فوجي عدالتن جو قيام فوج جي خواهش نه آهي قوم جي ضرورت آهي، ميجر جنرل آصف غفور
پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ملٽري ڪورٽن جو قيام فوج جي خواهش نه آهي، پر قومي ضرورت آهي، پارليامينٽ نه چاهيندي ته فوجي عدالتن ۾ توسيع نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ جو ڪرمنل جڊيشل سسٽم دهشتگردي جي مقدمن هلائڻ لاءِ مناسب نه هو ان ۾ بهتري جي ضرورت هئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن ۽ اهو قيام پارليامينٽ جي منظوري سان ٿيو آهي. فوجي عدالت جو تعلق لاپتا ماڻهن سان يا اهڙن ٻين معاملن سان نه آهي. 4 سالن ۾ 717 مقدمه فوجي عدالتن ۾ آيا آهن ۽ انهي عرصي ۾ 646 مقدمن جا فيصلا ڪيا ويا آهن. ڦاسي ٻڌايل مجرم به فوجي عدالتن ۾ اپيل ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته فوجي عدالتون فوج لاءِ هڪ اضافي ڪم آهن ملڪ جي سول عدالتن جو نظام تمام سست آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڇا فوجداري نظام موثر ڪم ڪري رهيو آهي. ملٽري ڪورٽن جو قيام فوج جي خواهش نه آهي، قومي ضرورت آهي. پارليامينٽ نه چاهيندي ته فوجي عدالتن ۾ توسيع نه ڪئي ويندي. اسان اهو ڪنداسين جيڪو پارليامينٽ اسان کي ٻڌائيندي.

