جي استحڪام ۽ داخلي ڪنٽرول جي لاءِ اهو نظام برقرار رهي ٿو. عالمي تيل جي قيمت محض پيداواري لاڳت يا نفعي تي دارومدار نٿي رکي، بلڪه اهو هڪ هٿرادو ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظام آهي، جنهن ۾ معاشي، سياسي ۽ جيو پوليٽيڪل عنصر گڏجي ڪم ڪن ٿا. سعودي عرب جهڙا ملڪ، جتي تيل ڪڍڻ جي گهٽ کان گهٽ لاڳت اٽڪل ٽي ڊالر في بيرل آهي. جڏهن ته آمريڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ قيمت چاليھه ڊالر آهي. خليجي ملڪ پنهنجي رينٽل معيشت ۽ داخلي طور تي غير پيداواري خرچن واري بجيٽ جي سبب کان قيمت کي بلند رکڻ تي مجبور آهن، انهن جا خرچ گهڻا آهن ۽ معيشت بنيادي طور تي تيل تي دارومدار رکي ٿي، ان ڪري اهي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت گهٽ نٿا ڪري سگهن ته جيئن داخلي استحڪام ۽ رياستي پروگرام جاري رکي سگهن.

انهن ملڪن ۾ معاشي ورھاست نه هئڻ جو بنيادي سبب صرف وسيلا يا ٽيڪنيڪي محدوديت ناهي، بلڪه حڪمران طبقي جون اوليتون ۽ ذهنيت به آهن. جڏهن رياست جي آمدن رينٽ تي مشتمل هجي ته نئون صنعتي شعبو يا مضبوط مڊل ڪلاس طبقو پيدا ڪرڻ سياسي خطرو سمجهيو وڃي ٿو. ڇو ته مڊل ڪلاس جي اڀرڻ سان اقتدار جي توازن، خود مختياري ۽ ذميواري جا مطالبا به سامهون اچن ٿا. رينٽل معيشت ۾ دولت جي ورهاست اقتصادي بنيادن تي نه بلڪه سياسي ڪنٽرول ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندي آهي. معاوضا ۽ سبسڊيز محنت جي نه بلڪه سياست جي نمائندگي ڪن ٿا. ان ڪري بجيٽ جا خرچ اڪثر غير فطري ۽ غير ضروري هوندا آهن. انهيءَ سياسي ضرورت سبب کان تيل کي High price تي وڪرو ڪرڻ معاشي مجبوري نه بلڪه حڪومتي حدبنديون ۽ ڏيهي استحڪام کي برقرار رکڻ جي حڪمت عملي آهي.

خليجي ملڪ theoretically مارڪيٽ ۾ قيمت کي دٻائڻ جي طاقت رکن ٿا، پر عملي طور تي مڪمل اجاره داري قائم نٿي رهي. ڇو ته ڊگهي عرصي تائين قيمت گهٽ رکڻ سانhigh cost  آمريڪن يا ٻيا پروڊيوسرز عارضي طور تي مارڪيٽ کان ٻاهر ته ٿي ويندا، پر اهي ملڪ ۾ پاڻ به مالي دٻاءُ ۽ ڏيهي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندا. عالمي تيل جي قيمت تي جيوپوليٽيڪل اثر به چٽا آهن. آمريڪا جي عالمي پوزيشن، خليج ۾ اتحادي پيداواري تعلقات قيمت جي فيصلن تي اثر وجهن ٿا. خليج جا ملڪ به ڏيهي توڙي پرڏيهي دٻاءُ ۾ رهن ٿا. ان ڪري پيداوار جا فيصلا صرف معاشي منطق تي نه بلڪه سياسي توازن ۽ عالمي لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي ڪيا ويندا آهن. نتيجو اهو آهي ته تيل جي قيمت محض پيداواري لاڳت يا محنت تي محدود ناهي بلڪه اها پوليٽيڪل اڪنامي، حڪمران طبقي جي اوليتن، رينٽل معيشت جي خاصيتن ۽ عالمي طاقتن جي تعامل جو نتيجو آهي. خليجي حڪمران طبقي جي اوليتن سبب معيشت ۾ تنوع گهٽ آهي، بجيٽ جا خرچ غير فطري ۽ غير پيداواري آهن ۽ قيمت تي سياسي ڪنٽرول غالب رهي ٿو. ان ريت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت مسلسل هڪ بناوٽي اڻبرابري واري نظام جو مظهر بڻجي ٿي، جيڪا سياسي، معاشي ۽ جيو پوليٽيڪل عوامل جي گڏيل اثرن سان جڙي ٿي. فطرت جي خلاف معاشي ۽ سياسي توازن جي قيمت دنيا جو عام شهري ادا ڪري ٿو. ڪٿي پنهنجو پاڻ کي ڳھه رکي، ڪٿي ٻارڙن جي خواهشن کي گهٽو ڏئي، ڪٿي جماليات جي حسن کي دفن ڪري، ڪٿي ناگهاني جانيون ڏئي ڪري، ڪٿي برزگن جي ڄنگهن کي کرڙيون هڻندي مرندي ڏسي ڪري، ڪٿي پنهنجي محنت جي ڪمائي کي مهانگائي ۽ غربت جي هٿان ڦرندو ڏسي ڪري ۽ ڪٿي ٻارڙن جي عزت کي تار تار ڏسي ڪري، اهو هڪ سڏڪندڙ تڙپندڙ انسانيت جو سماجي قبرستان آهي، جتي غير انساني ۽ فاشسٽ توازن جو ڀنگ بين الاقوامي اخلاقيات طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو. خاموشي ۽ عدم مزاحمت جي اهائي قيمت آهي جيڪا نسلن جي ڳچيءَ ۾ غلامي جو ڳٽ وجهي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ انهيءَ کي عالمي اخلاقيات جي نالي تي قبول به ڪيو وڃي ٿو.