نئون

خزاني واري وفاقي وزير اسد عمر ٻيون مني بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو

ڪالهه پارليامينٽ ۾ ٻيو مني بجيٽ پيش ڪندي اسد عمر چيو ته نئون بجيٽ نه پر اصلاحي پيڪيج پيش ڪري رهيو آهيان. اسان کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ته جيئن ملڪ جي حالت سڌاري سگهون، ماضي وارين حڪومتن غلطيون ڪيون آهن اسان چاهيون ٿا ته انهن کي سڌاريون ته جيئن آئنده آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي. اڄ جي اپوزيشن وٽ ملڪ ڏهه سال رهيو ته هنن ملڪ کي 3 هزار ارب رپين جو مقروض ڪري ڇڏيو. جڏهن ته خسارو ڏيڍ هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هي سڀ بجلي جو نظام ٺيڪ ڪرڻ آيا هئا پر عوام مٿان قرضن جو بار رکي ويا آهن. قرض صرف ۽ صرف عوام کي واپس ڪرڻو هوندو آهي. مني بجيٽ بابت ڪجهه تفصيل ٽيڪس فائلرز جي بينڪنگ ٽرانزيڪشنز تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي. نان فائيلرن تي گاڏيون خريد ڪرڻ تي پابندي هئي جڏهن ته هاڻي انهن مٿان 800 کان 1300 سي سي جون گاڏيون خريد ڪرڻ جي پابندي هٽائي رهيا آهيون. جنهن سان گڏ انهن کي 50 لک تائين جي پراپرٽي خريد ڪرڻ جي به اجازت ڏيئي رهيا آهيون. نيوز پرنٽ جي امپورٽ ڊيوٽي ختم ڪري رهيا آهيون. ان کان علاوه غريب ماڻهن لاءِ گهر خريد ڪرڻ لاءِ قرض حسنا لاءِ 15 ارب رپين جي اسڪيم آڻي رهيا آهيون.