نئون

ساهيوال قتل ڪيس ۾ سي ٽي ڊي جو چيف ۽ 5 اهلڪار برطرف

حڪومت پنجاب پاران ساهيوال سانحي واري واقعي ۾ شامل سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ سي ٽي ڊي جو چيف برطرف، برطرف ٿيلن ۾ سي ٽي ڊي چيف ايڊيشنل آءِ جي طاهر راءِ، ايڊيشنل آءِ جي اظهر حميد کوکر، ڊي آءِ جي بابر سرفراز، سي ٽي ڊي ايس ايس پي جاويد قمر ۽ سي ٽي ڊي ايس پي شامل آهن. ڪيس جي، جي آءِ ٽي شروعاتي رپورٽ ۾ سي ٽي ڊي کي قصوروار قرار ڏنو ويو آهي. برطرف ٿيل ايڊيشنل آءِ جي طاهر راءِ ۽ ايڊيشنل آءِ جي اظهر حميد ۽ ڊي آءِ جي بابر سرفراز کي چيو ويو آهي ته اهي وفاقي حڪومت آڏو پيش ٿين. ٻئي طرف قتل ۾ شامل سي ٽي ڊي جا 5 اهلڪار به پنجاب حڪومت جي حڪم تي حراست ۾ ورتا ويا آهن. مقتولن ۾ شامل ذيشان حميد تي دهشتگردن سان رابطا هجڻ واري معاملي کي ثابت ڪرڻ لاءِ جي آءِ ٽي وڌيڪ وقت گهري ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو ته آپريشن 100 سيڪڙو صحيح هو پر ان ۾ ڪنهن کي به مرڻ نه گهرجي ها. بهرحال حڪومت ڏکويل خاندان سان انصاف ڪندي.